Showing posts with label آرٽيڪل گئلري. Show all posts
Showing posts with label آرٽيڪل گئلري. Show all posts

Monday, 9 June 2014

حيدرآباد کان هنزه ڪتاب تي تبصرو (انعام ڀٽي)

جو ڪجهه اوهان پڙهڻ وارا آهيو جي اهو ٻن اکرن جي سري هيٺ هن ڪتاب ۾ ڇاپيو ويو آهي ته پوءِ پڪ  سان اهو ڪوڙ آهي هي ٻه اکر ڪونهن. جي مهاورتن به ٻه ته ٻارنهن سمجهو ٿا تڏهن به اهي ٻارنهن ناهن.ٻه سٽون به ڪونهن، پر ممڪن آهي ته ٻه صفحا هجن. مور ساگر جي ايتري ساري محنت تي جي ٻه اکر لکان ها ته پوءِ بهترين سفرنامو جا ٻه اکر لکڻ سان ڳاله ختم ڪرڻي پوي ها. ڪنهن به سٺي سفرنامي لکڻ لاءِ شاعر جي اک، مطالعاتي مشاهدو ۽ سٺي همسفر جو هجڻ لازمي آهي. حيدرآباد کان هنزه تائين جو ليکڪ مور ساگر پاڻ شاعر آهي، ڪتاب پڙهندڙ اندازو ڪري سگهي ٿو ته ليکڪ جو مطالعو ڪيترو آهي. باقي ساڻس گڏ سنگت ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جا شاگرد هن سموري سفرنامي جي سونهن جو حصو هجڻ جي شاهدي آهن. آءَ پنهنجو ذڪر هنن صفحن ۾ بلڪل ئي ڪرڻ ڪونه چاهيندس جو پهرين صفحي کان وٺي ڪتاب جي آخر تائين ڪيترائي ڀيرا منهنجو ذڪر ڪيل آهي. پڙهندڙن لاءِ اهو واضع ڪرڻ لازم آهي ته هي تون مونکي حاجي چئو ته مان توکي غازي چوان وارو معاملو ڪونهي. مور سموري سفر جي ڪٿا ۾ ڪٿي به منهنجي ڪا اوڻائي ڪونه ظاهر ڪئي آهي. ممڪن آهي رک رکاءُ ڪيو هجيس پر آءُ سمجهان ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي ٿي هوندم جنهن جو هڪ ثبوت پشاور کان واپسي وقت سفر جي دورانيئي جو صحيح اندازو نه ڪري سگهڻ ڪري لاهور کان حيدرآباد جي ٽڪيٽن جو زيان ٿيڻ آهي.
مور سان تعلق هڪ گراهڪ ۽ دڪاندار جي حيثيت ۾ شروع ٿيو پر اڳتي هلي طبيعتن ۽ مزاج جي هڪجهڙائي ڪري دوستي ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن به گهمڻ جي سلسلي ۾ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر جا قصا مور سان بيان ڪندو هيس ته سندس دل ۾ هڪ خواهش پئي ٿيندي هئي ته سائين اسان کي به گهمايو. هن ڀيري جڏهن شاگردن کي مطالعاتي دوري تي پنجاب، پختونخواه ۽ اترين علائقن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ذميواري ملي ته مورساگر کي دل سان صلاح ڪيم ته ميان جي هلڻ چاهين ته جي بسم الله. مون کي اندازو هيو ته مور مسافري بعد سفرنامو ضرور لکندو پر ايترو اندازو ڪونه هئم ته ڪو اهڙو ڀرپور سفرنامو لکندو. هڪ ئي ويهڪ ۾ سموري سفر جي ڪٿا پڙهي اندازو ٿيم ته  مور جي اندر هڪ سٺي انسان جون انيڪ خوبيون سمايل آهن. سندس سوچ جا مثبت پاسا تمام سگهارا آهن. سفر جي ڪيترين ئي اوڻاين ۽ ڏکائين کي دل جي وڏائي سان ڳڻي سفر جو حصو سمجهي لطف اندوز ٿيندو رهيو آهي.
سموري سفر ۾ واحد مور اهڙو ساٿي هئو جنهن جي سواءِ منهنجي باقي سٿ جي ڪنهن به فرد سان پهرين ڪا ملاقات ڪونه هئي. سفر جي ساٿ ۾ نوجوانن سان مور ساگر جو رلي ملي وڃڻ سندس شخصيت ۽ سڀاءَ جي پختگي جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس پرين جي پچار پوري سفر جي ساٿي رهي ٿي ۽ واٽ ويندي سونهن جي جهٽڪي ۾ به کيس پنهنجي محبوب کي پسڻ جي پچار رهي ٿي. ڌڻي شال سندس محبت تا قيامت برقرار رکي ۽ اها اندر جي اُڃ ڪڏهن نه اُجهائي.
کامان پچان پڄران، لُڇيان ۽ لوچيان،
تن ۾ توءنس پرين جي پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي.
(شاھ)
سنڌ جي قومي مسئلن جي ساڃاھ ڪنهن به سنڌي ۾ هجڻ ان جي قومي غيرت ۽ شناس جو اهڃاڻ آهي. مور جي سفر ڪٿا ۾ سنڌ جي پاڻي کان وٺي معاشي حالتن جو تجزياتي حال احوال انهي جي نشاندهي ٿو ڪري ته هڪ حساس دل ۽ حسين اک رکندڙ شاعر نه رڳو سنڌ جي درد ڪهاڻي کان مڪمل واقف آهي پر ان درد جي دارون لاءِ پريشان به!
جن ماڳن شهرن ۽ رستن تان منهنجو ڪيترائي ڀيرا گذر ٿيو انهن جي تاريخي پسمنظر، ڪٿائن ۽ لوڪ ورثن بابت ڄاڻ مور جي هن ڪتاب پڙهڻ مان ملي. مور جو تاريخي توڙي لوڪ ڪٿائي مطالعو پڻ ڪافي آهي جنهن ڪري پڙهندڙن کي سفر جي لطف سان گڏوگڏ تاريخي ڄاڻ پڻ ملندي.
ڪنهن به منظر جي مڪالماتي عڪاسي ڪرڻ لاءِ خوبصورت ۽ معقول تشبيهن جو هجڻ لازم آهي. مور جي شاعراڻي سگهه سفرنامي جي انهي گهرج کي ڀرپور نموني سان ادا ڪيو آهي، ”جُهڙالي موسم ۾ اسلام اباد اُڪري اڳتي ٿياسين ته هڪڙو سِلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن کي ڏِسي اکيون ٿڌيون، چهرا مهڪندڙ ۽ زبان تي سُبحان الله جا لفظ اچن ٿا“. هي هڪ نمونو آهي پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا ته ڪتاب جي اندر کين پڙهڻ لاءِ هڪ دل تي اثر ڪندڙ مواد ملندو. آءُ يقين سان چوان ٿو ته ڪوبه احل ذوق هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندو ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پورو ڪَري اٿندو.اميد آهي ته ڪنهن به لٻاڙ، وڌاءُ ۽ ڪوڙ کان پاڪ هن سفرنامي جي مڃتا وقت ضرور ڪندو.

آ ڇوٽڪارو قوم جو (تعليمي پروگرام جي رپورٽ)

سنڌ! تاريخ ۾ تهذيب ۽ تعليم جو مرڪز رهي آهي. سنڌ جي ان سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ پراون سان گڏ پنهنجن به مخصوص مفادن جي لالچ ۾ وسان ڪونه گھٽايو آهي. ليڪن ڪجهه عرصي کان سڻائو واءُ وريو آهي ۽ سنڌ جي وستي وستي واهڻ ۾ ثقافت ۽ تعليم جي اهميت جو احساس اڀري رهيو آهي. سوچ کي وڌائڻ لاءِ علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ 2003ع کان قائم ڪيل اداري المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ جي تعليمي اداري المهراڻ انگلش ميڊيم اسڪول مقصودورند (تعلقه شهدادپور) جي اڱڻ تي ٻي تعليمي ۽ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي رنگ پيش ڪيا ۽ ڇهه ماهي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٻارن کي انعام ڏنا ويا ته ٻي طرف تعليمي ماهرن ۽ سڄاڻ ساٿين ثقافت جي اهميت تي نهايت شاندار گفتا ٻڌائي ٻڌندڙن جا من موهي وڌا سيد حسين شاهه بخاري اسڪول جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي رپورٽ ٻڌائيندي چيو ته هي عام اسڪولن جيان ناهي اسان هتي جي شاگردن ۾ تعليم سان گڏ ادب، ثقافت ۽ ڌرتي جو حقيقي روح ڦوڪي کين قوم جو باوقار فرد بنائڻ جا بنياد رکيا آهن. ان بعد اسڪول جي سرپرست، منهنجي علي ادبي استاد ۽ محسن پيء عاجز منگي اظهار خيال ڪندي چيو ته هن شهر سان منهنجو روح جو رشتو آهي. مون زندگي جا 35 سال سانگھڙ کي ڏنا آهن ليڪن هاڻ زندگيءَ جو گھڻو وقت پنهنجي هتان جي مارو ماڻهن ۽ سندن اولاد جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. مون هن شهر ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف جي نالي سان هن سال لائبريري به قائم ڪئي آهي. منهنجي ڪوشش رهندي ته هتان جي ٻارڙن، نوجوانن ۽ بزرگن جي علم ۽ ادب ذريعي خدمت ڪجي. هن سيد حسين شاهه بخاري جي ساٿ ۽ رهنمائي جا تمام گھڻا ٿورا مڃيا. تقريب کي هن علائقي جي هردلعزيز شخصيت ۽ نامور شاعر حقير حضور بخش رند خطاب ڪندي چيو ته اسان جي مهربان دوست عاجز منگي هتي لائبريري ۽ معياري اسڪول قائم ڪري تعميري سوچ جا بنياد رکيا آهن. اسان ان سفر ۾ سندس ڀرجهلا ٿينداسين. هن ههڙي شاندار تقريب ڪوٺائڻ لاءِ مدد طور کين 5000 هزار روپيه روڪ ڏنا. مشهور سماجي شخصيت ۽ نامور سماجي اداري سافڪو جي سرواڻ سليمان جي ابڙو نهايت پُراثر تقرير ڪندي چيو ته آءُ غريب جو ٻار هئس.  مون تعليم پرائڻ لاءِ ڏاڍا ڏک ڏٺا. هن وقت تائين دنيا جي  38 ملڪن جا دورا ڪري زندگي جون ڪيئي موج مستيون ۽ مرحلا ڏٺا. ملڪن جي سربراهن، عالمن، اديبن ۽ ارب پتي ماڻهن سان گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ڪيون اٿم. ليڪن مون اهو محسوس ڪيو آهي ته مال ملڪيت کان وڌيڪ اهميت تعليم جي آهي. آئون هينئر جيڪي ڪجهه آهيان تعليم جي ڪري آهيان. ٻهراڙي جي علائقي ۾ ههڙي اداري جو بنياد رکي عاجز منگي ۽ ساءِ حسين شاهه وڏو قدم کنيو آهي. اسان جو ساڻن ڀرپور ساٿ رهندو. تعليمي ماهرن اقبال انڙ، ڄام بادل جکرو، غلام مصطفي نظاماڻي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته ماضي ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پڻ سرڪاري طور لائبريريون هونديون هيون جن مان تمام وڏا ذهن پيدا ٿيا. جڏهن کان حڪومت لائبريريون ختم ڪيون تڏهن کان سرڪاري ادارن مان تعليم جو رجهان گھٽجي ويو. تعليم هاڻ سرڪار جي ترجيحن ۾ شامل ناهي تنهنڪري پرائيوٽ تعليمي ادارا وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ استاد وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ضلع جي سانگھڙ جي علم دوست ۽ ڊپٽي ڪمشنر سڪندر علي خشڪ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان سنڌ جي سڃاڻپ تهذيب ۽ تعليم جي ڪري رهي آهي. هن ڌرتي دنيا کي امن محبت ۽ انسانيت جو پيغام ۽ فڪر ڏنو آهي. جنهنجو بنياد صوفي ازم آهي. صوفيت سنڌي ماڻهن جي نس نس ۾ سمايل آهي. هن استادن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ تعليم جهڙي مضبوط هٿيار کي بهترين نموني استعمال ڪري قوم جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آئون بهترين ادارا هلائيندڙ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۽ استادن جي همت افزائي ڪندس. آئون استادن جو تمام گھڻو احترام ڪندو آهيان. مونکي اميد آهي ته لفظ استاد جي عظمت جو مان رکڻ لاءِ استاد نئين جوش ۽ جذبي سان تعليمي خدمت ڪندا. هن چيو سنڌ جي ثقافت دنيا ۾ به پنهنجي حيثيت بچائي چڪي آهي. اسان جي قوم جي اتحاد ۽ بهتري لاءِ ثقافتي سرگرمين جو هئڻ لازمي آهي. تقريب دوران اسڪول جي چاليهن ٻارڙن انگلش، سنڌي، سرائڪي، براهوي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ تقريرون ڪيون. قوي گيت، ٽيبلوز، مزاحيه خبرون، مزاحيه مشاعرو ۽ ٻيا ثقافتي رنگ پيش ڪري پروگرام ۾ شريڪ مهمانن، والدين، شهرين ۽ ٻارڙن کي لطف اندوز ڪيو. تقريب دوران اسڪول جي سال 2013ع جي ڇهه ماهي امتحان ۾ پوزيشنون کڻندڙ ٻارڙن جان محمد ڏاهري، پيار علي رند، اياز رند، عابد خاصخيلي، غلا حسين بروهي، محمد شفيق رند، عامر پنڃارو، محبوب سومرو، سجاد ڇٽو ۽ ٻين کي ڊي سي سانگھڙ سڪندر علي خشڪ، سليمان جي ابڙو ۽ ٻين معززن هٿان يادگار شيلڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ نامياري راڳي الهه رکيو اويس منگي، رضا محمد بروهي ۽ منصور عمراڻي قومي ڪلام ۽ گيت ٻڌائي حاضرين مجلس کي تمام گھڻو خوش ڪيو. اهڙي طرح هي يادگار محفل چئن ڪلاڪن بعد شام جو 5 وڳي سنڌ جي قومي گيت جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ۽ سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ گيت تي رقص سان پڄاڻي تي پهتي. رقص ۾ آيل مهمانن، استادن ۽ ٻارڙن ڀرپور حصو ورتو

دوستي ۽ علم (عاشق چارو)

دوست زندگيءَ جو سڀ کان حسين تحفو هوندا آهن. دوستن سواءِ زندگي ايئن آهي جيئن کنڊ سواءِ چانهه. دوست جو مطلب آهي ٻه سَت يعني ٻه طاقتون. دوست زندگي هوندا آهن. دوستن سوا زندگي بي مقصد بي معنيٰ لڳندي آهي. علم به هڪ بي بها دولت آهي. ڪنهن چيو آهي ته “اگر ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان کان علم جي دولت کسي وٺو قوم ازخود تباهه ٿي ويندي” علم لاءِ حديث مبارڪ ۾ آهي ته “علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي” ٻئي هنڌ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته “علم حاصل ڪريو پينگهي کان وٺي قبر تائين.”

دوستن جي لاءِ حضرت علي فرمايو ته“جيڪو دوست ٿوري ڳالهه تان رسي وڃي، اهو ڪڏهن ندوست هوئي ڪونه. جيڪو اهڙو دوست تلاش ڪري ٿو جنهن ۾ ڪا به خامي نه هجي ان کي ڪڏهن به ڪو دوست ناهي ملندو” هڪ ٻئي هنڌ تي پاڻ فرمائين ٿا ته “دنيا ان کي يتيم سمجهي ٿي جنهن  جا ماءُ پيءُ نه هجن پر منهنجي نظر ۾ يتيم اهو آهي جنهن جا دوست نه هجن” ۽ اها حقيقت آ ته دوست نه هئڻ انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آ. چوندا آهن ته روزانو هزار مطلبي دوست ٺاهڻ کان سٺو آهي ته هزار سالن  مهڪ ئي دوست ٺاهيو جيڪو توهان ۾ ڪو به مطلب نه رکي. دوستيءَ ۾ لالچ يا دوست جي خامين تي ان کان نفرت انسان کي انسانيت کان پري ڌڪي ٿيون ڇڏين. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جي ورقن کي ورايون ٿا ته منهنجي زندگيءَ م سڀ کان اهم ٻه شيون رهيون. سندم گهرو دوست عرفان ۽ منهنجي تعليم. عرفان جيڪو ننڍپڻ کان منهنجو دوست رهيو اٺين ڪلاس پاس ڪرڻ بعد مون کان ڏور ته ٿي ويو پر هميشه دل جي ڌڙڪن سان گڏ هن جي ياد به دل ۾ ڌڙڪندي آ. اسان جي دوستيءَ تي مون کي فخر به آ ته خوشي به. منهنجي زندگيءَ جي ٻي سڀ کان اهم شيءَ تعليم رهي. مشڪلاتن باوجود مون سٺي تعليم پرائي آهي. مگر سفارش ڪلچر ۽ پنهنجا نواز پاليسي سبب نوڪريءَ کان محروم آهيون. هڪ فلم جو ڊائلاگ آهي ته “ڪاميابي لاءِ نه پر قابليت لاءِ پڙهو”. هونئن تعليم جو مقصد ڪو وڏيون نوڪريون حاصل ڪرڻ ناهي. مگر دنيا جي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. انهن هيرن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. جيڪو اسان کي وڏڙن ورثي طور ڏنا آهن. سائنس جي ڪاميابي پڻ قابليت جي بنياد تي ٿي. تقريبن ڪو به وڏو سائنسدان ڪلاس ۾ هوشيار ڪونه هو. بلڪه ڪيترائي سائنسدان ڪلاس م فيل ٿيندا هئا. مگر انهن جو ڪم اڄ به اَمر آهي. دوستي ۽ علم ٻه اهڙا املهه هيرا آهن. جن کان اگر توهان محروم رهيا ته ايئن سمجهو ته توهان جو هن دنيا ۾ اچڻ اجايو آ.

ڀٽائيءَ جي ڪلام جو پس منظر

شاهه جي ڪلام کي ڪنهن به لفظي دائري ۾ ته قيد نٿو ڪري سگهجي پر پوءِ به سندس عظيم پيغام تي ڪجهه روشني وجهنداسين.
شاهه هڪ اعليٰ درجي جو صوفي بزرگ هو. سندس ڪلام جي هر هڪ لفظ مان وطن جي محبت ۽ سچائي پاررون ڪري پلٽي ٿي سندس وطن دوستي جو هڪ اعليٰ ۽ بي نطير دفتر آهي. جنهن جو مثال سندس پيغام جو مجموعي شاهه جو رسالو ۾  موجود آهي. شاهه اسان کي اهڙو پيارو آهي جهڙو ايرانين کي حافظ. ۽ ديوانِ حافظ اهڙوئي مقدس ڪتاب آ جهڙو شاهه جو رسالو آ.
شاهه سائين مقدس ڪتابن جا حوالا پڻ سندس شاعري ۾ ڏئي ويو آهي جنهن جو مثال سندس انهيءَ شعر ۾ آهي ته:
جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن.
شاهه سائين جيڪي به تشبيهون سندس ڪلام ۾ آنديون آهن اهي ديسي حالتن مطابق ئي آهن. مثال طور شاهه صاحب گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي ڪونر ۽ ڀونر جي پريم جي مهاتما ٿو ڳائي مطرب بجاءِ چارڻ کي شرف ڏنو اٿس.
شاهه پنهنجي ديس جي جوڳين کي به اتم بڻايو آهي ۽ جنهن عورت کي سماج جي اندر پوئتي ڌڪيو پيو وڃي پر شاهه سائين عورتن جي عظمت کي وڌائيندي عورت کي عاشق بڻائي سندن دلين جي ترجماني ڪئي آهي. شاهه سائين ساڻيهه جي سڪ ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندي مارئي جي حب الوطني ظاهر ڪئي آهي جنهن ۾ جادوئي تاثير آهي شاهه سائين ديس جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ سمجهي ٿو سندس سر مارئي ۾ ڏنل پيغام مان اهو واضح آهي ته شاهه وطن جي مٽي ۾ مرڻ کي ابدي حياتي ماڻڻ مڃيو آهي
ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
شاهه سائين سنڌ جي سينڌ جي سائي رکڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا اتي سڄي عالَم جي لاءِ پڻ دعا گهري آهي
سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه سائين هر انسان کي عزت سان زندگي گهارڻ جو درس ڏي ٿو ۽ غرور ۽ هٺ واري کي سڀ کان نيچ ڪيو اٿس.
پايو منهن مونن ۾ غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.
شاهه سائين اسان کي جستجو جي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته هر ڪم دليري سان ڪيو ڪڏهن  به پوئتي نه هٽو  نيٺ ڪاميابي توهان جا قدم چمندي
ڇپر ڪين ڏي سوکڙيون ستن کي
جنهن ۾ چيو اٿس ته سستائي ڇڏي جستجو ڪيو سُتن کي ڪجهه به ڪونه ملندو.
ويٺين ناهه وراڪو سُتين ڪونهي سنگ
پنهنجي حقن لاءِ وڙهو هي ساري دنيا جنگ جو ميدان آ جتي سڀ وهم وساري سورهيه وانگر سوڀ ماڻڻي آهي
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار امر ته متارو ٿئين.
۽ سچائي جو درس به ڏئي ٿو ته سچائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ کي به اهل سمجهي ٿو. مطلب ته شاهه سائين سراپا انقلاب رهيو آهي.
ٿر جي سادي زندگي ۽ فطري حسن کي جادوئي لفظن ۾ بيان ڪئي اٿس ٿري جنهن جو گذران هولاڙن ۽ گگرين تي آهي جن لاءِ پلر جي پالوٽ هڪ وڏي نعمت آهي ۽ اهي ڪهڙي نه ڪهڙي طريقي سان سارنگ جي واپسي تي خوشيون ڪن ٿا. سندن جهوپڙا جيڪي ڀٽن جي اوٽ ۾ هوندا آهن. تن بابت چئي ٿو
ڀٽن ڀر هوندا، پکا پنهوارن جا
ٿر جي اڃاري پکي ٻاٻيهي کي حقيقي عاشق جو درجو ٿو ڏئي
منجهان منهنجي روح جي وڃي ساجن وسري
مر لڳي لوُهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
ٿر جي مالدارن بابات چئي ٿو ته:
منهنجو تور تلن ۾ چيها ٿو چاري.
ٿر جو اڙانگو سفر ڪري ساهه سائين اسان کي انهن جي زندگي کان واقف ڪيو آهي جيئن سندن زندگي جي اپٽار ڪئي آهي، فرمائي ٿو:
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا ٻارڻ جنين ٻوهه
شاهه پنهنجي زندگي غريبي ۽ هڪ ڀٽ تي گهاري پر سندس خوشبو سندس پيغام سڄي دنيا کي اوسي ڇڏيو آهي ڇو ته سندس لفظن ۾ اهڙو ته جادو سمايل آهي جو هو هر دل ۾ لهي ٿو وڃي ڇو ته شآهه سائين هر شيءَ کي ڪونه ڪو روپ ڏئي نروار ڪيو آهي جيئن سُر ڪاموڏ ۾ شاهه ڪينجهر جو نظارو پيش ڪيو آهي انهي جي نظاري کي چنڊ کان به وڌيڪ تسليم ٿو ڪري ۽ ڪينجهر کي اتر جي هير ۾ هندوري مثل سمجهي ٿو
لڳي اتر واهه ڪينجهر هندورو ٿئي
شاهه سائين نقدرت جي ٻنهي پاسن کي چٽيا آهن ڀيانڪ به ته من موهيندڙ به آهي قاتل به آهي ته ٺار وجهندڙ به آهي قدرت ۾ ڪو به کيس همدردي جو احساس نٿو ڏسڻ ۾ اچي تڏهن جبل جاڙون ٿو ڪري چئي ٿو قدرت  جا عجيب نظارا آهن. ۽ ڪٿي واسينگ به وراڪن ۾ پيا ڦرن جيڪي سنها هوندي به خطرناڪ آهن جو هاٿي جهڙي کي به ڊاهيو ڇڏين
سنها ڀان ۾ سڀ ويا واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ هاٿي هندان نه چُري
۽ ڪٿي وڻن ۽ چيهن ۽ چٻن جا آشيانا آهن ته ڪٿي ٻاٻيهن جون ٻوليون آهن:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها
شاهه سائين پنهنجي سر سسئي آبري ۾ عاشق جي اڃ بابت چئي ٿو ته ان جي اڃ تڏهن لهندي جڏهن معشوق جي اڃ لهندي پوءِ پاڻهي اڃ اڃ سان مٽجي ويندي ويندي.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته محبت اهڙي شيءَ آهي جنهن جي سامهون ڪا به مصيبت نه ٿي بيهي سگهي. شاهه سائين مسلسل صوفي مزاج هو جنهن جو مثال سندس ڪيترائي اشارا صوفين ڏانهن آهن. جهڙوڪ ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل تجلي وغيره. شاهه صاحب سر مارئي جي پهرئين داستان ۾ صوفيت جي اپٽار ڪئي آهي:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تت چيوم

محبت (شان علي جوڻيجو)

هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي، هڪ پاسي آسمان ۾ سج ۽ چنڊ چمڪن ٿا، ته ٻئي پاسي آسمان ۾ تارا ٽمڪن ٿا. ڪئي وڏا وڏا سمنڊ ڇوليون هڻي رهيا آهن ته ڪٿي ڪٿي خشڪي نمودار آهي ته ڪٿي ڪٿي وري جبلن جون چوٽيون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ته ڪٿي وري انهن جبلن مان درياهه ڇوليون هڻندا وهي نڪرن ٿا. ته ڪٿي مختلف قسمن جا خوبصورت محلات ماڙيون اڏيل آهن. ڪٿي وري رڳو ميدان ئي ميدان آهن. ڪٿي نظر ڦيرائجي ته هزارين ڳوٺ ۽ شهر نظر ايندا آهن. جتي مختلف قسم جي مخلوق آباد آهي. مطلب ته دنيا ۾ خوبصورتي هر جاءِ تي نظر ايندي آهي جنهن کي ڏسي دل ۾ خيال پيدا ٿيندو آهي ته جڏهن هيءَ دنيا ايڏي خوبصورت آهي ته پوءِ ان جي ٺاهڻ وارو ڪيترو نه خوبصورت هوندو؟؟هي دنيا ڇو ايتري خوبصورت آهي. ۽ انسان ڇو پاڻ ان پاسي ڇڪجي وڃي ٿو....! ڪائنات ۾موجود سڀني شين جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. انسان ۾ محبت جو جذبو موجود آهي. ۽ انهيءَ محبت جي جذبي جي ڪري ئي هي دنيا قائم آهي. انسان انهي خالق جو هن دنيا ۾ خليفو آهي. تنهن ڪري پنهنجي خالق جي صفت ان ۾ موجود آهي. الله تعاليٰ پاڻ محبت آهي ۽ سندس بڻايل دنيا ۽ انسان پڻ محبت آهن. انسان محبت جو ڪامل ٿي محبت ڀري دنيا ۾ محبت جي طرف ڇڪجي وڃي ٿو. محبوب سچ ئي رهي هجي هجي ٿو. هن دنيا کي جيڪڏهن محبت کان ڌار ڪجي ته نه هيءَ دنيا قائم رهي سگهندي، نه ئي وري دنيا وارا زندهه رهي سگهندا. هي سڄو ڪائنات جو ڪارخانو محبت سبب هلندو رهي ٿو.مطلب ته دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي شيءَ کان وٺي وڏي شيء تائين سڀ ڪجهه محبت آهي. جتي محبت آهي. اتي زندگي آهي. محبت جي نڪري وڃڻ کان پوءِ وجود فنا ٿي وڃي ٿو. سرون ۽ گارو محبت ڪن ته محلات قائم ٿي سگهي ٿي.پر ڪلفت ڪن ته محلات نه ٺهي سگهندي آهي.! ڌاڳا تندون محبت ڪن ته ڪپڙو تيار ٿي سگهي ٿو پر ڪلفت ڪن ته ڪپڙي جو وجود ناس ٿيو وڃي، تنهن ڪري محبت فطري آهي، جيڪا شيء فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي اهائي شيء قائم رهي سگهي ٿي، جيڪا شيء فطرت کان بي پرواهه رهي ٿي. ان جي هستي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي.
انسان الله تعاليٰ جو خليفو آهي. جهڙي طرح هڪ گورنر پنهنجي عهدي تي تيستائين قائم رهي ٿو. جيستائين  پنهنجي شهنشاهه جي آئين کي برقرار رکندو آهي ۽ ان تي عمل ڪندو آهي. اهڙي ريت انسان پروردگار عالم جو گورنر مقرر ٿي هن دنيا ۾ آيو آهي. هن کي دنيا جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي آهي. ته پوءِ هن جي بزرگي ۽ برتري فقط تڏهن قائم رهي سگهندي جڏهن پنهنجي خالق جي قانون کي قائم رکيو ويندو. ان قانون جو نقطو محبت آهي. انهيءَ محبت جي ڪري ئي دنيا جون سڀ شيون انسان جي حوالي ڪيون ويون آهن، هاڻي اهو انسان تي ئي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجي زندگي ڪيئن ٿو گذاري. جيستائين هو محبت جي قانون کي هلائي ٿو تيستائين هو زندهه رهڻو آهي. انسان اهڙو  ته خارج العقل آهي جو فطرت جي قانون ڄاڻڻ جي باوجود غافل رهي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان کيس بهتر موٽ نه ملي سگهندي آهي.
انسان انهي ڳالهه جو خواهشمند آهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ کيس خبر به آهي ته سڪون محبت جي ذريعي حاصل ٿي سگهندو آهي. تنهن هوندي به هي، اهو انسان محبت جي سمنڊ ۾ پٿر اڇلائي پريشان ڪندڙ لهرون پيدا ڪري ٿو. نه رڳو ايترو پر پاڻ ٻي مخلوق کي به مصيبت ۾ مبتلا ڪري ٿو.
هن دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿي گذريون آهن، يا ٿي رهيون آهن يا ٿي گذريون آهن. اهي سڀ انهيءَ غلطي جو نتيجو آهن. انسان اهڙو ته آهي جو انهن بدنتيجن جي تلخيءَ جو ذائقو چکڻ کان پوءِ اها ڳالهه وساري ٿو ڇڏي ۽ کين خبر ئي نه پئجي سگهندي آهي، ته سڪون ئي وڏي ۾ وڏي شيءَ آهي، جنهن کان سواءِ سڀ راحتون بيڪار آهن، سڪون کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه ڪونهي. محبت جو درجو تامم بلند آهي، ان سان مقابلي ۾ دنيا جي ڪنهن به شيءَ جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. دنيا جون سڀ شيون محبت جي سهاري، هيٺ تڳن ٿيون. سڀني جي محبت پشت پناهه آهي. انهيءَ محبت جي ڪري ئي زمين آسمان قائم آهن. محبت سان لاڳاپيل آهن. محبت بي بها جوهر آهي محبت پاڪ جذبو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي دل ۾ موجود هوندو آهي. محبت پاڪيزگي آهي. محبت نفس جو تقدس ڪندي آهي. دنيا ۾ موجود سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم آهي. محبت ازلي بشارت آهي، ۽ ان جي هر شيء ابدي آهي. محبت جي راهه چئجي ٿو. محبت روح جي خواهش آهي. هن سڄي دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ٻڌل آهي. هر ماڻهو محبت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو گهري، محبت روشن صبح آهي، جنهن جي شام ڪڏهن به ناهي ٿيڻي، محبت آب حيات آهي، اها بوند آهي، جيڪا جذبن کي اڃان وڌيڪ زندهه ڪري ٿي. محبت سڀني شين کان پاڪ ۽ برڪت واري آهي، محبت اها شيء آهي جيڪا دل ۾ تازگي پيدا ڪري ٿي، محبت مرض نه آهي، پر روحاني محبت جو ثبوت آهي.ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو اهڙي پاڪ شيء کان به غافل رهي ٿو. اها بلڪل حقيقت آهي ته محبت جو چشمو وري انسان غافل رهي ٿو. اها بلڪل حقيقت آهي ته محبت جو چشمو وري به انسان جي اندر ئي موجود هوندو آهي.انهي چشمي تائين پهچڻ لاءِ نه ڪنهن محنت جي ضرورت آهي، ۽ نه وري ڪنهن تخليق ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي، ضرورت فقط هن جي ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا روح جي اندر موجود آهي. ان کي روشن رکجي، اها ڳالهه توجهه طلب آهي ته محبت يا عشق جا ٻه قسم هجن ٿا. هڪ مجازي ٻيو حقيقي. مجازي عشق دنيا وارن جو دنيا وارن سان عشق آهي.جڏهن ته حقيقي عشق خدا تعاليٰ جي طالبن جو عشق خدا سان آهي.ڪجهه ماڻهو مجازي عشق کي خواب سمجهند آهن. ڪجهه وري انهيءَ کي حقيقي عشق جي پهرين منزل چوندا آهن. عشق مجازيءَ کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهي ٻئي عشق خراب تڏهن ثآبت ٿيندا آهن. جڏهن انهن ۾ مطلب موجود هوندو آهي. بنا ڪنهن مفاد ۽ مطلب جي اهي ٻئي عشق چڱا آهن. درحقيقت سچي محبت اها آهي جيڪا صرف محبت خاطر ڪئي وڃي ٿي. سچي محبت اها نه آهي جيڪا ڪنهن روح پرور سان يا ڪنهن خوبصورت نگاهن سان ڪئي وڃي ٿي. محبت خود محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي.اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي معنيٰ ۾ محبت ٿي سگهي ٿي. محبت جي اندر آرزوئن جو جزو اصل نه هئڻ گهرجي، هڪڙو سنگدل انسان محبت نه ٿو ڪري سگهي. محبت بلند ترين انساني صفت آهي. پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ان مان جان نثاري ۽ نفس جي قرباني مقصود هجي، ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻي بيڪار شيء دنيا ۾ هرگز نٿي ٿي سگهي. اهوئي سچي عشق ۽ ڪوڙي عشق ۾ فرق آهي.سچي عشق جي ڪا به خواهش ناهي هوندي، جيڪا محبت خواهشن تي ٻڌل آهي، اها موهه آهي، محبت ناهي. والدين، زال، ٻارن، ٻچن، دوستن مال ۽ دولت جي محبت خواهش کان هرگز خالي ناهي.
انسان لاءِ محبت فطري جذبو آهي ، هر شخص محبت ضرور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو، دولت سان پيار ڪن ٿا، ڪي اولاد سان پيار ڪن ٿا، ڪي مذهب سان، ڪي وري عوام سان پيار ڪن ٿا. ڪي وطن سان پيار ڪن ٿا. فقط ڪي ٿوريون چند هستيون آهن، جيڪي سڄي ڪائنات سان محبت رکن ٿيون، سچ ته محبت جي حقيقت کي فقط انهن ئي صحيح سڃاتو آهي.

Junejo.shanali@yahoo.com

زندگي هڪ ڪليءَ مثل (عاجز اقبال ڪنڀر)

زندگي جيڪا بقول گرُو رجنيش جي لفظن ۾ ”هڪ ناچ هڪ نغمو آهي.“ زندگي جيڪا هڪ فطرتي حسين سفر آهي. جڏهن ته نغمو ۽ ناچ به قدرتي سخن هئڻ سان گڏ انساني زندگي جو هڪ حساس حصو آهن. نغمي ۽ ناچ سان زيادتي ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن گل ٿيڻ جي آس رکندڙ ڪنهن ڪلي کي ٽوڙڻ ۽ ان جي احساسن کي مروٽڻ برابر آهي. ڪليون باغن ۾ ئي سونهينديون آهن. جڏهن ته انسان ۽ ان جي زندگي خوشين ۾ ئي سونهي ٿي اسان جي زندگي جو حال هن وقت وڻن مان ڇڻيل پنن جهڙو ئي آهي. جن پنن تي پيلاڻ مائل چڙهيل زندگي رنگ جيڪو انهن پنن جي حسناڪي تي ڪنهن روڳ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي، انهن جون سموريون خواهشون ئي ڪو هٿ جو کيل ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪل اسان جي زندگي به اهڙي ئي ڪنهن روڳ ۾ روڳيل آهي. جنهن ۾ هر اها مشڪل ڏونگر ڏورڻ ڏکيو آهي. جنهن جي هنج يا ڪک ۾ ڪي سوکڙيون هجن، قحطه گاهه صحت گاهه تائين ڪشالو ڪٽڻ به مشڪل آهي يا فاڪه ڪشي جي ڦنڌن ۾ ڦاٿل زندگي ڪنهن به ڇولي کي سهڻ جي سهپ يا سگهه ناهي رکندي ۽ هي حال ڏسي انهي مايوسي جي عالم ۾ شاهه صاحب جو هي باتاديب بيت نصيحت سان گڏ ڏوراپو ڏيندي هينئي تي هُري ايندو آهي.
جي ڪو ڏُٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇپر ڪيئن نه ڏئي، سوکڙيون ستن کي.
(شاهه)
نتيجي ۾ غفلت کي پنهنجي من تان لاهڻ جي ڪوشش ڪبي پر وري به ڪو اڻ سهو بار هلر ۾ پيل سنڱن جهڙو حال ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ زندگي نه ئي ڪنهن ناچ جهڙي رهندي آهي يا نه ئي وري نغمي جهڙي رهندي آهي. خزان جهڙي سوچ رکندڙ اسان جا سرواڻ زندگي ۽ ان ۾ موجود خواهشن کي ائين ڇاڻي ڇڏيندا آهن، جيئن پن ڇڻ جي رت وڻ ڇاڻي کوکلا ڪري ڇڏيندي آهي. نتيجي ۾انهن حالن کان پوءِ سرد سياري جو سرد هوائون ۽ ڏکي وقت جون ٿڌيون ڪوسيون سواءِ رب پاڪ جي اجهي به سهڻ مشڪل هونديون آهن، جنهن جي عڪاسي شاهه صاحب جي هن بيت ۾ نظر اچي ٿي.
ولهون، ويلا، واو، جوڳين جهليا جان،
اجهو رءِ الله، ڪونهين ڪاپڙين جو،
 (شاهه)

زندگي سهپ ۽ صبر کان سواءِ.  سوداگرن جي ور چڙهي ويندي آهي پوءِ جيڏانهن جيترو وڌيڪ ملهه ملندو اوڏانهن ئي ان زندگي جو منهن هوندو هنن حالن ۾ حياء جارو جاني لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن ۽ هٿن تي مهندي رنگ ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي يا ڇڙواڳ اپسرائن تي موهجڻ پنهجي معنيٰ وڃائي ڇڏيندو آهي يا هيمون ۽ ڀڳت سنگهه جو سوري تي چڙهڻ وقت ظاهر ٿيندڙ صبر پنهنجي اصليت وڃائي وهندو آهي يا معافي نامي ته لکيل لفظ منڪر تي پنهنجن هٿ اکرن جي لکاوت منصور الحلاج جي نظرئي جي پيروي ڪندي آخر ۾ گُمراهي جي حوالي ٿي وڃائجي ويندي آهي، ايئن ڪرڻ ته برابر آسان هوندو آهي پر ايئن ڪري پوءِ ضمير سلامت رکي جيئڻ ڏاڍو مشڪل يا ڪٺن هوندو آهي پوءِ ڀل دنيا ان زندگي کي يا ماڻهو کي ڦٽڪار جي نظر سان نه به ڏسي پر ان زندگي جو پنهنجو ذاتي ضمير ئي سک سان جيئڻ ناهي ڏيندو جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ئي اها زندگي جيئندڙ ماڻهو پنهنجي ئي ڪئي تي پريشان هوندو آهي، جنهن جو حال به شاهه صاحب جي انهي سٽ ۾ نظر اچي ٿو.
ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.
(شاهه صاحب)
زندگي جي هن سفر ۾ ننڍڙيون ڳالهيون ۽ ننڍن ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ به هڪ وڏي ۾ وڏي غلطي آهي، ڇو ته اهي ننڍڙا به هڪ ڏينهن وڌي وڻ ٿي سگهن ٿا ۽ ننڍڙيون ڳالهيون به ڳالهين مان ڪو ڳالهڙو ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري سوچ ۾ سرت هجڻ گهرجي ڇو ته نانگ جي ننڍڙن ۽ سنهن ٻچن جو ڌڪ به هاٿي جهڙي هاٺي رکندڙ کي يا هاٿي پاڻ کي به انهي هنڌ تان چرڻ ناهي ڏيندو جنهن هنڌ تي اهو ننڍڙو ٻچو ڌڪ هڻندو آهي جنهن لاءِ نصيحت به شاهه صاحب جي انهي بيت ۾ نظر اچي ٿي.
سنها ڀانءِ م سَپ، ويا واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.
(شاهه صاحب)
زندگي جيڪا شاعرن جي نظر ۾ هڪ ئي وقت حسين به آهي ته فراقن ۾ ڦٽيل به آهي. ڏک ۽ ڏولاوا ته هونئين به زندگي جو سخن آهن، ڏکن بنا زندگي جو حسن پنهنجو اصلي روپ ۽ رنگ وڃائي ويهي رهندو آهي ۽ ڇسي زندگي ۾ موجود چوسائي فطرتي حسن کان الڳ ٿي ويندي آهي ۽ فطرت کان الڳ زندگي ڪو به درد سمجهي ۽ روحاني رمزون محسوس ڪري ناهي سگهندي ۽ انهن جا راز دل کي راحت ڏيڻ کان اڳ ئي ڪنهن الميي ۾ الجهي الاپجڻ جي هوراکورا ۾ الوپ ٿي ويندا آهن. وطن ۽ وچن زندگي جي مٿي هيٺ وهاڻي وارو ڪم ڏئي ميرا ٿي ويندا آهن، خوشيون من ۾ ئي مرجهائجي وينديون ۽ ڪليون گل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي باغن مان ٽٽي يونيورسٽي ويندڙ ڇيڳري ۽ ڇڙواڳ ڇوڪريءَ جي وارن جي چوٽي ۾ لڳي آرٽس فيڪلٽي جي گيٽ اڳيان ان ڇڙواڳ ڇوڪري کي پويان ٿيندڙ سڏ تي پوئتي مڙي نهار هڻڻ وقت اهي ان ڇيڳري جي وارن جي چوٽي ۾ لڳل ڪليون پيرن ۾ ڪري مروٽجي وينديون ۽ ان ڇڙواڳ ڇوڪريءَ کي انهن ڪلين جي پيرن ۾ ڪرڻ جي ڪا به خبر نه پوندي آهي ۽ انهن ڪلين کي پيرن ۾ ڪچلجندو ڏسي پريان سامهون بيٺل ان ڇڙواڳ جو ستايل عاشق ان ڇوڪري کي ڪلال جي مڌ جو درجو ڏئي انهن ڪلين کي سِر سمجهي شاهه صاحب جي انهي بيت کي اصل مقصد کان هٽائي انهي منظر تي انهن ڪلين سان آٿت واري لهجي سان درس ڏيندي مخاطب ٿي ائين چوندو:
سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻان منهن مَ موڙ، وٽي تي وڌ لهي.

(شاهه)

ڏوٿيئڙن جي ڏيهه ۾ ملندڙ لسي جو لوٽو ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ سگهڙ (فقير الماس نهڙي)

ٿر پاڪستان جو اهو پسمانده خطو آهي جتي جا مارو هميشه مفلسي کي منهن ڏيندا پيا اچن روزگار کان محروم ڏوٿي ڏکن ۽ بکن ۾ به دل تان پنهنجي تهذيبي روايتن ۽ ثقافتي رنگن کي دل تان لاهي ناهن سگهيا. مارئي جي هن ملير جي ماروئڙن هميشه محبت جي امين هجڻ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي باشعور قوم جي سڃاڻپ رکندڙ ماروئڙن پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ جو ڀرم رکڻ سان گڏ ڪکاون گهرن ۾ انتهائي سادگي جي زندگي گذارڻ اوطاقون آباد ڪري هڪٻئي سان حال اورڻ توڙي مهمان نوازي ۾ پاڻ ملهائڻ سان گڏ اڳڀرا رهيا آهن. سنڌي قوم جي مخصوص ۽ منفرد لباس کي اڄ به خاص اهميت ڏني وڃي ٿي.سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍڻ سان گڏ پڳ توڙي گوڏ پائيندڙ ماروئڙن کي الڳ مقام حاصل رهيو آهي. سندن نصيحتن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪرڻ جا مثال اڄ به موجود آهن.
شاندار ماضيءَ جو مطالعو ڪندڙ محقق ڏاهن موجب سنڌ ڌرتي تي ڏاڍ جي بنياد تي انگريزن سميت ڪيترن ئي غير سنڌي جابرن ۽ آمرن حڪومتون ڪيون آهن جنهن سبب عربي فارسي انگريزي ۽ ٻين ٻولين جو سنڌي ٻولي تي پوندڙ اثر نهايت ئي اثرائيتو نقصان رسايو آهي. ان جو چٽو مثال اڃان تائين سرڪاري سطح تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ آهي ۽ ان سان گڏ سرڪاري سطح تي قديم تاريخ تي سنجيدگي سان ويچارڻ يا ان کي سهيڙڻ لاءِ ڪي به اثرائتا اپاءَ ورتا ويا آهن تاريخ کي صرف بادشاهن اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن سندن جنگين قصن ۽ ڪهاڻين تائين  محدود رکيو ويو آهي. سرڪاري سطح تي تاريخ کي صحيح استعمال جو تصور ئي نه ڏنو ويو آهي.سنڌي قوم کي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقا فتي اِڀياس جي نالي تي گهريل مڃتا ناهي ڏني وئي، موجده حالتن ۾ قديم تهذيب واري سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي ڌڻي هٿرادو  معاشي بحرانن، بدامني، لاقانونيت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جهڙن بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، تنهن باوجود اڄ به ٿر جا ٻهراڙي وارا علائقا ماروئڙن جي حب ۽ چاهه جو مرڪز بڻيل آهن. اڄ به ڪچهرين جا ڪوڏيا اوطاقن ۾ ويهي هڪ ٻئي سان حال اورڻ ۽ اورائڻ سان گڏ سور پچار ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. ٻهراڙي جا مارو ماڻهو ڪم ڪار جي ٿڪاوٽن جا ماريل هوندي بيا کڻي زماني جي گردشن ۾ گهيريل هجن پر هو شام جو اوطاقن تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ پهچن ٿا. اڄ به انهن جي اوطاقن تي لسي جا لوٽا هر مهمان کي نيرن جي وقت ماني سان گڏ ملن ٿا.مهانگائي جي هن دور ۾ به قديم روايت، مهمان نوازيءَ سان مهڪي رهي آهي.ٿر جي ٻهراڙين ۾ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي نج لفظن توڙي محاورن جا ڀنڊاير ڀريل آهن ۽ وٽن چڀڙ، مريڙي جو ٻوڙ اڄ به رڌجي ٿو. وٽن رڍن، ٻڪرين جا ڌڻ توڙي مينهن ۽ ڍڳين جا وٿاڻ موجود آهن. اهي نصيب وارا آهن جو هن ڊالڊا جي دور ۾ به مکڻ ۽ کير کي پنهنجي هينئين سان هنڊايو پيا اچن.سندن ڪچچجرين ۾ هر هڪ لفظ موتيءَ کان وڌيڪ سهڻو ۽ مشڪ جهڙو هڳاءُ ڏيندڙ پيو محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ته قديم تاريخ جو حصو بڻيل ماروئڙن جي ڪاڄن توڙي ٻين خوشيءَ وارن ڏهاڙن تي منفرد انداز سان لاڏا گيت ۽ سهرا ڳائڻ جو سلسلو جيڪو هاڻي نالي ماتر وڃي رهيو آهي پر سنڌي  ثقافت کي اجاگر رکندي ماروئڙا اجرڪن سان ڪانڀون مٿي تي ٽوپي، پٽڪي جا سهرا سجائي سينگاريل گلدستا، گرجيلا، پهاڪا، هنر ڏٺ،پروليون، ڏور ڳجهارتن ۽ بيتن تي سنڌي ٻوليءَ جي پالوٽ ڪري پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاريندا رهن ٿا.


اهڙن ڏات ڌڻين جو سنڌي ٻوليءق سان چاهه ۽ ماروئڙن سان محبت جي ايڪتا وارو پيغام عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي سندن سادگي ڀريل درس ڏيندڙ اچارن مان اڄ به پنهنجائپ جي خوشبو اچي ٿي جنهن جو تسلسل اڄ به قائم آهي. سنڌي ثقافت ۾ مچ ڪچهري، ڪانڀ ڪچهري، کٽ ڪچهري ۽ پٽ ڪچهري پڻ هم روايت رهي آهي جنهن ۾ سنڌي ثقافت جا منفرد رنگ ۽ نمونا پسڻ ۾ ايندا آهن.محققن موجب سنڌي سماج اندر موسمن جي مدِنظر انهن ڪچهرين جو بنياد پيو آهي.خاص طور تي سياري جي راتين ۾ جڏهن سيءُ ڀل ڀلان هوندو آهي ته باهه جو مچ ٻاري ڪچهرين جا ڪوڏيا حال احوال سان گڏ پنهنجون تخليقون پيش ڪندا آهن. ساڳي وقت معاشي حالتن لاڳاپيل ڪاروبار ۽ وقتن بوقتن  پيدا ٿيندڙ  بحران تي بحث ڪندا آهن. ٿر ۾ اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جو عروج رهيو آهي. جتي محبتن جا ميلا ۽ قربتن جا ڪٺ اڄ به روان دوان قائم ۽ دائم آهن. جيتوڻيڪ جديد دؤر ۾ ٻهراڙين ۾ اوطاقن تي ڪچهريون ٿيڻ واري روايت واري سلسلي ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. ۽ هوٽل ڪلچر جو عروج اچي چڪو آهي. تنهن باوجوس ٿري سگهڙن ۾ سگهڙائپ واري ڏات اڄ به قائم آهي اڄ به سگهڙ طبقو پنهنجي دلي جذبي سان ٻولي جا بي بها موتي سانڍيندو وتي ٿو. لطيف سرڪار جي بيتن توڙي سنڌي ثقافت، قديم داستانن ۽ لوڪ ادب تي مشتمل ايڪتا وارن پيغامن کي پنهنجي وندر ورونهن جو ذريعو بڻائيندو اچي پيو.

زندگي ڀلي اهڙي رلي تي ٽڪ جهڙي (امين ساند)

حسن درس جي شاعري جو ھڪڙو پنھنجو انداز آ حسن  درس سنڌي شاعري جي آسمان تي قطب تاري مثال آ ھن جي شاعري ٿر ۾ برسات کان پوءِ مستي ۾ آيل مور جي ناچ وانگر لڳندي آ  ھن جي شاعري صوفي ازم جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿي  ھن پنھنجي شاعري ۾ محبوب کي جيڪا ڀيٽا ڏني آ اھا شايد ئي ڪنھن ٻي شاعر ڏني ھجي ھن پنھنجي محبوب کي دنيان جي ھر خوبصورت ۽ ھن جي دل کي وڻندڙ شيءِ سان ڀيٽيو آ حسن جي شاعري جي اندر جيڪو رومانس آ ان ھن جي شاعري کي سنڌ جي سڀني شاعرن تي افاديت بخشي آ ھن جي شاعري جو ھڪڙو نرالو انداز آ ھن پنھنجي ھڪڙي شعر ۾ زندگي کي ڪيڏي نه خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آ 
زندگي ڀلي اھڙي ٽڪ تي رلي جھڙي آءُ  وڇايان تون نه ويھين ان کان ويڙھيان کڻي

ھن شعر ۾ ھي پنھنجي محبوب لاءِ زندگي جي رلي وڇائي ٿو ڇو ته ھن جي نظر ۾ محبوب جو مرتبو زندگي ءَ کان مٿي آ پنھنجي محبوب کي زندگي کان وڌيڪ پيار ڪندڙ ھي شخص پنھنجي ان عمل کي به عملي جامون پارائي ويو جيڪو واعدو ھن پنھنجي محبوب سان ڪيو ھو آءُ وڇايان تون  نه ويھين ان کان ويڙھيان کڻي ھن زندگي جي رلي کي آھڙو ويڙھيو جو وري ڪنھن کي به حسن جي زندگي جي رلي کي وڇائڻ جي ضرورت نه پيئي ان کان به وڌ ھن جو ھڪڙو ٻيو شعر ساري سنڌ پرين جو پاڇو ھن کي سنڌ به پنھنجي پرين جي پاڇي جھڙي لڳي ٿي محبت جو اھو انداز شايد ئي ڪنھن ٻي شاعر وٽ ھجي ھن پنھنجي شاعري ۾ عشق جي انتھا ڪري ڇڏي آ ھن جي شاعري ۾ عشق جو جيڪو تصور آ سو تمام خوبصورت ۽ دلڪش آ ھن جو ھي شعر به ڪمال آ جنھن ۾ ھن لھندڙ سج کي شمار ڪيو آ ڇو ته چنڊ کي ته ھر شاعر ڳايو آ پر سج جي تپش کان سڀڪو ڀڳو آ پر ھن چيو ا پکي پرڏيھ جو سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو عشق اسان کي سارين جيئن ڇڙي ڦوڪي ڇنڊي ٿو پيو جنھن ماڻھون کي عشق سارين جيئن ڇنڊي ڇاڻي ڦوڪي صاف ڪري ان ماڻھون جو عشق لافاني عشق ھوندو آ حسن دنيان ۾ خوبصورتي جو تصور ٿيندڙ ٻار ۽ کل کي به پنھنجي محبوب سان ڀيٽي ٿو کل جھڙا پيار پنھنجا ٻار ڄڻ ٻيئي اسين پاڻ کي ۽ پنھنجي محبوب کي ٻار تصور ڪري ٿو ڇو ته دنيان ۾ ٻار کي خوبصورتي جي علامت طور پيش ڪيو ويندو آ پنھنجي محبوب کي ان کان وڌيڪ خوبصورت ڀيٽا ٻي ڪا به نٿي ٿي سگھي حسن جھڙو سٺو شاعر ھو اھڙو سٺو دوست به ھو ھن دوستي ۾ ڪڏھن ڪنھن سان ليکا نه ڪيا ھن جا دوسٽ چوندا آھن ته حسن ڏيئڻ سکيو ھو وٺڻ نه دوستن سان ڪچھرين ۾ راتين جون راتيون جاڳي گذاريندڙ حسن پنھنجي دوستن جي صف جو امام ھو ھن جا دوست چون ٿا ته جھڙو نالو حسن ھو اھڙو پاڻ به حسن ھو ھن جي شاعري ۾ عشق ۽ سنڌ ٻئي گڏ گڏ نظر اچن ٿا اھا شاعري جيڪا عشق جي باھ ۾ جلندي لکبي آ اھا شاعري نيھائين ۾ پچندڙ ٺڪرن جيان پچي راس ٿي نڪرندي آ حسن کي ھڪ الستي دعا ھئي جيڪا ھن کي شيخ مشاعخ جي درگاھ تي ملي ھئي ھن جي شاعري ۾ سڃي دنيان جو  درد سمايل ھو تڏھن ئي ته  ھن جي  شاعري ھن جي اندر مان گولي جيئين  الا ڇڏيندي نڪرندي ھئي اسٽيج تي حسن جو شاعري پڙھڻ جو انداز ڏاڍو دلڪش ھو حسن اسٽيج تي چڙھندو ھو ته پنڊال تي ماٺ ڇانئجي ويندي ھئي ائين لڳندو ھو ڄڻ سڀ مري ويا ھجن ڪنھن ۾ به ساھ نه ھجي اھڙي ماٺ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد رسول بخش پليجو سائين عبدلواحد آريسر ۽ شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏھن ٿيندي ھئي ته اھا حسن کي ٻڌڻ جي لاءِ ٿيندي ھئي اسان سنڌي ماڻھون ڏاڍا ڪٺور دل جا مالڪ آھيون جيڪي ماڻھون کي جيئري رتي برابر نه سمجھندا آھيون جڏھن مري ويندو ته پيا روئندا آھيون ان ڪري ئي ته اسان سنڌين کي مردھ پرست قوم چيو ويندو ا اچو ته ان  مردھ پرستي مان نڪرون ۽ پنھنجي ھيرن کي سڃاڻون ڪٿي گھڻي دير نه ٿي وڃي ڪا به غلظي ھجي ته معافي ڇو آءُ ڪو شاعر يا اديب نه پر ھڪ ننڍڙو حسن جي شاعري جو عاشق آھيان مھرباني                                             

دل جو ڳوٺ (انور ساند)

هي بنهه وڏو ڳوٺ آهي.جتي يادن جا ٻارڙا هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ سڄو سڄو ڏينهن چلهر ڪوڏي، بلورن ۽ اِٽي ڏڪر جهڙيون رانديون رَهندا آهن.
انهن يادن تي ڪا جهل پل ڪونهي.
رانديون رهي رهي جڏهن ٿڪجي ساڻا ٿي ڪري پوندا آهن.
تڏهن دل جو ڳوٺ جيجل امڙ جيان ڪويل جي ڪُوڪ جهڙيون مٺيون لوليون ڏئي تصور جي پينگهي ۾ سمهاري ڇڏيندو آهي.
هن ڳوٺ ۾ عڪس جا وڏا وڻ آهن. جتي پکي ٽولا ڪري ولرن جي شڪل ۾ ايندا آهن. اياز جي نظمن، مرشد لطيف جي بيتن ۽ عمر خيام جي رباين جهڙيون ٻوليون ٻوليندا آهن.جڏهن هن ڳوٺ تي ڪو طوفان ايندو آهي تڏهن اهي پکي ڀڙڪو کائي اڏامڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پر وقت جو طوُفان انهن پکين مان گهڻا پکي ته ماري ڇڏيندو آهي. ۽ ڪو هڪڙو پکي رهندو آهي اهو هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ روئندو روئندو نيٺ هڪڙي ڏينهن ماٺ صحرا ۾ سمهي رهندو آهي...!!
ان ڳوٺ جي تصور ۾ ئي هي ڳوٺ سمهي رهندو آهي ۽ ان ننڊ جي نينهن مان نڪري ناهي سگهندو..!!
ملهاري جا جڏهن هن ڳوٺ ۾ تان لڳندا آهن، تڏهن هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ محبت جا مور نينهن جو ناچ ڪندا آهن. ۽ هن ڳوٺ جُون سموريون گهٽيون پرين جي اکين جيان جرڪي پونديون آهن، هن ڳوٺ ۾ ڪنهن ڪنهن ساعت يادن جا ٻارڙا کيٽا ڪندا آهن. ۽ رسي ويندا آهن ڪجهه لمحن جي لاءِ، تڏهن هي ڳوٺ اولاد کي ڏنل ڪنهن ماٽيجي ماءُ جي پاراتي جهڙو لڳندو آهي ۽ جڏهن پانهان وري ايندا آهن تڏهن هي ڳوٺ ڪنهن ڪوڏائي جهڙو لڳندو آهي.
 هن ڳوٺ جي گهٽين  ۾ جتي پوپٽ جي پرن جهڙيون سانجهيون ۽ سومهڻيون ٽڪنديون آهن، ته وري هن ڳوٺ جي پڌر تي وڇوڙن، ڏکن جون پيڙائون به وڇايل هونديون آهن، انهن پٿراڻين تي جيڪو ورهيه کان ماٺڪو پکي هوندو آهي اهو وري ڪجهه وقت لاءِ ٻوليندو آهي. ٻوليندي ٻوليندي امر جليل جي ڪهاڻي پڙلاءُ جو ساجن بابُو وارو ڪردار ٿي پردي پويان روئندو آهي. ۽ مينهن وساڙن جهڙيون ڪونئريون تمنائون ان پکيءَ کي ماٺ ڪرائينديون آهن هن ڳوٺ جي بلڪل هنج ۾ هڪڙي دردن جي ندي وهي ٿي.
جڏهن يادن جا ٻارڙا، محبت جا پکي، تمنائن جا مور نديءَ جي ڪناري تي ويهي ڳالهيون ڪندا آهن تڏهن دردن جي نديءَ جون مسافريون به بيهي رهنديون آهن
جڏهن هن دل جي ڳوٺ تي وڇوڙن جا طوفان ايندا آهن. تڏهن هي ڊهي ويران ٿي موهن جي دڙي جهڙو لڳندو آهي.اُهو طوفان حسين تصور ۽ عڪس کي به ڪجهه عرصي جي لاءِ ماري ڇڏيندو آهي دردن جي ندي به سُڪي ويندي آهي. جيڪا ڪنهن ميلي ۾ وڃايل ٻار جيان پار پئي ڪڍندي آهي.
هيکلائي کي ڳوٺ جي پٽ پيل گهٽين ۾ ڪوبه ماٺ ڪرائڻ وارو ناهي هوندو پر وري ڪجهه وقت کان پوءِ ڪچڙي ٻُور جهڙيون خواهشون، تمنائون، آزاديءَ جهڙا خواب هن ڳوٺ جي ٻني ۾ ڄمندا آهن ۽ وري هي ڳوٺ ڪنهن وينگس جي آرس جهڙو ٿي ويندو آهي.
تمنائون ۽ محبتون يادن جي ٻارڙي کي سڪيلڌي اولاد جيان سڄو سڄو ڏينهن سنڌ جهڙا گيت ٻُڌائي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ڪڇن تي کڻي رمائينديون آهن.
هن ڳوٺ جي پتي جي مون کي خبر ڪانهي.
هن ڳوٺ جي گهٽي ۾ يا ڪنهن موڙ تي ڪوبه پوسٽ وارو دٻو ناهي ٽنگيل هن ڳوٺ کي جي ڏسڻو آهي ته پوءِ پهرين اکين جي ڍنڍ ۾ ٻڏڻو پوندو.
تنهن کان پوءِ ئي دل جي ڳوٺ کي ڏسي سگهجي ٿو.
ڏکاري ٻار جي کل جهڙو
تصور ڳوٺ تنهنجي جو
(اشرف پلي)                                                                                      

ٿي تند وڙهي تلوارن سان (رابعه جوڻيجو)

         ادب اها شيءَ آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن ٻوليءَ جو  اسان صحيح طريقي سان اظهار ڪري سگهون ٿا. جيڪو اسان پنهنجي سماج جي مختلف پهلوئن بابت  هوندو آهي. ادب جي سولي سادگيءَ ۾ا سان اها به معنيٰ وٺي سگهون ٿا ته زبان وسيلي پنهنجي زندگيءَ بابت اظهار ڪرڻ به ادب آهي. جنهنجي ذريعي اسان ڪائنات کي ويجهو ٿيون ٿا. ۽ انهي جي فطرت کي پڌرو ڪيون ٿا. سماج جون جيڪي به ريتون، رسمون، رهڻيون آهن انهيءَ تي به ادب جو تمام گهرو اثر پئي ٿو. ادب صرف لفظن کي سهڻو روپ ڏيڻ ۽ انهي ۾  لفظن جو وڌاءُ نٿو ڪري پر اديب جيڪو ڪجهه تخليق ڪري ٿو اهو زندگي جو اڀرندڙ هڪ نئون سج هوندو آهي. ادب سماجي حالتن پٽاندر ئي نشونما ڪندو آهي. ادب اها شيءَ آهي جيڪا زندگي ۾ ناڪام ٿيڻ بعد زندگي گهارڻ ڏانهن ڇڪي ٿو وڃي جنهن جي سڄي عڪاسي ادن ئي ڪندو آهي يعني ادب معاشري جو سموري شين جو عڪس چٽي ٿو.
پر انهيءَ لاءِ اهو لازمي آهي ته اديب ڪيترو مشاهدو ٿو ڪري. اها چوڻي به آهي ته اديب جو ذاتي مشاهدو ئي سٺي ادب جي شروعات آهي. ڇو ته اهو اديب جي وس ۾ آهي ته هو بي معنيٰ لفظن کي ڪيئن معنيٰ دار ٿو بڻائي ۽ انهن کي ڪهڙي طريقي سان پنهنجي فن ذريعي جوڙجڪ ۾ بيهاري ٿو.
انگريزي ادب جي تاريخ ۾  مشهور ليکڪ هڊس ادب بابت راءِ ڏئي ٿو ته ادب اسان کي زندگيءَ جي اهري تجربي کان واقف ڪري ٿوجيڪو عام رواجي زندگيءَ کان وسيع قيمتي هجي ٿو.ادب اسان جي زندگي جا نوان پٽ کوجي ٿو. ادب اهو ڪجهه ڪري ٿو جنهن جي اسان سوچ ئي نٿا رکون ۽ ڪري نٿا سگهون ۽ نه ئي وري سمجهي ٿا سگهون.
دنيا جي تاريخ به انهي ڳالهه جي شاهد آهي ته ادبي ذبان جو اثر تيز تلوار کان به وڌيڪ هوندو آهي دنيا جون سموريون رياستون ادب کي اهڙي تلوار سمجهنديون آهن جنهن سان هر دشمن تي فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهو نڪور سچ آهي ته قلم تلوار کان تيز ٿئي ٿو. دنيا ۾ جتي به انقلاب برپا ٿيا آهن اتي ادب ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيو آهي جنهن جي ڪري ئي ڪا به زبان ادب جي خاني کان خالي نه آهي.
عبدالواحد آريسر صاحب هڪ هنڌ ادب جي اهميت بابت لکيو آهي ته “قلم حاڪم جي هٿ ۾ خنجر، جج جي هٿ ۾ انڌي لٺ ۽ اديب جي هٿ ۾ روشني جو ڏيئو ۽ انقلاب جو جهنڊو آهي.” انهي جي حفاظت ايئن ڪ رڻ گهرجي جيئن مارئيءَ پنهنجي عظمت جي ڪئي هئي.
اهو ته شايد سڀني کي خبر هجي ته جڏهن انگريزي ادب جو ماهر مصور تاريخدان سرونسٽن چرچل  جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ وقت انگلينڊ جو وزيراعظم جنهن ڏکئي وقت ۾ قيادت ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي ڪاميابي ڏياري، اهو جڏهن هندستاني فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽينٽ طور متعين هو تڏهن سندس امڙ ادبي ڪتاب موڪليندي هئي جنهن جو هي اڀياس ڪندو هو. انهي ۾ هن گبن جو مشهور ڪتاب “رُوم جي سلطنت جو زوال ۽ شڪست” کي باربار ورجائي انهي جو غور سان مطالعو ڪندو رهيو انهي ڪتاب جي مطالعي هن جي زندگي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ پنهنجا ارادا اٽل رکيا. ۽ ڪوشش ڪندي نيٺ انگلينڊ جو وزيراعظم ٿيو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ سرپرستي ڪندي جرمني کي شڪست ڏنائين.انهي بهادري ۽ شڪست ڏيڻ، جمهوريت کي بچائڻ ۾ گبن نالي انگريزي اديب جو سئٽزرلينڊ جي ڍنڍ ليمان جي ڪناري تي ويهي لکيل ڪتاب “روم جي سلطنت جو زوال ۽ شڪست” جو وڏو هٿ هو.توهان اندازو لڳايو ته ڇا جنگ ۽ ڇا ادب؟؟؟

اديب جي تخليق ڪيل لفظ ۽ ڪتابي مجموعن ايترا ته ڪارائتا ۽ طاقتور آهن جو اهي دنيا جي قسمت بدلائي سگهن ٿا پر انهي جو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ذهن سان هنڊائڻ گهرجي. توهان ڏٺو هوندو ته ڪئي حڪومتون ڪنهن اديب جي تخليق تان ڊڄي ۽ هراسجي وينديون آهن ۽ جاهلانه سوچ رکندي ان تي پابنديون لڳائينديون آهن.ڇو ته ادب اهڙي نشي آور شيء آهي جيڪا ڪنهن به طاقتور شيء کي ڊاهڻ لاءِ آسان اوزار آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون حڪومتون به انهن ڪتابن ۽ اديبن جي تخليق ڪري ڊهي پونديون آهن.
سنها ڀان ۾ سڀ ويا واسينگن جا.
اهي ڪتاب آهن ۽ ادب ئي آهي جنهن سان نوان نظريا تخليق ٿين ٿا. جنهن جو مثال ڪتاب “داس ڪيپيٽل” ۽ هڪ ننڍڙو ڪتابچو “منشور” هئا جنهن دنيا ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جو پايو وڌو. اهو ڪو اثر گهٽ نه آهي ڇو ته اڄ تائين ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن جو نظريو هنن ڪتابن ذريعي ئي ٺهيل آهي. علم جو  ڪو ٻيو شعبو اندروني ڪيفيت کي جاڳائي نٿو سگهي. پر اهو ادب ۽ اديب تي آهن جيڪي اسان کي  نئين سوچ ۽ سمجهه ڏين ٿا جنهن جو مثال توهان شاهه لطيف جي بيتن مان به وٺي سگهو ٿا. جو اڄبه سنڌ جا اڪثر شاعر اديب يا ليکڪ پنهنجي ڪتابن ليکڪن مجموعن جا نالا ۽ لطيف جي لفظن مان ڳوليا آهن ۽ اڄ به مختلف تحريڪن جا ڪارڪن لطيف جي بيتن مان رهنمائي حاصل ڪن ٿا.
ادب پنهنجي دؤر جي مزاج ۽ سندس روح جو اظهار آهي اديب اسان کي سوچ جي شانيت ۽ باوقار وادي طرف وٺي وڃن ٿا. اديب شاعر قلمڪار ئي آهن جيڪي ڪنهن به قوم کي مستقبل جو پيغام پهچائن ٿا.پر اها ڳالهه هر باشعور ماڻهو کان لڪيل نه آهي. هن جو قدر صرف هن دنيا مان موڪلائڻ کان پوءِ ئي اڪثر ڪري ڪيو ويندو آهي.هتي صرف گهڻي ملڪيت واري عزت ۽ احترام ملندو اهي ڪيٽس تمام غربت ۾ وقت گذاري به تمام سٺا نظم تخليق ڪيا پر غربت هن جي عظيم تخليق ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي.
شاعري ۽ ثقافت مشڪل سان ڪنهن غريب جي جهوپڙي ۾ واسو ڪنديون آهن ۽ انهن کي بکئي پيٽ ۾ جڳهه ڪو نه ملي سگهندي. انهي ڪري رڳو طاقتور ۽ پئسي وارا اديب ۽ شاعر ترقي ڪري سگهن ٿا.۽ اهي اوسر پڻ سندس ئي سرندي واري ماحول جي ڪندا.
باقي جيڪڏهن غريب ڪا ادبي تخليق ڪندو ته ظاهر آهي ته اها سندس ماحول واري هوندي جنهن ۾ هو پنهنجا درد سور اوريندو يا وڏين طاقتن کان بغاوت ڪندو جنهن جي ڪري هو پوئتي ڌڪجي ويندو آهي ڇو ته سچائي کي نروار ڪندو ۽ حقيقي عڪس کي چٽيندو آهي. تڏهن ئي هن کان اڳتي وڌڻ نٿو ڏنو وڃي پر سچائي ڪڏهن به لڪي نه سگهندي آهي جنهن کي طاقتور ڌرين ڌڪڻ جي ڪوشش اخر ۾ نيٺ هنن جي تخليق ڪٿان نه ڪٿان ظاهر ٿيندي ۽ انهن جي تخليق تي دنيا پنهنجي راهه چونڊيندي ۽ سندن خواب ساڀيان ٿيندو. ۽ پوءِ هر اديب جي من اندر مان اِهو ئي آواز آلاپ ڪري اٿندو ته:
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿو ٽڪرايان پنهنجا گيت ،
جڏهن سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان،
تون هيڻو آن هٿيارن سان

پٿر جي پتلن جون ڪهاڻيون (ننگر چنا) ـ قربان جتوئي جي ڪتاب اڏار تي تبصرو

سنڌي ڪهاڻي اڄ به حال سارو سفر ۾ آهي ۽ اُها اڄ به جتن ڪري رهي آهي ته نه رڳو ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي پڻي جي لڄ رکي پر پنهنجي ماڻهوءَ جي مَن ورتيءَ کان وٺي  ان جي هڏ وررتيءَ جو ڪونه ڪو چِٽُ، ڪونه ڪو عڪس ظاهر ڪري سگهي. اڄوڪي سنڌ ۾ جتي تمام گهڻا شاعر آهن، اتي ڪهاڻيڪارن جو به سٺو انگ موجود آهي. هڪڙا ڪهاڻيڪار ته اهي جن کان اسان سنڌ جي معتبر رسالن (جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن)جي ذريعي واقف آهيون ۽ انهن جا فن پارا مطالعي جو حصو ٿيندا رهن ٿا، ته ٻيا اهي ڪهاڻيڪار آهن جن جي ميڙي چونڊي اوچتو ڪتاب جي شڪل وٺي اڳيان اچي وڃي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ جو هي نالو جنهن کي قربان جتوئي ٿا، سو به ايئن ئي اوچتو منهنجي اڳيان آيو آهي. منهنجي دوست، سياسي هم سفر احمد انقلابيءَ هٿان مليل هيءَ سوکڙي “اڏار” نالي مجموعي ۾ موجود ويهن ڪهاڻين مان يارهن ته مون ضرور پڙهيون آهن.
انساني زندگيءَ جيڪا لکن هزارن ورهين کان پاڻ هڪ عظيم ڪهاڻي آهي ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي جيترا به انسان موجود رهيا هئا يا آهن، اوتريون ئي ڪهاڻيون به آهن، اڃان به وڌيڪ ڇو ته هڪڙي انساني زندگيءَ جي ڪشادي ڪينواس تي حادثن، واقعن، اڌمن، احساسن، جذبن، محبتن ۽ نفرتن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پکڙيل آهن. انساني جيون جي بُڻَ ۾ ڪم ايندڙ مسالي-اٽي لٽي، اجهي کان وٺي جنس تائين جا مامرا هَر دؤر جي ڪهاڻي جو مرڪزي موضوع رهيا آهن ۽ ايئن ئي اسان جي ڪهاڻي به دنيا جهان جي ڪهاڻين کان نرالي ناهي به، ته آهي به. اُها پيچيدا، ڳتيل انساني جذبن ۽ مامرن ڀري ڪهاڻي کا بيان ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا ڍنگ ۽ ڏانءَ آهن. جيون جي سخت ترين مامرن کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ لاءِ به هنر ۽ ڏانءُ گهرجي ٿو.
سائين قربان جتوئي جي ڪهاڻي به زندگيءَ جي مامرن، محبتن ۽ نفرتن کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش آهي،منهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪهاڻيون سنڌ جي ٻن جهانن يا ٻن زندگين جي نمائئندگي ڪن ٿيون، هڪ شهري زندگي ۽ ٻي ٻهراڙي جي زندگي.
سندس مجموعي جي پهرين ڪهاڻي “اڏار” فردي پيڙا جي نمائندگي ڪرڻ جو جتن آهي. زندگي جيڪا هڪ پاسي دائرن ۾ قيد ٿيل آهي، انساني فطرت جي اهڙن پاسن تي دانهن آهي، جيڪي پهرين نظر ۾ صدين کان هڪجهڙا ڀاسن ٿا. انساني جيون ۾ جنگيون، نفرتون، پابنديون ۽ لکين سالن کان اهائي بي پهچ ۽ مختصر زندگي ۽ ڪُتي جيان ڪجهه دائرن ۾ هيراڪ بڻجي ويل زندگي. پر اهو فرد جيڪو شعور جي وهڪ ۾، مايوسيءَ جي ڪُنَ ۾ آيل آهي سو اُڏار جي اختيار جو ادراڪ ٿيندي، مرڪي پوي ٿو.اهڙي طرح قربان جتوئي هڪ سُٺي ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
“يوٽرن” سياسي ويچارن تي ٻڌل ڪهاڻي، جنهن جو مرڪزي خيال “عدم تشدد” جو فلسفو آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي نظرياتي جهيڙي جي نمائندگي ڪندڙ. پر اها ڄڻ ته هڪ مونولاگ آهي. ڪهاڻيءَ جي اندر وڌيڪ سگهه تڏهن پيدا ٿئي ها جڏهن ان ۾ ٻيو ڪردار به اوترائي طاقتور دليل “تشدد” جي حق ۾ ڏئي ها. بهرحال هيءَ ڪهاڻي به اسان جي سماج جي سياسي جُهد جو کليل اظهار آهي.
“اڌوري ارپنا” سنڌين ۾ هندو جاتيءَ جي شادين واري مامري تي لکيل ڪهاڻي آهي. هندن جو قديم رواج آهي ته پنهنجي نُک ۾ وهانءَ نه ڪبو.ساوتري ۽ سندس سؤٽ جي محبت جي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي ۾ اهم مذهبن جي مکيه عقيدن، ڪردارن ۽ واقعن تي بحث مباحثا. هندو مت تي ڪيل ٽپڪاٽپڻي ڪهاڻيڪار جي وسيع علميت کي ظاهر ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ هندو ٽرمنالاجيءَ جو استعمال ڪهاڻيڪار جي گهري مُشاهدي ۽ مطالعي کي بيان ڪري ٿو. هند ۾ سرجندڙ سنڌي ڪهاڻيءَ جو موضوع اهڙو هجڻ فطري آهي پر سنڌ ۾ ايئن هندوجاتيءَ تي لکڻ لاءِ مهارت گهرجي، جيڪا ڪهاڻيڪار وٽ نظر اچي ٿي.
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي انساني طبيعت جو اظهار، ڪاوڙ ، ڪروڌ ۽ ذهني اٿل پٿل جو ڪئٿراسس وڃي ڪام واسنا جي تعميل تي ٿئي ٿي ۽ ايئن هڪ فرد پاڻ کان طاقتور ريتن، رسمن ۽ ان جي قانون کان بدلو وٺي وري به سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو.
“اسان جا مسيحا” نالي ڪهاڻي علي بابا جي ڪهاڻي، “نوان پيغامبر” جو وڌاءُ آهي. حاڪمن، ظالمن، قابضن پاران پيش ڪيل تاريخ جو اهو درسي، روايتي، قبول پيل رخ اڳيان آڻي ٿي، جنهن سان اسان جا ابا ڏاڏا ڀيِت پيل، هريل آهن ۽ اڄ به اهي اسان کي ۽ اسان جي نئين نسل کي ائين ئي ڏيهي، وطني ماڻهن، املهه ڪردارن جي گلا غيبت تي ٻڌل گپوڙن ڀريل تاريخ جي نالي تي بدديانتي منتقل ڪندا رهن ٿا. هيءَ ڪهاڻي اهڙن روين، ڪردارن تي، قصن ۽ ڪوششن تي ڀرپور طنز آهي ۽ ڪوڙي تاريخ جي لاک لاهڻ ۾ سڦل وئي آهي.
“ماهر نه ٿي مئا” جي نورڪهان جي ۽ “سرت” جي سرت جي پڄاڻي هڪجهڙي آهي ۽ اها هيءَ ته ٻئي پنهنجون محبتون نه ماڻي سگهيون. ۽ مرداڻي سماج جي اڏيءَ تي پنهنجي خواهشن جي ٻَلي چاڙهي، قربان ٿي، هن سماج جي چلهه جو ٻارڻ بڻجي ويون.
نورجهان جي ڪهاڻي جو عنوان ڏاڍو خوبصورت ۽ معنٰي ڀريو آهي ۽ ڪهاڻيڪار جي نيڪ نيتي جو مظهر آهي ته ڪاش اسان جون سرتون، ڀاڳڀريون ۽ ملوڪائون هڪ ته مرن نه، پر جي مرن ته پوءِ ماهر ٿي مرن.
“پٿر جي پتلي” هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪم نه رڳو انساني سماج جي اکيڙ نکيڙ آهي نه رڳو ان جا مامرا مسئلا بيان ڪرڻ آهي پر ساڳي وقت  اها ڪهاڻي انساني نفسيات جي ڳجهن، ورن وڪڙن، پيچيدگين جا مامرا به سلجهائيندي آئي آهي. عورت جي نفسيات به اهڙو ئي چيِستانُ آهي، جهڙو جهنگ مرد جي نفسيات آهي، پر مرد گهڻِ ڀاڱي عورت جي رنگ روُپ ، رويي ۽ ڪردار، سوچ ۽ لوچَ کي سمجهڻ ۾ ڪيئي ڪتاب ڪارا ڪري ڇڏيا آهن.
مرد جي جنسي اڇل هٿان عورت سدائين پروس ٿيندي رهي آهي ۽ انهيءَ هوندي به سڄڻ جي سورٺ پروس نه ٿي ٿئي ۽ سڄڻ جي سورٺ جي چاهڻ جي باوجود سڄي ڪهاڻي ۾ انجام جيڪو “اڌوري ارپنا” جهڙو هجڻ گهرجي ها، تهڙو نه ٿو ٿئي ۽ سورٺ ڀڙڪو کائي، ۽ ڪپڙا لاهي کيس اهو چئي ته
“آءُ ڏس.... ڍءُ ڪري ڏس.....”
“پر ورندءِ ٻيو ڪي ڪين.....” هوءَ ڪپڙا پائي ٻاهر نڪري وئي.
ڪهاڻِي اتي ئي پوري ٿي ۽ حيران ڪري وئي ته سورٺ جي سڄي وٺ پڪڙ. سڄن کي چاهڻ، پائڻ، تڙپڻ، ڦٿڪڻ، پيار جا سڀ مرحلا پار ڪرڻ باوجود اتي اچي ڇا ٿيو؟ ڪو به سبب ناهي؟ ڪوبه جواب ناهي. هڪ حيراني آهي ۽ ايئن ئي هي ڪهاڻي انساني نفسيات جو فنڪاراڻو اظهار آهي.
قربان جتوئيءَ جون ڪهاڻيون جيڪي مان پڙهي سگهو آهيان، سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جيون جي نمائندگي ڪن ٿيون. ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ جتي ٻهراڙيءَ جي سادي، اصلوڪي، نج نبار سنڌي آهي، اتي شهرن جي اڙدو گاڏر ٻولي به آهي. ڪهاڻين جا موضوع به به ايئن ئي ڪٿي اجتماعي زندگيءَ جا سياسي، سماجي، اقتصادي مامرا آهن ته ساڳئي وقت فردي سوچون خيال ۽ پيڙائون آهن.
سنڌي سماج جا خيال، وهم ۽ وسوسا، روايتون، ريتون ۽ رسمون، بديون ۽ برايون، پريت ۽ پيار، چڱائي ۽ لڱائيءَ جو اظهار به ٿيل آهي ته قومي ۽ طبقاتي نمائندگي ڪندڙ ڪردار به آهن.
ڊگها بحث، سادا ويچار، نصيحتون، رودن، انقلابي ۽ سادا سياسي تجزيا به آهن ته مايوسيءَ جي ٻوڏار ۾ آيل ماڻهوءَ جا اٺ سَٺا، سوچون، ڀڻڪا ۽ واڪا به آهن.

هن ڊگهيءَ پٽاڙ ۾ غلطيون منهنجيون ۽ خوبيون قربان جتوئيءَ جون آهن. اسان جي ڳتيل ۽ پيچيدا، مامرن جي ڄاڱري ٻير ۾ وچڙي پيل زندگيءَ تي لکيل هنن ساادين ڪهاڻين تي قربان جتوئيءَ کي واڌايون.