دولت سندر سيڏيائي
ٿي گذري زندگي دربدر ڪيئن ڪجي،
هن سوا هي حياتي درگذر ڪيئن ڪجي،
سلڻ سور سندو ڪو ساٿي نه آ سنسار ۾،
واندڪائي م به ناهي ڪا وندر ڪيئن ڪجي،
هت رناسين رات ساري راهه گناهه رهبر لئه،
پر هن کي هن حقيقت جي ڪانهي خبر ڪيئن
ڪجي،
هي گل آ گلشن ۾ گلبهار بنا غم زده،
ناهي چمن ۾ چهچٽو چارئي پهر ڪيئن ڪجي،
ڪا خبر ڏئي خير واري خيرسان خادم کلي،
ناهي ڪوئي همدم نه ڪوئي همسفر ڪيئن
ڪجي،
ويو وقت وهي واري تي واهوندي جي واءَ جيان،
اڃا به اڪيلو آسرن ۾ ڀلا صبر ڪيئن ڪجي.