Showing posts with label نظام سمون. Show all posts
Showing posts with label نظام سمون. Show all posts

Tuesday, 10 June 2014

ڪوتانگر (نظام سمون)

غزل
نظام سمون
اسان جون ته آهن اوهان کي صدائون،
ملن موٽ ۾ ٿيون اسان کي سزائون،
اسان يار هيڻا هجت ڪيئن ڪريون بس،
ڪريون ٿا عرض هي ٻڌي ٻئي ٻانهون،
شڪاري کي احساس ڪڏهن ايندو آهي،
ڪري قياس هو ڀي ڇڏي ٿو جفائون،
ڏئي کوڙ ڳوڙها ماٺو ڪري ويون،
اُتر جون هي  سائين ڪي ٿڌڙيون هوائون،
سموري دنيا ۾ مٺا روئي روئي،
”سمون“ بس اوهانجون ڪندو آ پڇائون