Showing posts with label گل گوماڻي. Show all posts
Showing posts with label گل گوماڻي. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (گل گوماڻي)

غزل
گل گوماڻي
تومان اهڙو نينهن هليو ويو،
ٿر مان جهڙو مينهن هليو ويو،
هيل به تنهنجي اوسيئڙي ۾،
ڏياري وارو ڏينهن هليو ويو،
ڪالهه مليو هو رستي ويندي،
ڌاريو هو ڄڻ ايئن هليو ويو،
دل جي ڌرتي پياسو ٿوهر،
کلندي بادل ڪيئن هليو ويو.
سوڳ ۾ آهي سنڌ سموري،
وڇڙي ماڻهو شينهن هليو ويو،
هوش اڏامي ويا گل منهنجا،

جاني پرتي جيئن هليو ويو.