غزل
وجئه شرما
سانجهيءَ ٽاڻي توکي ساري،
ويندو ڪوئي نيٺ گذاري،
سگريٽن جي به هير نه جنهن کي،
من کي سو ڪيئن ته ٺاري،
آڌيءَ ڌاري ڀٽ گڍيءَ تي،
ڪير آهي پيو ڏيئا ٻاري،
دل ۾ دوکا مرڪ لبن تي،
ماڻهو ڇا ڇا روپ ٿو ڌاري،
آءُ او مومل مينهن وريا هن،
ٿڪجي پيا هون پاڻ ڌتاري.