Showing posts with label تبسم عنايت. Show all posts
Showing posts with label تبسم عنايت. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (تبسم عنايت)

غزل
تبسم عنايت
سواءِ تو جيون انڌاري آهي،
رات مون لاءِ ڪاري آهي،
تنهنجا بنگلا محل ۽ ماڙيون،
مون وٽ ٿر جي واري آهي،
دنيا ڀلي دولت چاهي،
مرڪ تنهنجي مونکي پياري آهي،
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ سائين،
لڙڪن ڪئي قطاري آهي،
تنهنجو روُمال مون چمي،
ڪيو ياد توکي رات ساري آهي،
تنهنجي دونالين جي اڳيان،

تبسم هر بازي هاري آهي.