Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts
Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪهاڻي ـ زور جي ميندي (محبوب ساگر نهڙيو)

غريب هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شڪيل کي ستن سالن جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ماءُ داخل ڪرايو. ساڳي اسڪول ۾ ڳوٺ جي وڏيري جي ڌيءَ رضيه به پڙهندي هئي. رضيه ۽ شڪيل هڪٻئي جا هم ڪلاسي هئا. مسلسل ميٽرڪ تائين هڪ ئي ڪلاس ۾ پرهڻ سبب ٻنهي جي دلين ۾ هڪٻئي جي لاءِ محبتن جا محل اڏجي ويا. شڪيل جو گهر اسڪول کان پري هو جڏهن ته رضيه جو گهر اسڪول جي ويجهو هو.شڪيل جو گهر اسڪول کان پري هو. جڏهن ته رضيه جو گهر ويجهو هو. رضيه اسڪول کان ورندي روز شڪيل کان واعدو وٺندي هئي ته هو صبح جو اسڪول ضرورو ايندو. روز صبح جو سوير گهران نڪرندي هوءَ شڪيل جو انتظار ڪندي هئي. اهو سندس ڏهه سالن جو شيڊيول بڻجي چڪو هو. انهن جي پيار جي سڌ اسڪول جي هر شاگرد کي هئي. انهيءَ جي گهر انهن کي گڏ اٿندو ويهندو، ايندو ويندو ڏسي شاگرد شڪيل کي مجنو چئي پڻ چيڙائيندا هئا. مگر هو انهن سڀني کان بي پرواهه پنهنجي پيار جي ڌاڳن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هوندو هو. جنهن ڏينهن شڪيل نه ايندو هو ته رضيه به ڪو بهانو ٺاهي اسڪول مان موڪل ڪري وٺندي هئي. آخر ايئن ئي محبتن جي جهان ۾ سندن پيار جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي چڪو ۽ ٻنهي مئٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو هو. سندس امڙ ابو ڏاڍا خوش ٿيا. مگر هاڻ ڇا ڪجي نوڪري ته وري به پئسو گهرندي آ. شڪيل جو پيءُ پاڻ انهن منجهان هو جن لاءِ ڀٽائي چيو آ ته “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا”. هو ٻن ويلن جي ماني به مشڪل سان ڪمائيندو هو اهو ايترا پئسا ڪٿان آڻي جو پٽ کي پڙهائي يا وري نوڪري لاءِ پئسا ڪري ڏئي. نيٺ هم مئٽرڪ پاس شاگرد کي اهو ئي ڪرڻو پيو جيڪو اسان وٽ ٿيندو رهيو آ. شڪيل جو مستقبل پڻ ان تغاريءَ سان لکيل هو. جنهن کي مٿي تي کڻي سندس پيءَ جا ڪارا مان اڇا وار اچي ويا هئا. مگر پوءِ به قرضن جا ڪوڙهه. آخر اهو سوچي ته “ويندا لڙ لهي” شڪيل به مزدوري  ڪرڻ جو ئي رستو اختيار ڪيو. ٻئي ڏينهن هن کي رضيه ملي هن کيس سڄي حال حقيقت ٻڌائي. رضيه هن کي چيو ته “رضيه آئون هاڻي وڌيڪ نٿو پڙهي سگهان، وقت ۽ حالتون مون کي ڪڏهن به سٺي عهدي تي نه پهچڻ ڏينديون، ڇو ته دنيا پئسي جي آهي ۽ آئون هڪ غريب جو ٻار آهيان. رضيه مون توسان مهبت ڪئي آهي منهنجي محبت کي وساري نه ويهجان ۽ توکي پڙهڻو آهي پڙهي وڏي عهدي تي پهچڻو آهي.” رضيه وراڻيو “مان ڪونه پڙهنديس جڏهن تون نه ٿو پڙهين ته مان ڇو پڙهان.” شڪيل لاجواب ٿي ويو. گهڻي دير ايئن رستي تي بيهڻ واجب نه سمجهندي شڪيل رضيه کان موڪلايو.
رضيه جڏهن ڏٺو ته هونئن ته شڪيل سان ملڻ ناممڪن آ تڏهن هن شڪيل جي ڀيڻ صفيه سان دوستي رکي ۽ ان وٽ ڪنهن ڪم بهاني ايندي رهندي هئي ۽ ايئن ڏينهن گذرندا ويا. ٻنهي جي دلين ۾ پيار جو درياءُ ڇوليون هڻندو رهندو هو. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي چڪا هئا. ليڪن هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ جو سوچي شڪيل روئي پوندو هو. ڇو ته هڪ ئي رڪاوٽ انهن جي وچ ۾ هئي پئسو.... پئسو ۽ پئسو...! هن سوچيو ته هو امير ماڻهو اسان جهڙن غريبن کي سڱ ڪڏهن به ڪونه ڏيندا، وري به دل وڏي ڪري ماءُ وٽ آيو. ۽ ماءُ سان حال حقيقت ڪيائين. ماڻس به کيس اهو ئي چيو ته “ابا هنن جي جُتيءَ ۾ پنهنجو پير ڪڏهن به ڪونه ايندو تون اجايو ضد ٿو ڪرين” پر هن جي گهڻي ضد تي ماڻس رضيه جي گهر وڃڻ جو دلاسو ڏنو.
رضيه صفيه سان ملي ڪري گهر واپس آئي ته ڏسي ته گهر ۾ سندس استاد ۽ ٻه ٽي ٻيا رشته دار ڏسي هن سوچيو ته “هي سڀ گڏجي ڇو آيا آهن؟” ماڻس کان پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته هُو سڱاوتي لاءِ آيا آهن؟ هن اتاولائي مان پڇيو ته ڪنهن جي سڱاوتي؟ ماڻس وراڻيو  “پُٽ تنهننجو هٿ وٺڻ آيا آهن، هونئن به ڌيءَ پرائو ڌڻ ڪيترا ڏينهن مائٽن جي گهر ۾ رهندي.” رضيه چئو ته “امان اهو ته آپر ڇا لازمي آ ته آئون شادي استاد جي پُٽ سان شادي ڪريان؟” ماڻس پُڇيس ته “ڇو ڪهڙي خرابي آ استاد جي پُٽ ۾ پڙهيل لکيل آ، بئنڪ ۾ نوڪري ڪندو آ، تون ان گهر ۾ سکي رهندين”  رضيه روئي پئي ۽ ماڻس هن کي دلداري ڏني. ماڻس ۽ پڻس اُستاد کي سڱ جي لاءِ سوچڻ جو چئي عزت ڏئي روانو ڪيو.
رضيه ساري رات رني هئي. ننڊ هن کان ڏُور الائي ته ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي. هن ساري رات سوچيو ته ڇا ڪجي ڪهڙو قدم کڻجي. سوچيائين ماءُ کي ٻڌايان ته مان شڪيل کي ڪيئن حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي. وري ڊپ سبب چوڻ مناسب نه سمجهيائين. ساري رات سوچي سوچي هن گذاري ڇڏي. آخر پرهه ڦٽي، سج به اڀري ويو پر هن جي دل تان دردن جو بار هلڪو نه ٿيو.آخر هيءَ صفيه جي گهر رواني ٿي. صفيه جي گهر هن شڪيل سان سڄي حال حقيقت ڪئي. شڪيل پريشان ٿي ويو. مگر دل کي دلاسو ڏيندي رضيه کي به دلداري ڏنائين. رضيه چيس ته “مان توکان سوا زنده رهي نه سگهنديس” هن چيو ته “دلربا تو کي پنهنجي اکين سان ٻئي ڪنهن جو ٿيندي ڏسي نه ٿو سگهان. پر ڇا ڪجي پنهنجي وچ ۾ پلصراط آهي جنهن کي پار ڪرڻ لاءِ پئسي جي ضرورت آ، ۽ مان مزور ماڻهو پئسو ڪٿان آڻيندس” رضيه چيو “آئون امان سان ڳالهائي ڏسان ٿي، الله ڀلو ڪندو” ايئن چئي روئي هڪٻئي کان موڪلايائون. رضيه جي سؤٽ جيڪا رضيه کان ناراض هئي ان شڪيل کي رضيه سان ڳالهائيندي ڏسي سڄي ڳالهه وڃي رضيه جي مائٽن کي ٻڌائي جيڪي ڳالهه ٻڌڻ شرط تپي باهه ٿي ويا. رضيه شڪيل سان ملي جيئن ئي پنهنجي گهر پهتي ته امڙ هن کي وارن مان جهلي ٻه ٽي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون. پڻس به ڪاوڙ مان چيو “تنهنجي ايتري همت جو ڏينهن ڏٺي جو يارن سان ملندي وَتين، پنهنجو نه ته منهنجي عزت جو ته خيال ڪرين ها.” رضيه روئي رهي هئي پر ڪنهن کي به هن تي رحم نه آيو . ايئن هن جو  رشتو استاد جي پٽ سان طئي ڪيو ويو هيءَ روئندي رڙندي رهي هن جي دانهن جو درمان ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. ڪير به نه هو جيڪو ٻن دلين جو درد سمجهي سگهي ۽ پيار جي پيچري تي هلندڙ مسافرن کي سندن منزل ڏيکاري.هو آخر روئي روئي ٿڪجي پئي نيڻن مان نير کٽي پيا هئا. پر دردن جو بار هلڪو ڪونه ٿيو.
هوڏانهن رضيه جي پيءَ شڪيل کي به سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان لاءِ هن ڌاڙيلن کي پئسا ڏئي شڪيل کي اغوا ڪرايو. ڌاڙيلن اغوا ٿيڻ کان پوءِ شڪيل جي پيءَ کان ڀنگ گهري، پر پئسا نه هجڻ سبب شڪيل جو پيءُ پئسا نه ڀري سگهيو. آخرڪار پُورو سال کيس باندي رکڻ بعد آخر ڌاڙيلن هن کي مارڻ جو پڪو پهه ڪيو. اها خبر جڏهن شڪيل کي پئي ته هن ڌاڙيلن کي منٿون ۽ ايلاز ڪيا. آخرڪار گهڻن ايلازن سبب ڌاڙيلن جي سردار کي مٿس رحم اچي ويو ۽ کيس چيائين ته “هڪ شرط تي توکي ڇڏيندس، جيڪڏهن تون ڳوٺ ڇڏي تيستائين ڳوٺ جي ماڻهن کان ڏور رهين جيستائين رضيه جي شادي نه ٿي ٿئي.” شڪيل پڇيو “رضيه جي شادي؟؟ ڪڏهن آ....!!” سردار ٻڌايس 3 مهينن بعد سندس شادي ٿيندي .” توکي 3 مهينا ڳوٺ کان ٻاهر پر ايترو پري رهڻو پوندو جو ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نظر نه اچين” هن واعدو ڪيو. ۽ واعدي بعد سردار جي چوڻ تي سندس ساٿي هن کي رات جي انڌيري ۾ ڳوٺ وٽ ڇڏي آيا. رات جو گهر وارن سان حال حقيقت ڪري صبح جو سوير ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيائين جتي سندس سؤٽ رهندو هو. صبح جو سوير پرهه ڦٽڻ کان اڳ هو هليو ويو . 3 مهينن لاءِ ڳوٺ کي الوداع چئي. جڏهن هو شڪيلا جي گهر وٽ پهتو ته گهر ڏانهن نهاري چند لڙڪ لاڙي هليو ويو. دل گهڻو ئي چيس ته شڪيلا کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃي. پر بيوس هو. واعدو وفا به ڪرڻو هئس. ان ڪري هي نڪري ويو. ٻئي ڏينهن شڪيلا رليون ڏيڻ جي بهاني سان صفيه وارن جي گهر وئي جتي شڪيل جي ڀيڻ صفيه سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي رضيه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن اهو سوچيو به نه هو ته ان جو پيءُ ڪو هن سان ايتري دشمني رکي سگهي ٿو. رضيه لاءِ هاڻ فيصلو ڪرڻ مشڪل هو. هن ته سوچيو هو ته هڪ ڏينهن شڪيل ايندو ۽ کيس هن دنيا کان ڏور وٺي ويندو اُتي وٺي ويندو جتي پيار تي بندشون نه هجن. جتي ٻن دلين کي محبت جو جام اوتڻ جي آزادي هجي. مگر هاڻ جڏهن شڪيل هن کان دُور وڃي چڪو هو ته هاڻ ڇا ڪجي هن ساري رات سوچيو. آخرڪار گهڻو سوچڻ بعد هوءَ اٿي ۽ گهر جي استعمال لاءِ ايندڙ ڪيميڪل کائي ورتا جنهن سبب هو تمام گهڻو بيمار ٿي پئي. هن کي ان ئي وقت پرائيوٽ اسپتال پهچايو ويو. رات ئي رات ۾ هن کي ڪراچي ٽرانسفر ڪيو ويو. شڪيل کي سندس ڀيڻ صفيه جڏهن اها خبر فون تي ٻڌائي ته هي به جلدي جلدي ڪراچي جي ان اسپتال ۾ آيو. دروازي تي هن کي استاد مليو جيڪو تمام گهڻو پريشان پئي لڳو. پوءِ شڪيل انهن کان ڏس پتو پڇي ان ڪمري ۾ پهتو جتي رضيه پنهنجي حياتيءَ جا آخري پساهه کڻي رهي هئي. ڪمري ۾ هن ڏٺو ته رضيه جي سيراندي کان سندس امڙ ويٺي هئي. هوءَ به ڏاڍي پريشان پئي لڳي. رضيه جون اکيون بند ٿيل هيون. شڪيل رضيه جي ڀرسان بيٺو. آهستي سڏ ڪيائين “رضيه” ڪو جواب نه مليس. رضيه جي امڙ ٻڌايس ته رضيه جي طبيعت رات کان وٺي ايئن ئي آ. ڊاڪٽرن به لاعلاج ڪيو آ. چون ٿا ڪيميڪل سڄي بدن ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو آ. جيئڻ جي ڪا به اميد ناهي رهي پوءِ به خدا جي وس آ. شڪيل جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن ٻيهر سڏ ڪيو“رضيه...! آئون شڪيل آهيان، اٿ رضيه...!” رضيه جون اکيون کلي پيون. هن شڪيل کي هڪ نظر سان ڏٺو ۽ سندس منهن مان اهي ئي لفظ نڪتا“شڪيل مون کي معاف ڪج، آئون توسان ساٿ نڀائي نه سگهيس.....!!!!” ايئن چئي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، هميشه جي لاءِ......!!!
شڪيل حواس وڃائي ويٺو هو. هن هڪ وڏي اوڇنگار ڏيڻ بعد هو زاور قطار روئڻ لڳو هو. رضيه جي ماءُ ۽ پيءُ پڻ لڙڪن قطارون نه روڪي سگهيا.

ڪهاڻي ـ هوءَ ڪير هئي (انجنيئر جانِ عالم)

هوءَ مون ڏي آئي هئي، ڪوشش ڪرڻ باوجود کيس سڃاڻي نه سگهيو هئس، سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ پئي لڳي، هن جهڙي سونهن راڻي مون اڳ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هوءَ خاموش بيٺي مون کي تڪي رهي هئي ۽ آئون کيس سڃاڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هئس. نيٺ هن خاموشي جو روزو ٽوڙي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چوڻ لڳي “ڪونه سڃاتئي نه..!! مون کي پڪ هئي تون مون کي نه سڃاڻي سگهندين، جيڪڏهن سڃاڻي سگهين ها ته ايئن نه ڪرين ها جيئن هينئر تو ڪرين پيو؟“ مان حيران و پريشان هن کي ڏسندو رهيس، چيائين “جڏهن تو مونکي سڃاتو ٿي تڏهن تون ٻار هئين لاپرواه هئين پر جڏهن کان تون عاقل بالغ ٿيو آهين، ذميوارين جي ڄار ۾ ڦاٿو آهين تڏهن کان تو مونکي وساري ڇڏيو آ، تو منهنجي سار ناهي لڌي.ڪڏهن اهو به نه سوچيئي ته منهنجو محبوب ڪهڙن حالن ۾ هوندو” هن جي واتان محبوب جو لفظ مون لاءَ ڀالو بڻجي آيو. هوءَ خاموش مون کي ڏسي رهي هئي ۽ مان ماضيءَ جي عڪس ۾ هن جو چهرو سڃاڻڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ اڃان تائين رڌل هئس. مگر مون کي پنهنجي سموري پنجٽيهه سالا زندگيءَ ۾ هن جو نوراني چهرو ڪٿي به نظر نه آيو، هونئن به مون محبت ڪئي ڪونه هئي صرف صدف کي ئي چاهيو هئم پر وقت ۽ حالتن سبب هن کي حاصل نه ڪري سگهيو هئس، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ مان سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن ۾ سرگرم هوندو هئس. ۽ هڪ دفعو هڙتال دوران گرفتار ڪيو ويو هئس ۽ انهن ئي ڏينهن جڏهن مان جيل ۾ هئس ته صدف جي مڱڻي ٿي وئي هئي، ۽ مان اها خبر ٻڌي ذري گهٽ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هئي مون ان بعد زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه چاهيو هو، پوءِ هيءَ ڪير ٿي ٿي سگهي. نه نه هن کي مان نٿو سڃاڻان.. هيءَ مون کي بليڪ ميل پئي ڪري... مان سوچي رهيو هئس جو هن ٻيهر ڳالهايو “ياد ڪر تو مون سان واعدو ڪيو هو ته جڏهن به تون سڏ ڪنديين ته مان سر اڏيءَ تي رکي تو وٽ ايندس، تو چيو هو ته مان مران ته به تنهنجي جهوليءَ ۾ جيان ته به تنهنجي هنج ۾. تڏهن تو وٽ پئسو نه هو، گاڏي نه هئي ملڪيت نه هئي مگر اٿاه محبت جو سمنڊ هو، تو مون کي خوش رکڻ لاءِ هر ناممڪن کي به ممڪن ڪرڻ گهريو ٿي، مگر جڏهن کان تون دنيا جي نظرن ۾ وڏو ماڻهو ٿيو آهين ته تو مون کي وساري ڇڏيو آهي.تون وڏن شهرن جي سوڙهن فليٽن جي دنيا ۾ پنهنجو ماضي وساري پهتو آهين.مون سمجهيو هو تون دودو بڻجي منهنجي حفاظت ڪندين، مون ته توکي هوشو، هيمون، روپلي جو ٻيو روپ سمجهيو هو، مگر هاڻي خبر پئي آهي ته تون چنيسر جو ٻيو روپ آهين جيڪو دولت جي لالچ ۾ رشتن جا ليڪا لتاڙي ڌارين جي ڀر وٺندو آهين. مون توکي مجنون ۽ منصور پئي سمجهيو مون سوچيو هو ته توکي مجني وانگر اگر زهر پيالو پيئن جي آڇ ٿي ته به منهنجي خاطر زم زم سمجهي پيئندين مگر تون مون کي ئي وساري ويٺو آهين. تون بيوفا آهين تون غدار آهين.“

منهنجي دماغ تان دز لهڻ لڳي هئي هن کي سڃاڻي ورتو هئم هوءَ منهنجي محبوبا سنڌ کان سوا ٻي ڪا به نه ٿي ٿي سگهي. هن جي جيون تي گهرا گهاءَ ضرور آهن پر محبوب عاشق کي نه سڃاڻي اهو ڪٿي ممڪن آ. پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ ٿيو هئم  واقعي به مان بيوفا هئس مون هن سان وفا نه ڪئي هئي مون لڙکڙائيندڙ لبن سان وراڻيو “معاف ڪجان مون کي واقعي به مان توکي سڃاڻي نه سگهيو هئس، توکان معافي گهرڻ چاهيان ٿو، مگر مان ان لائق ناهيان رهيو، مون دولت جي لالچ تي تنهنجي رشتي کي اهڙا گهرا گهاءَ ڏنا آهن جو شايد سڄي عمر تنهنجي غلامي ڪيا ته به ان جو ازالو ناممڪن آهي.” ايئن چئي مان روئي پيس هن مون کي آٿت ڏيندي چيو “منهنجي دل جا ٽڪرا.! نه روء، مون کان تنهنجو روئڻ برداشت نه ٿو ٿئي، مان هن وقت سخت مصيبت ۾ آهيان اٿ منهنجي مدد ڪر” چيم ”تون حڪم ڪر جانان..! تنهنجي دشمن جو ڪنڌ ڪپي سسي ڌڙ کان ڌار نه ڪريان ته منهنجو نالو به سنڌي ناهي.“ هن وراڻيو “پنهنجي پيار جا ڪجهه ويري مون کي ڌارين حوالي ڪرڻ چاهين ٿا، مان تنهنجي آهيان مان تنهنجي ٿي رهڻ گهران ٿي مگر ڇا ڪريان هو ڏاڍا سگهارا آهن انهن وٽ ايتري طاقت آهي جو هو مون کي ٻن پلن ۾ ڌارين در ڏيئي سگهن ٿا. سنڌي..! اٿ غيرت ڌار پنهنجي محبوبا کي ڌارين حوالي ٿيڻ کان بچاءِ. مان هر جنم تنهنجي محبوبا ٿي رهڻ چاهيان ٿي. هو ظالم آهن مون تي ظلم ڪندا جبر ڪندا منهنجي جوڀن کان جوت کسيندا. منهنجي مک تا مرڪون کسيندا. بچاءِ مون کي سنڌي بچاءِ مون کي ”چيم“ نه آئون هرگز توکي ڌارين حوالي ٿيڻ نه ڏيندس. مگرٻڌاءِ اهي آهن ڪير جيڪي توکي مون کان الڳ ڪرڻ چاهين ٿا. پاڻ ٻنهي جي رشتي کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. ڪير آهن اهي؟؟ ٻڌاءِ جاني من ٻڌاءِ” هن  مون جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو “هو تنهنجا ۽ منهنجا ڀاءَ آهن. جيڪي ڌارين سان مليل آهن. انهن وٽ رشتن جو ڪو قدر ڪونهي اهي جانورن کان به بدتر آهن. ها سنڌي اهي پنهنجا مائٽ ئي آهن جيڪي مون کي ڏولاون جو ڏيج ڏيئي سورن جي سيج تي سمهارڻ جا خواهش مند آهن. ان جي عيوض انهن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٿينديون ۽ پاڻ ٻئي جيون ڪيئن گهاري سگهنداسين.“  چيم “ ايئن مان هرگز ٿيڻ نه ڏيندس مون کي پڪ آهي ته دنيا ۾ جنهن به دل ۾ احساس هوندو اها دل پنهنجي پيار لاءِ پناه گاه  ضرور بڻبي تون منهنجي آهين منهنجي ئي رهنديين ڇو ته تون سنڌ آهين. سنڌ ڪڏهن به سنڌيءَ کان کسي نه ٿي سگهجي. ڇو ته تون آئي ئي منهنجي لاءِ آهين، منهنجي زندگيءَ کي مرڪون ارپڻ لاءِ.. ۽ تنهنجي حفاظت منهنجو فرض آهي. مون پنهنجو ماضي جنهن ۾ مون تولاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ان ماضيءَ تي لعنت وجهندي مان تو سان وچن ٿو ڪيان ته ”مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“
هن مسڪرايو هو. مون ٻيهر بلند آواز ۾ چيو هو ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“
ڇرڪ ڀري اٿي ويو هئس. اهو هڪ خواب هو. مون کي پنهنجي اکين تي يقين نه پئي آيو. ليڪن ان خواب منهنجيون اکيون کولي ڇڏيون هيون. مان آهستي آهستي گنگنائڻ لڳس “نه ٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.“

مون محسوس ڪيو هو ته مون وٽ ويندڙ وهيءَ جي پڇاڙڪن پلن ۾ به جسم ۾ جان موٽي آئي هئي. آئون پنهنجو پاڻ مان پهريون ڀيرو مطمئن ٿيو هئس

ڪهاڻي ـ اسٽيشن (معصوم سوندرائي)

گهڻي وقت کان پوءِ ملي آهين....!!
ها! ايترا ڏينهن ايترو وقت ڪٿي هئين..!!
پنهنجي تلاش ۾...!
تون اڳوڻي ساڳي ناهين رهي....!
تون به ته بدلجي ويو آهين...!!
وقت ۽ حالتون هر ماڻهو کي بدلائي ٿيون ڇڏين...!
پوءِ اهو ڇو پڇيئي ته....! آئون ساڳي ناهيان...!
ڪيئن گذاريئي ايترو وقت...!
۽ تو....!
مون ته هر پل هر لمحو تنهنجي ياد ۽ انتظار ۾ گذاريو آهي...!
ڇا جي لاءِ....!
ڇو ته مون توسان محبت ڪئي هئي ۽ اڄ به اٿم...!
اها ڳالهه...! اڄ ٿو ٻڌائين...! ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ته تون منهنجو هميشه مخالف ٿي رهيو هئين...!
ها..! پر..؟
پر ڇا...؟ تنهنجي ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته..... مون کي توسان محبت....!!
ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش به نه ڪيئي ڇو...!!
مون توکي ڏاڍو ڳوليو.... پر نه ملي سگهيس.!
۽ هاڻي..!
هاڻي مطلب...! تون ڪافي بدلجي ويو آهين نه...!
ڇا مطلب....؟
مطلب ته “تون اهو ناهين رهيو” ٿي سگهي.....! تو شادي ڪئي هجي ۽ تنهنجا ٻار به هجن ۽ توکي هاڻي انهن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي....!
پر مون ته اڃان تائين شادي ناهي ڪئي......!
اوهه..! پر ڇو...؟؟
انهي لاءِ مون صرف ۽ صرف توکي چاهيو آهي...!!
تڏهن ته ڪاليج ۾ منهنجي مخالفت ڪندو هئين....!!
پليز....! مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪري چڪو آهيان.....!
ها پر اهو ته ٻڌائي تون وڃين ڪاڏي  پئي.....؟؟
۽ تون...!! مان ته مٺي وڃي رهيو آهيان.....!
۽ هتي نوابشاهه ۾ ڇا ڪندو آهين....!
ڪجهه به نه...! هڪ اين جِي او ۾ ڪم ڪندو آهيان....!
ڪجهه به نه....! ۽ اين جي او ۾ ڪم....؟؟
عجيب جواب ڏنو اٿئي....!
۽ تون هتي ڪيئن....؟ ڪٿي...؟ هتي نوابشاهه ۾....!
ڇو ڀلا....؟؟ مان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ اچي سگهان ٿي، ڇا ان لاءِ به نه.....!

نه نه ....! منهنجو مطلب ته توهان نوابشاه ۾ ڇا ڪندا آهيو....!
مان ته ڪجه ڀي ناهيان ڪندي.....!
پوءِ..... پوءِ بس....!
پر هتي اسٽيشن تي ڇا لئه آئي آهين.....!
ڇا لئه.... ڇا لئه..... اسٽيشن تي بس روز ايندي آهيان...!
ڪجهه يادون سلهاڙيل آهن هن اسٽيشن سان...!
ها پر اهو ته ٻڌائي.......!
زاره.. منهنجو نالو زاره آهي... شايد اوهان کي وسري ويو آهي...!
مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو زاره....!
سڀ ڪجهه ياد آهي ڪامران...!
ها زاره سڀ ڪجهه.....!
ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر بحث ۽ هر بار مونکي نظرانداز ڪرڻ....!  مون کي مڊل ڪلاس هئڻ جا طعنا....!  اهو سڀ توکي ياد آهي؟؟
پليز... زاره.! مون کي شرمنده نه ڪر.. ۽ گذريل ڳالهين کي مان دفن ڪري چڪو آهيان...!
تو دفن ڪيون آهن نه ڪامران....! مون ته نه...! مون کي اڄ نه تنهنجا اهي طنز ڀريا جملا ياد آهن..! جڏهن تو سڀن جي سامهون مونکي اهو چيو هو ته تون وڃي ڳوٺ جي گلين ۾ ڇيڻا ميڙ، توکي ڪهڙي خبر ته ڪاليج ۾ ڪيئن رهبو ۽ پڙهبو آهي...!!
ڪامران...!  تنهنجا اهي لفظ اڄ به منهنجي روح کي روئاڙين ٿا ۽ تون مون سان محبت جي دعويٰ ٿو ڪرين....!
ڪهڙي احساس جي ڳالهه ٿو ڪرين....!
ماڻهن جي ميڙ ۾ مونکي طعنا ڏئي ۽ تنهائيءَ ۾ پيار جو اظهار....!
واهه....!
اوهان مردن عورت کي آخر سمجهيو ڇا آهي....!
هٿ جي اشاري تي هلندڙ....! يا..... بس هڪ ڪمزور جسم رکندڙ...!
جڏهن مرضي تڏهن دل جي نفرت اڇلايو ۽ جڏهن مرضي تڏهن پيار جو اظهار،جان ڏيڻ جي دعويٰ....!
اهو سمجهان ته تون منهنجي پيار کي... همدردي يا ڏيکاءُ ٿو سمجهين تون ڪجهه به سمجهي سگهين ٿو ڇو ته تون مرد آهين....!
۽ جي عورت هجي ها ته شايد ايترا سوال نه ڪري ها....!
پر زاره...!
پر ڇا...؟ هتي اسٽيشن تي ڪنهن لاءِ ايندي آهين...؟
“هن لاءِ”! هو وري ڪير آهي....؟
آهي ڪو جنهن پهرين احساس جي اک ۾ ويهاريو ۽ پوءِ....!
۽ پوءِ... اهو ئي ٿيو.... جيڪو هڪ مرد ڪندو آهي...!
ڇا...! عورت کي غلام سمجهي “ان جي تذليل” ٻيو ڇا....! ته ان جو....
مطلب هن توسان دوکو ڪيو...!
مون ته ايئن ڪونه چيو....!
زاره! مون کي تنهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه ٿيون اچن....؟
پوءِ محبت جو اظهار ڇو ڪيئي....!
ان ڳالهه جو ان ڳالهه سان ڪهڙو مطلب....!؟
مطلب مطلب مطلب...!

اهو مطلب ئي آهي جيڪو سمجهه ۾ نه ٿو اچي....!
فرض ڪر ڪامران ته جي آئون چوان ته “منهنجي شادي ٿيل آهي” منهنجا ٻار به آهن.... پر انهن ٻارن جو پيءُ وڃائجي ويو آهي.
يا....! ته ڇا تون مونکي قبول ڪندين؟؟؟
زاره..! آئون جنهن سماج ۾ رهان ٿو ان سماج ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي شناخت ڏئي جيئڻو ٿو پوي....!
اگر ڳالهه فرض تائين محدود آهي ته مان اهوئي چوندس ته ايڏي وڏي فيصلي لاءِ سوچڻو پوندو....!
۽ جي حقيقت آ ته...!
تڏهن به سوچيندس...!
ها شايد آئون تنهنجي سماج جو حصو ناهيان...!!
خير.... عورت کي ته سوچڻ جو حق به ڪونهي..! هڪ ڍور  جيان بي جوڙ سان سلهاڙيو ٿو وڃي...!
مائٽن جي عزت جو قسم ڏئي پوتيءَ جي پلي ۾ ڀرم ٻڌي اهو ٿو چيو وڃي ته “ڇوڪري” ساهرن جي گهر ئي سونهي ٿي...!
ويچاري وائڙي.... وارياسي وجود کي گهليندي نه چاهيندي... هٿن تي مهندي ٿي هڻي ان نانءَ جي جنهن کي “ور” ڪوٺبو آهي پوءِ  اهو “ور“ هزارين ور ڏيئي ان کي بس “ماٺ ڪري گهر ۾ ويهي رهه” جهڙن لفظن سان آجيان ٿو ڪري....!
عورت ته ان ڏينهن مري وئي هئي جڏهن هن جي جسم کي بازار ۾ ننگو ڪري نچايو ويو...!
نچائڻ وارو ڪير هيو “مرد” نه......!
ڏس زاره..! مان واقعي بدلجي ويو آهيان ڪنهن کي بدلجڻ ۾ هڪ لمحو به ڪافي آهي ڇا مون کي بدلجڻ ۾ 6 سالن جو عرصو ڪافي ناهي...!
مان ڄاڻان ٿو ته آئون پرفيڪٽ ناهيان تون به پرفيڪٽ ناهين ، ڪير به پرفيڪٽ ناهي...! بس ڪجهه ماڻهو ٻين کان بهتر هوندا آهن ڪجهه بدتر.. تنهنجي نظرن ۾ آئون بهتر ناهيان، پنهنجي نظرن ۾ بدتر ناهيان ۽ تنهنجي ويجهو ڪلاس اهم ڪڏهن ٿيڻ لڳي..؟؟ تون ته چوندي هئين ته شرم ان ڳالهه تي اچڻ کپي جڏهن اوهان ڪنهن سان برو ڪيو، اوهان چور آهيو، ڪنهن کي تڪليف پهچايو، ڪنهن کي قتل ڪيو.. انهيءَ لاءِ نه ته اوهان غريب آهيو.. تنهنجي نزديڪ ته منهنجي ڪلاس عزت جي قابل به نه هئي....! پوءِ اڄ هي تبديل ڇو...!
“صرف منهنجي چوڻ سان ڇا ٿيندو...! عزت جي قابل ته صرف مرد ئي هوندا آهن نه...!
“ليڪن مان توسان محبت ڪيان ٿو...!”
هڪ پيدائشي فلرٽ جي منهن مان اها ڳالهه سٺي نه ٿي لڳي.”
اهڙين ڇوڪرين جو تعداد هزارن ۾ نه ته سون ۾ ضرور هوندو...!
جنهن کي توهان ايئن چيو هوندو...!
“ليڪن مان توسان سچي محبت ڪيان ٿو...!”
ڏس مان ڪا ٽِين ايجر ناهيان جنهن کي تون انهن ڳالهين سان ٻهگلائي سگهين...! ڇا هوندي آهي محبت ۽ بقول تنهنجي سچي محبت اسان جي معاشري ۽ مذهب ۾ ان جي گنجائش ڪٿي آهي...!
هڪ ڍونگ رچايو آهي توهان مردن...! ڇوڪرين کي فلرٽ ڪرڻ لاءِ، دوکو ڏيڻ لاءِ... مگر اهڙي قسم جي سچي محبت جي ته مون کي ضرورت آهي نه اهميت....!
مون تي انهيءَ لاءِ اعتراض اٿئي ته تون منهنجي ماضيءَ کان واقف آهين زاره...! پنهنجي مڙس تي انهيءَ لاءِ اعتراض نه هوندئي ته هن جي ماضي توکان پوشيده هوندي....!
اگر ڪڏهن هن جي خراب ماضيءَ جي باري ۾ ڄاڻي ورتئي ته ڇا....!
هن کي ڇڏي ڏينديين يا معاف ڪندين...!
پليز ڪامران...! ان موضوع تي اسان ڳالهائي چڪا آهيون...!
پر زاره..! آخر توکي مون تي اعتبار ڇو ناهي...!
اعتبار صرف توتي نه پر دنيا جي هر مرد تي ناهي رهيو.... زندگي اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي اعتبار ۽ واپسيءَ جا سڀ رستا بند ٿي ويا، ڪو هڪ درد هجي ته به اعتبار ڪري وٺجي...!
هتي ته سڀ جا سڀ.....!
ڪو مسيحا بڻجي دوکو ٿو ڏئي...! ته ڪو محبت جي دعويٰ ڪري دوکو ٿو ڏئي.. ته ڪو....!
تون ڄاڻين ٿو ڪامران ته هڪ عورت جي رت مان جهنڊا ٿا ٺاهيا وڃن ۽ عورت کي اگهاڙو ٿو ڪيو وڃي...!
عورت کي صرف ايستائين ئي محبت مڃيو ٿو وڃي ته هوءَ “ٽائيم پاس” آهي...! ۽ جڏهن ٽائم پورو ٿيو ان کي ان جي اصليت جا طعنا هڻي ڌڪيو ٿو وڃي....!
هڪ نياڻي کي “ست قرآن” سڏي پوءِ ان جي پيرن  هيٺان زمين تنگ ٿي ڪئي وڃي...! شڪ جي بنياد تي هن تي ڪارهپ جو الزام هڻي ڪُٺو ٿو وڃي...!
مردن جي هن معاشري ۾....! عورت ته....!
پر زاره..! مون ته توکي تسليم ڪيو آهي....! توسان محبت ڪئي آهي نه...!
تون جنهن کي محبت چئين ٿو سا محبت نه پر دوکو آهي....! جيڪو تون شايد ڪاليج وارن ڏينهن ۾ سوين ڇوڪرين سان ڪري چڪو آهين...! پر ياد رک ڪامران...! هڪ نه هڪ ڏينهن.....! هر عمل جو ردِ عمل هوندو آهي.....!
زمين تي بيهي آسمان تي اڏرڻ جون ڳالهيون ٿي ڪرين زاره....!
نه ڪامران نه...! زمين تي بيهي ڪري “اعتبار جو آسمان” ٽوڙڻ وارن جي ڳالهه ڪريان ٿي...! هڪ اهڙي نسل جي، جنهن تي “مرد” نالي جي ڇاپ لڳل آهي...!
۽ ڇا دوکو صرف مرد ڪندا آهن...؟؟ عورت ته...!
مون ڪڏهن چيو ته عورت بي قصور آهي...! مون ته توکي آئينو ٿي ڏيکاريو... ان محبت جي ڳالهه پئي ڪيم.... جنهن جو دعويدار تون آهين...! جيڪو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ عورت جي آزاديءَ جي خلاف هيو...! عورت کي گهر تائين... ڳوٺ تائين محدود هئڻ جا طعنا ڏيندڙ.......! جيڪڏهن اڄ اهو چوي ته “محبت ۽ عورت مون لاءِ مقدس آهن” ته ان کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪجي....!
تون ايترو به ڀورو ناهين جو توکي ٻارن وانگي ڌُتاري سمجهائجي ته....!
تون هر ڳالهه کان واقف آهين....! رهيو به آهين ڇو ته تو جهڙا مرد سڄو ڏينهن....!
زاره..! آئون ته توکي هر مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان...! پوءِ هن بحث ۽ تضاد جو مطلب ڪهڙو... تون مون کي باربار طعنا ڇو ٿي ڏئين ته آئون ان نسل سان تعلق رکان ٿو... جنهن نسل کي “مرد” چيو ويندو آهي...!
ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوه ته مون کي توسان محبت ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ منهننجو قصور ته آئون مردن جي نسل ۾ پيدا ٿيو آهيان...! ڇا مرد سڀ هڪ جهڙا آهن...! تو وٽ اها احساس جي اک ناهي زاره...! جنهن سان تون مڪمل ۽ ناممڪن جو فرق سمجهي سگهين.. هڪ مرد جي دوکي سان توکي سڄي دنيا جا مرد دوکي باز ڇو ٿا لڳن...! عورت جي عظمت جي ڳالهه ٿي ڪرين ۽ مرد جي مقام تي تنقيد ٿي ڪرين.! ٻڌاءِ ته ڪا عورت ڀلا مرد کانسواءِ به... مڪمل عورت رهي ها...!
۽ جنهن بنياد تي تون بحث ڪري رهي آهين ته هي مردن جو معاشرو آهي هتي عورت کي آزادي ناهي. عورت کي ڳالهائڻ جو حق ناهي... ته پوءِ هيتري وقت کانپوءِ....! هتي ڪنهن ٿي ڳالهايو ڇا اها عورت نه هئي...!
اگر معاشرو ئي مردن جو هجي ها ته تون ايئن ريلوي اسٽيشن تي.. منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڳالهائين ها...!
مون توکي پهرين به چيو هو ته “مڪمل مان به ناهيان ته مڪمل تون ته ناهين... مڪمل ڪير به نه آهي...!
اسان سڀ هڪ ٻي وٽ ڏوهاري آهيون...! اِن ڪمپليٽ آهيون سوين خامين جي باوجود.....! ڪنهن نه ڪنهن انسان ۾ هڪڙي ته خوبي هوندي نه..؟
پوءِ ان طرف ڇو نٿو نهاريو وڃي.... تصوير جي صرف هڪڙي رخ کي ٿو ڏٺو وڃي ۽ بس....!
غلطي جي نشاندهي ته هرڪو ٿو ڪري پر ان کي درست ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي....!!
“مرد....” مردن جو معاشرو....! طعنا، تنڪا...!!
بار بار اهو ٿو چيو وڃي ته اگر دنيا ۾ ڪا به برائي آهي ته ان جو بنياد مرد ئي آهي....!
تون  عورت کي مقدس ٿي سمجهين نه...!
اها به ته عورت هئي نه جيڪا مائٽن جي عزت کي مٽي ۾ ملائي پنهنجي ان چاهيندڙ سان ڀڄي وئي.. جنهن پوءِ هن کي “طوائف خاني” تائين محدود ڪري ڇڏيو. ڇا ان ۾ صرف مرد قصوروار هو؟؟ ڪير ڪنهن کي تسليم ناهي ڪندو زاره..! ان کي تسليم ڪرايو ويندو آهي ته آئون آهيان....!
تون هتي اسٽيشن تي بيهي شايد ان مرد جو انتظار ڪري رهين آهين. جيڪو شايد ڪنهن ٻي عورت جي وارن ۾ آڱريون ڦيري ان کي به ايئن ڇڏي ويندو جيئن توکي ڇڏيو اٿائين..!
اگر ايڏي ئي نفرت هئي مرد ذات سان ته پوءِ هن سان شادي ڇو ڪيئي ۽ اڄ تائين هن جو انتظار ڇو ٿي ڪرين....!
“اهو منهنجي زندگيءَ جو مسئلو آهي” جنهن ۾ توکي ڳالهائڻ جو ڪو به حق ڪونهي مان ڪنهن جو ٿي انتظار ڪيان ۽ ڪنهن لاءِ اسٽيشن تي اچان ٿي اهو پڇڻ جو حق نٿو رکين....!!
مڃيان ٿو ته منهنجو توتي ڪو حق ڪونهي پر سچائي آهي. جيڪا توکي تسليم ڪرڻي پوندي ته “مردن” سان ايڏي نفرت باوجود به تو هڪ مرد کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان تسلميت ۾ تنهنجي هار آهي ته “عورت مرد کان سواءِ اڌوري آهي.....!!”
تون هزارين بهانن باوجود به ان ڳالهه کان انڪار نٿي ڪري سگهين ته عورت کي مقام ڏيندڙ، نانءُ ڏيندڙ هڪ مرد ئي آهي....!
منهنجو مقصد اهو قطعن ڪو نه هو ته تنهنجي دل آزاري ڪيان آئون ته هن اوچتي ملاقات ۾ توکي ڏسي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ آيو هئس... پر تنهنجي مرد ذات سان ايڏي نفرت ڏسي آئون تلخ ٿي ويس....!!
آئون غلط هئس... مون سمجهيو ته تون بدلجي وئي هوندينءَ...!! تون مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندينءَ....!!
پر اها منهنجي ڀل هئي زاره..!! تو محبتن ۾ سرحدن کي اهميت ڏني آ ۽ جتي محبت ۾ سرحدون هونديون آهن اتي محبت جو تصور به خواب لڳندو آهي......!!
تنهنجي اها به مهرباني جو تو مونکي ايترو ٽائيم ڏنو.....! مون کي سمجهي نه سگهيين....!
انهيءَ لاءِ تنهنجي مهرباني....! زندگيءَ ۾ ٻيهر ڪڏهن به موقعو مليو ته ڪوشش ڪندس ته آئون ساڳيو ڪامران ٿي توسان نه مِلان...!!
خدا حافظ....!!!!!  “........” منهنجي ٽرين اچي وئي.....!!
ڪامران...؟؟؟  چئو زاره....!! مونکي معاف ڪري ڇڏجان پليز....!
اهو تنهنجي ۽ منهنجي اختيار ۾ ڪٿي آهي.....!!
بس......!!! چاهيان اهو ٿو ته تنهنجي دل مان اها نفرت نڪري جيڪا نفرت مرد لاءِ آهي.....! پر اها نفرت ئي تنهنجي شناخت آهي.....!! ۽ ان کان سواءِ تون اڌوري آهين.....!!

ڪهاڻي ـ ڳنڍو (نصير ڪنڀر)

چئوطرف پاڻي ئي پاڻي هيو، مينهن ڇا وٺو هو، ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو هو، ۽ پاڻي نيسارا ڪري وهي رهيو هو، جنهن هر طرف زمين کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڪٿي به زمين جو ذرو ظاهر نظر ڪونه ٿي آيو. روڊ، رستا، لنگهه، گهيڙ سڀ پاڻي سان تاروتار هيا. ديوين جا اڌ وجود پاڻي ۾ گهيريل هئا، ٻنين مان ڪٿي ڪٿي فصل جا ڇيڙا نظر آيا ٿي، نه ته پاڻي جون ڇوليون هيون، عام طور تي پاڻي جا جيڪي به لانگها هيا، اُهي وهڪرا وهندا ڍورن ۽ چنڊڻن ڏانهن رخ ڪري رهيا هئا.
هن ڀيري جيتري برسات پئي هئي، انهيءَ جهڙي برسات گذريل سؤ سالن تائين ڪونه پئي هئي، وڏي ڄمار جي جهوُر پوڙهي به جيڪر پنهنجي يادن جا ورق ٿي واريا ته چيائين ٿي “ابا اهڙي ته نڪو ڏٺي نه ڪو سُئي.” ماڻهن جون في الحال وايون بتال ٿي ويون هيون، ڪچا گهر ڪڏهوڪا لئي مٽي ٿي چڪا هئا ۽ پڪن گهرن جون ڇتيون هاڻي پروڻ ٿي پيون هيون، انهي ڪري برسات سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪير به رهي ڪونه سگهيو هو، ڏاکڻي سنڌ تي پوندڙ برساتن ۾ هي وڏو رڪارڊ هيو، جنهن سموري علائقي جو جهڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيو هو، گهڻا روڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ هئا ۽ جيڪي بچيا هئا اُهي هلڻ لائق ڪو نه هيا، ڏاڍي ته ڇا پر هاڻي ڀٽن به پاڻي جهلڻ ڇڏي ڏنو هو.ماڻهو سر بچائي وڃي ڀٽن ۽ مٿاهين هنڌن تي پناهه ورتي هئي مهراڻي ۽ ڪس جو سمورو علائقو ماڻهن سان ايئن سٿيل هو جيئن ڄام جکري جي دؤر ۾ هيو، فرق ايترو هيو ته اُهي ماڻهو مالوند، سکيا ستابا ۽ پنهنجي اجهن ۾ خوش هيا، پر هي ماڻهو پنهنجي سموري پونجي وڃائي، سر بچائي بي يارو مددگار اچي انهن ڀٽن تي پهتا هئا.
ميڊيا تي انهي سموري قيامت خيز گهڙي جي رپورٽنگ ڪري، سموري دنيا، سماجي تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي متوجه ڪري ورتو هيو، جنهن ڪري ماڻهن کي ٻيڙين، ٽريڪٽر ٽرالين وسيلي، پاڻي اڪاري سُڪي تي پهچايو پئي ويو. پر ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي مٽي جو ڍير ٿي چڪا هئا، برسات ته هاڻي گهٽجي ويئي هئي پر ڪٿان به پاڻي جو لانگهو نه هجڻ ڪري ڪنهن به پاسي پاڻي نيڪال نه ٿي رهيو هو، قدرتي طور تي ٺهيل هاڪڙي، پراڻ جا مختلف وهڪرا ماڻهن پنهنجي قبضي ۾ آڻي، آباد ڪري ڇڏيا هيا. جنهن ڪري پاڻي جو وهي سمنڊ ۾ پوڻ جو واحد رستو سم نالي هئي جيڪو به اڳتي جو پريشر وڌڻ ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ ڪري واپس وهي رهي هئي، ڏينهون ڏينهن مٿاهين علائقن جو ايندڙ پاڻي رهيل ڳوٺن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڳهيندو پئي ويو.

ڳوٺ عاقل خاصخيلي هيستائين ته انهي آفت کان بچيل هو، پر هاڻي پاڻي جي وڌندڙ چاڙهه تحت مشڪلاتن ۾ گهيريندو ٿي ويو. برسات جي ڪيترن متاثرين کي پناهه ڏيندڙ هي ڳوٺ اهو ٽائٽانڪ هيو، جيڪو پنهنجو وجود ڪنهن به ٽائيم پاڻي ۾ وڃائي سگهيو ٿي، هونئن ته هي ڳوٺ ڍوري جي ڪپ تي هئڻ ڪري خطري کان ٻاهر هو. پر ڍوري جي ليول ڪرائي ڪيترن ايڪڙن ۾ باغ ۽ فصل پوکي ڇڏيا هئا. جنهن ڪري ڍوري جي وچ تي وڏو بند ٻڌل هيو، سموري علائقي ۾ 6 کان اٺ فوٽ پاڻي بيهڻ باوجود بند تمام مٿي هيو، جنهن ڪري پاڻي ڳنڍي جي بند کي لڳڻ بعد موٽ کائي چاڙها ڪري رهيو هو .انهي حالت ۾ عاقل خاصخيلي ۽ هن جهڙا ٻيا ڳوٺ ٻڏڻ عام هو. پر ڪنهن ۾ به اها دم  ڪونه هئي جو حاجي سليمان جي بند کي ٽوڙي پاڻي نيڪال ڏياري ماڻهن کي مصيبت مان ٻاهر آڻي.

ميڊيا جي هڻ وٺ ۽ ڪوشش بعد حڪومتي ڌر به ننڊ مان جاڳي هئي. جنهن پنهنجا سرڪاري دورا شروع ڪري ڏنا هئا. وزير مشير ميڊيا ۾ ٿيندڙ گلائن کي گهٽائڻ جي لاءِ دل تي پٿر رکي پنهنجن تڪن ۾ لهي پيا هئا، هونئين به صرف حڪومتي اعلان ڪرڻا هئا. باقي راشن ضرورت جو سامان اهو ملڻ مشڪل هيو. ٽي وي چينل جي مٿي ڦريل صحافي سرڪاري دوري تي آيل صاحب کان سوال ڪري آپي مان ڪڍي ورتو هو. ”اوهين آبپاشي وزير ته هينئر دريا جي بند تي هجڻ گهرجو. جتي حالت خراب آهي“ وزير مصدف ڳاڙهو ٿيندي جواب ڏنو ”هي منهنجو حلقو آهي انهن ماڻهن جي آئون اڄ پرگهور نه لهندس ته ڪڏهن لهندس“ ”پر سر اوهين خالي دورا ڪرڻ بجاءِ دوري تي خرچ ايندڙ راشن وٺي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليو ته انهن اٻوجهن جي پيٽ جي باهه ڪونه اجهي ها؟“ صحافي سوال ڪونه ڪيو هو ڄڻ چماٽ وهائي ڪڍي هئي. وزير باهه جي ڄڀي ٿي پيو هو. “اوهان کي مشورا ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي مسٽر. اوهان جو جيڪو ڪم آهي اهو ڪريو” وزير گاڏيءَ م چڙهي هليو ويو.
سموري سنڌ جي ساڳي صورتحال هئي، ماڻهو ڪٿي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هئا، ڪٿي ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئا. ته ڪٿي بيمارين وڪوڙي وڌو هو. وزير صرف فوٽو سيشن ۾ مشغول هئا. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي خاص وزير ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو. ضلع هيڊ ڪوارٽر ۾ پهتو ته عاقل خاصخيلي جي رهاڪو سماجي ڪارڪن صحافين کي سمجهايو ته خاص وزير کي ڳوٺ طرف وٺي هلو. اُتي متاثرين گهڻا آهن ۽ حالت به ابتڙ آهي. صحافين اها ڳالهه ڪئي ته وزير صاحب به اوڏانهن رخ ڪيو. ماڻهن کي ڪوڙيون دلداريون ڏيڻ ۾ ڇا هو؟ ۽ پوءِ جيڪر ايترا صحافي گڏ هجن ته پوءِ ڪوريج به واهه جي ملندي وزير موصوف جڏهن عاقل ڳوٺ پهتو، ته اتي ماڻهن صرف هڪ گذارش ڪئي ته چئوطرف پاڻي گهيري ويو آهي، پاڻي جو اڳتي ڪوئي نيڪال ڪونهي حاجي سليمان ڍوري جي وچ تي ڳنڍو ڏيئي آباد ڪري ويٺو آهي. صرف ڳنڍو کولرايو ته پاڻي سمنڊ طرف وهي وڃي. باقي اسان کي ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو گهرجي. صرف ڳنڍو کولرايو. وزير صاحب دل ئي دل ۾ خوش به ٿيو. هڪ نظر ڏٻرن چهرن تي وڌائين. جيڪي برساتن ۾ اوجاڳن ۽ بک جي ڪري وڌيڪ ڏٻرا ٿي پيا هئا. چيلهه تي هٿ ڏيئي، چئوطرف نهاريائين. ڳوٺ جي آس پاس پاڻي ئي پاڻي هيو. ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺائين آءِ جي صاحب بيٺو هو. حڪم ڪيائين “دراني صاحب” “ييس سر” دراني اڳتي وڌي آيو.
“اهو ڳنڍو کولرايو ته جيئن ماڻهن جو مسئلو حل ٿئي.”
“ييس سر”
وزير واپس مڙيا ته ٻيا به گڏ آيل مشير،ايم پي اي، ڪامورا سڀ گاڏين ۾ چڙهڻ لڳا. گاڏيون وري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن روانيون ٿي ويون.
سرڪٽ هائوس ۾ ڪجهه دير ترسي وزير هيلي ڪاپٽر وسيلي ڪراچي روانو ٿيو ته آءِ جي به روانو ٿيڻ لڳو، آءِ جي گاڏيءَ ۾ ويهندي ڊي آّءِ جي کي چيائين: “آئون ڪراچي هلان ٿو. صبحاڻي سوير امن امان جي حوالي سان ميٽنگ آهي، توهان ڍوري وارو ڳنڍو کولرائي ڇڏجو.”
“اوڪي سر توهان بي فڪر رهجو” ڊي آءِ جي جواب ڏنو.
ڊي آءِ جي ٻن ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري سرڪٽ هائوس ۾ وڃي آرامي ٿيو. شام جو روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ ڊي پي او کي چيائين “جمالي صاحب مون کي ضروري ڪم آهي، حيدرآباد وڃان ٿو. توهان صبحاڻي اهو ڳنڍو کولرائي ڇڏجو، جنهن لاءِ منسٽر صاحب اڳيان ماڻهن رڙيون پئي ڪيون.”
“ييس سر کولرائي ڇڏينداسين”
“ها پر توهان پاڻ جاءِ وقوع تي وڃي کولرائجو، متان ماڻهو ٻيهر ٻڌي نه ڇڏين”
“ها سر آئون پاڻ ويندس”
ڊي پي او به منسٽر جي پروگرام جي ڪري ۽ برساتن جي ڪري ٿڪل هيو وڃي ڊي پي او آفيس ۾ آرامي ٿيو، ٻي ڏينهن يارهن بجي آفيس سيڪريٽري کي گهرايائين.
”جي سر“ پِي اي نوٽنگ پيڊ کڻي اچي بيٺو.
”معلوم ڪر ڊِي ايس پِي علياڻي ڪٿي آهي؟“
”سر ڪلاڪ کن اڳ گشت تي نڪري ويو آهي، چيائين پئي رليف ڪئمپ تي وڃڻو آهي ڪجهه هاري آهن پنهنجا انهن کي راشن ڪونه مليو آهي“
”وائرليس تي رابطو ڪر“
“سر وائرليس برسات جي ڪري رات کان خراب آهي مڪينڪ آيو آهي، جيئن ٺهي ٿو ته رابطو ڪري سائين جن جو پيغام پهچايون ٿا”
“آئون ڳوٺ ٿو وڃان، ڏسان ٻني جو ڪهڙو حال آهي. علياڻي صاحب کي چئجان حاجي سليمان ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي ڇڏي. جنهن لاءِ ڪالهه ماڻهن منسٽر صاحب اڳيان رڙيون پئي ڪيون”
“جي بهتر سر”
ڊِي پِي او گاڏي ۾ ويٺو ۽ گاڏي ڊِي پِي او هائوس مان نڪري وئي. شام تائين علياڻي صاحب سان ڪو رابطو نه ٿي سگهيو.پنج بجي ڊِي ايس پِي علياڻي آيو ته نياپو ڏنو ويو. علياڻي بالا آفيسر جو نياپو ٻڌي پهريائين ته منهن ڦٽايائين. هي اي ايس آءِ طور حاجي سليمان جي تر واري ٿاڻي تي رهي آيو هو. انهيءَ ڪري حاجي سليمان سان واسطو به هيو ۽ طاقت جي خبر هئي. آپريٽر کي چيائين صاحب پڇي ته چئجان “علياڻي جو سمورو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. انهيءَ ڪري ڳوٺ ويل آهي.” پاڻ شهر ۾ دوست جي بنگلي تي هليو ويو.
صبح جو آفيس ايندي ئي صوبيدار علي بخش وڳڻ کي گهرايائين علي بخش سلام ڪري ويٺو ته چيائين ”علي بخش پاڻي اسان جي ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. رات کان ڳوٺ وارن جا فون پيا اچن، ڪا گاڏي  هٿ ڪري ڳوٺ ٿو وڃان ۽ ٻارن کي وٺي اچان ٿو. جمعدار يوسف کي چيو آهي ڪوارٽر جي صفائي ڪرائي ٿو ڇڏي.“
”سر اهو بهتر آهي حالات خراب آهن“
“ها” ڊِي ايس پِي ڪنڌ ڌوڻيو.
”توهان ايئن ڪريو فورس وٺي حاجي سليمان جي ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي اچو.“
”سر مان“ صوبيدار علي بخش کي ڄڻ شاٽ لڳي. وري پاڻ کي سنڀاليندي چيائين “منهنجو  مطلب آهي ته سر هتي ته فورس به ڪونهي. توهان کي خبر آهي حاجي سليمان....” وڳڻ خاموش ٿي ويو.
“ها مون کي خبر آهي حاجي سليمان پنهنجي علائقي جو طاقتور ماڻهو آهي، پر ڇا ڪجي؟ هاءِ اٿارٽي جو حڪم آهي، توهان وڃو حڪم جي پيروي ٿيڻ گهرجي.”
ڊِي ايس پِي فيصلائتي انداز ۾ ڳالهه ڪري اٿيو. علي بخش وڳڻ ڳالهائي انهي کان اڳ ۾ گاڏيءَ ۾ نڪري ويو.
صوبيدار علي بخش کي حاجي سليمان جي خبر هئي. ڊِي ايس پِي جيڪو ڪنڌ ۾ ڳٽ وڌو هو. اهو به ڳرو هو. اهو لاهڻ ضرورِي هو، پر انهيءَ کي ڪيئن لاهجي؟ آخر سوچي گهنٽي وڄايائين. سنتري حاضر ٿيو، سلوٽ ڪندي چيائين ”ييس سر“
“اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي ڪٿي آهي؟”
”سر هاڻي ڪوارٽر تي ويو  آهي“
”جلدي سڏي اچ“
”جي سر“ سنتري جو هٿ نرڙ تائين آيو زور سان پير جو ٺڪاءُ ٿيو ۽ سنتري چُشتي سان واپس مڙيو ۽ غائب ٿي ويو.
”نوتڪاڻي قربان توتان قلبان وڃان، هاڻي هاڻي پيغام مليو آهي ته ڪو منسٽر هتي شهر ۾ پهچڻ وارو آهي، ڊِي پِي او صاحب ۽ ڊِي ايس پِي صاحب ٻاهر آهن انهي ڪري اتي منهنجو هجڻ ضروري آهي.
“جي بهتر سر” نوتڪاڻي چيو
“توهان پنهنجي فورس وٺي ڪالهه جتي منسٽر صاحب ڳنڍو کولائڻ جو حڪم ڏنو هيو. اهو حاجي سليمان جي ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي اچو”
اي ايس آءِ سوچيو ته صوبيدار  هن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ ٿو چاهي سو چيائين “سر ٻڌو آهي حاجي سليمان ڳنڍي تي پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن. سو هڪڙي جمعدار ۽ ٻن سپاهين سان ڳنڍو ڪيئن کلندو؟!!”
“بابا اهو هاءِ اٿارٽي جو حڪم آهي. توهان حاجي سليمان جي پٽ سان ملو ۽ ان کي اها ڳالهه سمجهايو ته ڳنڍو کولڻو پوندو، ڪوشش ڪجو مسئلو حل ٿي ويندو.”
“اهو ته ٺيڪ آهي صاحب پر حاجي سليمان جو پٽ ڪراچي ويل آهي ۽ ڳنڍو ڪو واٽر جي کنڌي ڪونهي جيڪا ڪوڏر سان کولي سگهجي ، هي پنج ايڪڙ ويڪري ڍوري ۾ اٺ فٽن جو وڏو بند آهي جيڪو ڪيئن کلندو، انهيءَ لاءِ ٽريڪٽر ۽ چڱو خاصو ليبر کپندو“
”ته پوءِ تون ڊِي پِي او صاحب کي سمجهائجان. منهنجو ڪم هو آرڊر توتائين پهچائڻ، هاڻي پڇا ٿئي ته منهن ڏجان“
“سر هن ۾ پڇا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
“اڙي توهان رنگروٽ ڊائريڪٽ اي ايس آءِ ڇا ٿيا، ڄڻ پاڻ کي ڊِي آءِ جي ٿا سمجهو، توکي جيڪو چيو آهي اهو ڪر”
”ٺيڪ آهي سر اهو آرڊر آئون به اڳتي روانو ڪري ڇڏينديس“
صوبيدار ٻي ڪا واهه نه ڏسي اٿي روانو ٿي ويو، ته اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي پويان نهاريندو رهيو.
اي ايس آءِ جمعدار گهنور خان ۽ سپاهي تنو مل کي گهرايا.
جمعدار گهنور خان پنهنجي زندگي جا 20 سال پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي چڪو هو. کيس وسيع تجربو ۽ ڄاڻ صبح جو چانهه کان اڳ آفيم جا وزم وٺڻ کان پوءِ ڪم ڪندي هئي. اڪثر آفيم کٽڻ جي صورت ۾ قانون گهٽ پر گهنور خان تمام گهڻو حرڪت ۾ اچي ويندو هو. سو گهنور خان کي خبر هوندي هئي ته جنهن ڏينهن هن رنگروٽ ننڍي صوبيدار گهرايو ته ضرور ڪنهن مصيبت ۾ وجهندو اهڙيون اڳي ٻه ٽي چٽيون ڀوڳي چڪو هو. گهنور خان پينٽ کي مٿي ڇڪيندي سينڊل جي شپڙ شپڙ ڪندي اندر گهڙيو ته اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي هڪل ڪئي ”گهنور خان“
”جي سر“
”هينئر جو هينئر فورس وٺي حاجي سليمان جي ڳوٺ وڃ ۽ ڍوري وارو ڳنڍو کولراءِ“
”سر ايمرجنسي ۾ سموري فورس گشت تي آهي باقي صرف سپاهي تنو مل آهي. انهي ڪري ڪيئن جاءِ واردات طرف وڌجي“
”گهنور خان اهو مٿان جو حڪم آهي بنا دير انهي تي عمل ڪيو وڃي“
گهنور خان کي به حاجي سليمان جي وڏي خردماغ  پُٽ جي خبر هئي جيڪو جهيڙي جي جڙ هو. انهيءَ ڪري  سڌو منهن ۾ وڃڻ خطري کان خالي ڪونه هو.
”سر جيڪر ٻي فورس لاءِ ترسجي ته بهتر ٿيندو“
”گهنور خان اعليٰ اٿارٽي جواب طلب ڪري ٿي بنا دير عمل ڪيو وڃي“
”جي سر ايئن ٿيندو؟”
گهنور خان تنومل سميت ٻن سپاهين سان موبائل ڪاهي حاجي سليمان جي ڳوٺ روانو ٿيو. وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا ٽائر پنڪچر ٿيا اهي ٺهرائيندا شام جو جعفر علي جي ڳوٺ پهتا ته تمام گهڻا ٿڪجي پيا. جعفر علي جو ڳوٺ مٿاهين ۽ روڊ جي ڀر ۾ هئڻ ڪري اڃان ٻوڏ کان بچيل هيو. هي جعفر علي جي اوطاق تي هليا ويا. جتي کيس پڪي خبر ملي ته حاجي سليمان پنڌرهن کان ويهه هٿياربند ڳنڍي تي ويهاري ڇڏيا آهن. تنهن ڪري بند تي وڃڻ معنيٰ موت کي سڏ ڏيڻ هو. گهنور خان عقل کي ڦڻي ڏئي ۽ گهري سوچ کان پوءِ جعفر علي کي ڪڙڪ چانهه پيارڻ لاءِ عرض ڪيائين تنو مل ۽ سپاهي سگريٽ تيار ڪيو ته هن به آفيم جو وزم لڳايائين. چانهه جا ٻه ڪوپ پي تنومل کي رپورٽ لکڻ لاءِ سڏيائين.
تنو مل پين پنو کڻي هيڪل ڪنو ٿي گهنور خان جي ڀر ۾ ويٺو، گهنور خان سگريٽ جو دگهو ڪش هڻي مڇن کي ڇاٻ ڏيندي چيو لک “جيئن ته حاجي سليمان ڳوٺ واري ڳنڍي تي پاڻي تمام  گهڻو آهي.اتي ٽريڪٽر وغيره جو پهچڻ محال آهي. آئون يعني سينيئر جمعدار گهنور خان ۽ ماتحت تنومل سپاهي ۽ ٻيا پاڻ ڳنڍي جو معائنو ڪري آيا آهيون. مجوزه جاءِ جو معائنو ڪرڻ بعد اسين انهي نتيجي تي پهتا آهيون ته پاڻي جي سطح گهٽجڻ ۽ رستو کلڻ بعد ڳنڍو کولائي اعليٰ اٿارٽيءَ جي حڪم جي بجاآوري آندي ويندي.
صحيح ڪندڙ                              
جمعدار گهنور خان ۽ ٻيا