Showing posts with label ڪيسوٻاء اپريل 2014. Show all posts
Showing posts with label ڪيسوٻاء اپريل 2014. Show all posts
Tuesday, 10 June 2014
ڪوتانگر (هرچند ساگر)
غزل
هرچند ساگر
پرين موڪلايو پئي وڏو حادثو هو،
نه ئي موت آيو وڏو حادثو هو،
اسان کي پتو هو اسان جو تون ناهين،
اسان پئي نڀايو وڏو حادثو هو،
پرهه جا مسافر ٿڪي سڀ سمهي پيا،
اسان پوءِ به ڳايو وڏو حادثو هو
چيائين مٽي جي مرياڌا بچائي،
اسان ڇا بچايو وڏو حادثو هو،
ڏياٽيون ٻريون ۽ ڏياري به وئي،
سڪون ڪونه آيو وڏو حادثو هو.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
هرچند ساگر
ڪوتانگر (وفا محمود نهڙيو)
غزل
وفا محمود نهڙيو
انتظاريءَ ۾ جلندي گذري هر گهڙي وئي،
نه آيو هو الئه ڇو رات به لڙي وئي،
تنهنجون چاهتون هيون ٻئي
ڪنهن جي ڀاڳ جي،
منهنجي ته خوابن جي دنيا آ
اجڙي وئي،
مليون توکان جي محبتون ساهه
سان سانڍي رکندس،
ڏجي ڏوهه ڪنهن تي پنهنجي
قسمت ٿي اهڙي وئي،
اکين کي اکين سان ملڻ جي
هئي آس،
ڏسي نفرت هن جي نيڻن ۾
هر آس سڙي وئي،
هن پل ۾ ته هاڻي حسرتون
رهجي ويون،
سڀ سلسلا ٽوڙي هوءَ بي وڙي
وئي.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
وفا محمود نهڙيو)
ڪوتانگر (هاشم هنڱورجو)
نثري نظم
هاشم هنڱورجو
وري ياد آيا ڏينهن پيارا،
گڏ گذاريا جيڪي پهر پاڻ پيارا،
هيل جڏهن بارش پٽن تي پئي آ،
ٿي ياد تنهنجي لوڻ ڦٽن تي پئي آ،
ڪري پيارا پيا لڙڪ اکين مان،
ڪري لامارا،
سري نه ٿي توکان سواءِ گهڙي ساعت،
جلي آ چڻنگ چاهت،
جي نه ٿي وسي خدارا،
تون ته آهين خوش پنهنجي ديس ۾،
ڪير آ “هنڱورجي پرديس ۾
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
هاشم هنڱورجو
ڪوتانگر (نوڪر علي ڪانهر)
غزل
نوڪر علي ڪانهر
اڄ جو ڏس هي انسان،
ناهي رهيو جنهن ۾ ايمان،
حڪم الله جي کي نٿو مڃي،
ٿي ويو آهي هُو شيطان،
ڏينهن سڄو ڪوڙ ڳالهائي،
پوءِ به ناهي پشيمان.
وساري ويٺو آ آخرت،
ٿي ويو آ هو نافرمان
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
نوڪر علي ڪانهر
ڪوتانگر (نظام سمون)
غزل
نظام سمون
اسان جون ته آهن اوهان کي صدائون،
ملن موٽ ۾ ٿيون اسان کي سزائون،
اسان يار هيڻا هجت ڪيئن ڪريون بس،
ڪريون ٿا عرض هي ٻڌي ٻئي ٻانهون،
شڪاري کي احساس ڪڏهن ايندو آهي،
ڪري قياس هو ڀي ڇڏي ٿو جفائون،
ڏئي کوڙ ڳوڙها ماٺو ڪري ويون،
اُتر جون هي سائين
ڪي ٿڌڙيون هوائون،
سموري دنيا ۾ مٺا روئي روئي،
”سمون“ بس اوهانجون ڪندو آ
پڇائون
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
نظام سمون
ڪوتانگر (نجم ناز)
غزل
نجم ناز نهڙي
تو جي کوليا وار اڱڻ ۾،
خوشبوءِ ڪئي نچڪار اڱڻ ۾،
ڪنهن جي ڪاڻ اکيون جلائي،
پئي واهين نار اڱڻ ۾،
سپنن ۾ ئي آس اسان جي،
پهتي آ هن پار اڱڻ ۾،
ميڙي سيڙي پنهنجون سارون،
اڇلين ٿي هر بار اڱڻ ۾،
تنهنجا خط ۽ تحفا چمندي،
سهڪي پئي ڪا سار اڱڻ ۾،
ڳوٺ سڄي کي خوشبوءِ ويڙهيو،
“ناز” ڦِٽا ڪي پيار اڱڻ ۾.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
نجم ناز نهڙي
ڪوتانگر (ناشاد رضوان هنڱورجو)
نظم
ناشاد رضوان هنڱورجو
اڃان
ڀي رات جهاڳي پئي،
اڃان
آڪاش چمڪي پيو،
وڇائي
وار چانڊوڪي،
ڀٽن
جي ڀر تي چونئرن کي،
مثل
برسات آڌيءَ جو،
اسان
جي ذهن جي ڪنڊ مان،
اوهانجي
ياد جون ڪونجون،
ڏيئي
ڀڙڪو پرين اڏريون،
اهي
ئي شام جون گهڙيون،
اهي
برسات جون راتيون،
اوهانجي
پير ۾ پاتل،
صنم
پازيب جو ڇمڪو،
پريان
کان ڏور ڪنهن ڏس ۾،
ٽهوڪڻ
مور جوسندر،
ويهي
ٿوهر هيٺان گڏجي،
ڀناسين
رات پهر مينهن ۾،
اوهانجي
من بدن جو هي،
سنهو
ريشمي چولو،
ڀڄي
چهٽي پيو بت تي،
حجابي
مرڪ ۾ مهڪي،
جڏهن
ڪر آرسن موڙيا،
اڃان
سي عڪس سڀ دل جي،
چٽيل
آڳر مٿي آهن،
اڃان
ڀي ياد تازي آ..!
اڃان
خوابن جي واديءَ ۾،
کڻي
احساس ريشم جيئن،
اڃان
“ناشاد” ساريون پيا،
سڳا
سڪ جا ته سوري من،
اوهان
جي پرت پاريون پيا،
اوهان جي پرت پاريون پيا.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
ناشاد رضوان هنڱورجو
ڪوتانگر (ناز ٿري)
غزل
ناز ٿري
ٻُڌو تو تنهنجي وارن جي مٺا مونکي مُهارن ۾،
ڪيو قابو اٿئي مون کي اکين جي تو اشارن ۾،
ڏٺو جو تو گهمي پوئتي کڻي دل ويا کسي مون کان،
الائي ڪهڙو جادو هو تنهنجي نازڪ نهارن ۾،
هليو وئين تون کڻي هينئڙو
هٿن مان اوچتو مون کان،
خبر ناهي ڪڏهن ايندين اسان اڃا انتظارن ۾
چوان ٿو چنڊ کي آئون منهنجو محبوب اهڙو آ،
حسين جهڙو قطب تارو لڳي ٿو تنهنجي تارن ۾،
لڳايو نينهن نازڪ “ناز” توسان آ قسم تنهنجو،
اکين کي انتظاري آرهن ٿيون تنهنجي راهن ۾.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
ناز ٿري
ڪوتانگر (مير علي حسن مير)
غزل
مير علي حسن مير
ڳوٺ گهايل ٿو لڳي،
سڀڪو بکايل ٿو لڳي،
هو جا ڪاري ٿي مئي،
سو خون هاريل ٿو لڳي،
آگ جو شعلو ٿو ڏسان،
پنهنجن جو ٻاريل ٿو لڳي،
راتيون وڏيون صحرا اڪيلو ئي،
ڄڻ ڊسمبر واڙيل ٿو لڳي،
مير نه محبت آهي رهي،
هر
گل هت ڪومايل ٿو لڳي
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
مير علي حسن مير
ڪوتانگر (محبوب علي هوٿيپوٽو)
غزل
محبوب علي هوٿيپوٽو
تنهنجون يادون ساڻ سدائين،
ساهن ۾ سڪ ٽاڻ سدائين.
منهنجي چهري منجهه ڦري ٿو،
تنهنجو چهرو هاڻ سدائين،
جاني جيئن جهڙوڪا آهن،
پياسا تنهنجي ڪاڻ سدائين،
سائي سنڌ رهي شل ساري،
موجن ۾ مهراڻ سدائين،
منهنجو من محبوب چوي ٿو،
جوڀن جيڏا ساڻ سدائين
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
محبوب علي هوٿيپوٽو
ڪوتانگر (محبوب ساگر نهڙيو)
غزل
محبوب ساگر نهڙيو
سڄڻ کان سار اويري ٿي،
اکين ۾ ماڪ سويري ٿي،
مَٽي ويو وقت ورڻ جو،
واعدن ۾ ڪا ڦيري ٿي،
ڳلن تي گس ڳوڙهن جا،
اکين جي سونهن ميري ٿي،
سجايل خواب اجهامي ويا،
اندر جي آس انڌيري ٿي،
ٻري ته به تڙپائي ٿي ڪيڏو،
هن
جي ياد وڏيري ٿي.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
محبوب ساگر نهڙيو
ڪوتانگر (گلزاري لال شاد)
نظم
گلزاري لعل شاد
ڪلهه ڪارونجهر جي ڪور وٽان،
ڪو چنگ چُريو ۽ ڪو هانءُ ٺريو،
هو جهُومي پيو آ سرتيءَ تي،
موچاري پياري ڌرتيءَ تي،
هيءُ وڙڪيو هَرڻ تڳوسر تي،
۽ مور لٿو آ ڪوثر تي،
ڪا لاٽ ٻري آ ڏونگر مان،
هن روپي جي ڪارونجهر مان،
هو شاد کٿيرو آيو آ،
اڄ لعل ملهاري ڳايو آ.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
گلزاري لال شاد
ڪوتانگر (گل شير گل راهمون)
غزل
گل شير گل راهمون
مند مينهوڳي ۾ ياد ڪوئي آيو،
تصور هن جا ۽ نيڻ روئي آيو،
ننڍپڻ جو ناتو هو جنهن سان،
سال ٿيو اڃان سو ئي آيو،
وڇوڙو وريو واچوڙي جيان،
پيار جا گهرڙا دارا ڊوهي آيو،
زماني جا انصاف ڏسو يارو،
پيار وارن کي ڪندو ڏوهي آيو،
افسوس جت درد دوکا دغائون هن،
“گل” اتي پنهنجا کيما کوهي آيو.
Labels:
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014,
گل شير گل راهمون
ڪوتانگر (فقير الماس نهڙي)
نظم
فقير الماس نهڙيو
جوان جوڀن جلي ٿو پيو،
پنن وانگي ڇڻي ٿو پيو،
اسان جي بدنصيبي آ،
نڪي آٿت ملي ٿي ڪا،
خدا جي خدائي ۾ ،
اسان سان قهر آ ڪيڏو،
جبر ڪي ٽُو جبل جيڏو،
وٺون ٿا نانءَ جي تنهنجو،
کپر تي پير ڄڻ پنهنجو،
رهون ٿا جي راتڙي تو وٽ،
سهون ٿا تهمتون ڪيئي،
سڄڻ جي شهر جا سارا،
گليون رستا گواهه آهن،
اسان جي پيار اُجري جا،
نڪوريل عشق ڪجري جا،
مگر ويري زمانا هن،
جنين جوڙيا فسانا هن.
Labels:
فقير الماس نهڙي,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
ڪوتانگر (فدا جوڻيجو)
غزل
فدا جوڻيجو
توبن هر آس اڌوري رهجي وئي،
صحرا زندگي سموري رهجي وئي،
رلندو رهيس راهن ۾ پڇندو رهيس هوائن کان،
نه ٿي ملاقات هتي ضروري رهجي وئي،
جرمِ وفا قبولي مجرم بڻيس،
سزاءِ قيد ملي سوري رهجي وئي،
هئي حسرت حياتي ڀر هن جو
ئي هجان،
هو انڪاري اميد اڻپوري رهجي وئي،
خاڪ بڻجڻ گلن ۾ اڏامڻ چاهيو مون،
عشقِ آرام پيو پڇي نوري رهجي وئي،
درد دلبر دل ۾ دفن ڪيو اي “فدا”
مسيحه مرهم ۽ دوا کان دوري رهجي وئي.
Labels:
فدا جوڻيجو,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
ڪوتانگر (عبدالله آس هنڱورجو)
غزل
عبدالله “آس” هنڱورجو
غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ،
مرڪ چپن تي آڻي ڇڏ،
مرڪن جا مينهن وسائي،
رتبا اعليٰ ماڻي ڇڏ،
مند ملڻ جي آئي آ،
تون بي رُساما هاڻي ڇڏ،
مُک جي کٽ گلابي تي،
واڻ چڳن جا واڻي ڇڏ،
مايوسين آ من کي گهيريو.
آٿت ڪا ته اماڻي ڇڏ،
رولاڪ اکين کي آس کڻي،
هڪڙي
ڪنهن ته ٺڪاڻي ڇڏ.
Labels:
عبدالله آس هنڱورجو,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
ڪوتانگر (شهاب نهڙيو)
غزل
شهاب نهڙيو
هُن جو بدن بهارن جهڙو،
ڦلڙي چمڪو ستارن جهڙو،
بيرُخي سان دل بنجر بڻجي،
اچڻ هُن جو وسڪارن جهڙو،
دل تان گذري دردن جو ٿو،
قافلو، ڪونج قطارن جهڙو،
چنڊ گهٽا جو گهونگهٽ اوڍيو،
منظر زلفن ڪارن جهڙو،
عاشقي ۾ درد مليو جو،
سمجهيوسين سو قرارن جهڙو.
Labels:
شهاب نهڙيو,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
Monday, 9 June 2014
ڪوتانگر (سنگتراش صحرائي)
نظم
سَنگِتراشِ صحرائي
سڏي ٿو هيل آڌيءِ جو،
اسان کي عشق جو آنچل،
وِجهي ونگ وِڇوڙن جا،
ڪَري ٿو ڳالهه ڳوڙهن جي،
ڇَنڊي مان ڇوهه ڇولين جا،
لِڪائي لُڙڪ جون لهرون،
ڪپيان ٿو ڪنڌ ڪاوڙ جو،
ڀڃان ٿو بند بانور جو،
ڪُلهن تي کٿو لٽڪائي،
وڃان ٿو پيار جي پنڌ تي،
اندر ۾ آس جُون اُلرون،
ٽِپن ٿِيون*ٽانڪ لوڙهن جي،
پَري آ کنگهه پوڙهن جِي،
سفر ۾ سانت ڇانيل آ،
وَڳي ڪِٿ دُور پايَل آ،
اُتــرجِــي هِيرالبيلي،
کولي ٿِي ياد جا ڏيئڙا،
سَموُري واٽ وائي آ،
ڀِٽائي ئي ڀِٽائي آ،
تَڪيندي رات جا تارا،
ڪَتين سان ٿو ڪيان ڳالهيون،
چــــــــوڏس چــــاندنــــِي آهي،
اڪيلو مان مُسافر هان،
دڙي دُور تـــــان اُڏري،
ڪئي ڪنهن ڪُوڪ ڪويل آ،
ڀِنل نيڻ منهنجا هِــــــن،
مگر! مان ڪِين سُڏڪان ٿو،
تِيلي *مُرٽ کي ڏئي،
سيڪيان ٿو سِيءُ ۾ هٿڙا،
نِگاهون ڏُور اُڏرن ٿيون،
پَلڪوُن پنڌ پڄرن ٿيون،
*مٿاري جي ڪُنڊ تي،
صفا سُنسان ساعت ۾،
سڏيو آ سُونهن جي ديوي،
اَندر مان آرسون موڙي،
وِڇائي وار واري تي،
ڪَئي هُن اِلتجا آهي،
”سنگتراش“ سنڌ جا شاعر،
وَراڻي ڏي وائــــــي کــــي،
ٻُڌائي اڄ ڀِٽــــــائــــي کي،
سُڻــــــايو ساز مُون آهي،
ڀِٽائي جي طنبوري سان،
اَلک جو نانءُ اُچاري،
ڪَئي مُون اَلوميان آهي،
اندر مان درد جو درياهه،
کائي پلٽو اُٿيو آهـــي،
اکين مان عشق جا موتِي،
لَڙي پيا لال ڳوڙها ٿي،
ڏِســــــــي درد جو درياهه،
ڀريو هُن ڀاڪرين آهي،
چپن تي چپ رکي پنهنجو،
چيائين چاهه مان مُونکي،
سُهائي سينڌ سنڌ جي تي،
هُجي بس ! لاڙ جهڙي دل،
سدا آباد هِي رهي شل!!
مِٺي مُحبت جِي محفل .!!
مِٺي مُحبت جِي محفل .!!
* ٽانڪ ؛ ننڍڙو لوڙهو
*مُرٽ؛ ٿر جو ٻوٽُو
*مٿاري؛ ڀٽ جو مٿيون پاسو.
Labels:
سنگتراش صحرائي,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
ڪوتانگر (ساحر ملاڪاتياري)
ساحر ملاڪاتياري
نقش واريءَ تي ڇا بيهندو،
ڦُول ٽاريءَ تي ڇا بيهندو،
عشق ايندو آ اوچتو،
آهه و زاريءَ تي ڇا بيهندو،
موت نيندو ماڳ تائين،
هي بيماريءَ تي ڇا بيهندو،
جنهن جي دل ۾ درد ناهي،
رڙ ڏُکاريءَ تي ڇا بيهندو،
جنهن نڀايو پل نه هڪڙو،
عمر ساريءَ تي ڇا بيهندو،
هُو وڍي پيو قرب جا وڻ،
قربداريءَ تي ڇا بيهندو،
پُٽ گهري ٿو نوٽ ساحر،
ريزگاريءَ تي ڇا بيهندو؟
Labels:
ساحر ملاڪاتياري,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
ڪوتانگر (رمضان راهي)
غزل
جيئڻ لاچار ٿي پئي آ، مرڻ لاچار ٿي پئي آ،
حياتي هيءَ منهنجي هڪڙي دنيا تي بار ٿي پئي آ،
مٺي هر موڙ تي پڌري ٿي آ هن زماني ۾،
ڪيائين عشق اهڙو ڇو خوامخواهه ٿي پئي آ،
مليو ٿي عشق جتان مون کي پريم ٿي پيار جا پيالا،
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن اها بند بازار ٿي پئي آ،
اکڙين ۾ اميدن جا کڻي لاشا ٿڪي پيو آن،
بدن کي درد ويو ويڙهي عمر بس ڌار ٿي پئي آ،
ويون کائي بکون آهن سچن ۽ صاف جذبن کي،
ڪڇون ٿا ته غدار هون سچ تي ڪار ٿي پئي آ،
وڃي ويٺا وزارت ڪري سودو هن سنڌڙي جو،
اڄ ڪلهه جي ڏسو سياست وڏو واپار ٿي پئي آ،
پيا ٿا مال هو ٺاهين انهي جي سياست جي پٺيان پاپي،
غريب ۽ مظلومن لاءِ سا وڏو آزار ٿي پئي آ،
اچي ڌاريا وارث اسان جي سنڌ جيجل جا،
هر حال آزادي گهرجي غلامي گار ٿي پئي آ.
Labels:
رمضان راهي,
ڪوتانگر,
ڪيسوٻاء اپريل 2014
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو