غزل
ساگر خاصخيلي
اکين مان پيئڻ کي زمانا لنگهي ويا،
اسانجي ٿڙڻ کي زمانا لنگهي ويا،
برف ئي بڻياسين نه ڀڙڪي سگهياسين،
ٻرڻ ۽ ٺرڻ کي زمانا لنگهي ويا،
يادن جي عدت مان هوءَ به اُٿي وئي،
منهنجي ڀي مرڻ کي زمانا لنگهي ويا !
ڊڀن جيئن اوسيئڙا اسان ۾ اُڳي ويا،
اوهانجي ورڻ کي زمانا لنگهي ويا،
رُسي ڪو رنجائي روئي ڍئو ڪريون،
روح سان روئڻ کي زمانا لنگهي ويا،
ڪوهه ڪاف دل جو ويران پيو آ،
پَرين جي لهڻ کي زمانا لنگهي ويا،
نڪي تو اڏيا نه اجڙي سگهياسين،
ڊهڻ ۽ ٺهڻ کي زمانا لنگهي ويا!!