غزل
اداسي ابوبڪر لنجو
پرين توکي ئي پڪاريون ٿا،
نانءُ تنهنجو ئي اچاريون ٿا،
تنهنجي يادن سان ويهي اسان،
پنهنجي دل کي ئي وندرايون ٿا،
درد آهن جو کڻڻ جا ناهن،
بس موجن ۾ ئي گهاريون ٿا،
سدائين روئندا ۽ رلندا رهياسين،
اوهان کان ڌار ڄڻ مئا گذاريون ٿا.
اڄ به ڪلهه جيان اداس اسان،
تنهنجي واٽن ڏي نهاريون ٿا.