غزل
آرزو عطا نهڙيو
راهن کان تنهنجون پڇائون ڪيان ٿو،
نماڻيون اوهان ڏي نگاهون ڪيان ٿو،
بدن کي ڪُٺو تو هڻي تير ستمگر،
زخمي مور وانگي دانهون ڪيان ٿو،
ڪنول جهڙا پيار لتاڙي لنگهي وئين،
پوءِ ڀي مان پرينئڙا وفائون ڪيان ٿو،
تنهنجي ڳوٺ جا روز مسافر ٿا گذرن،
انهن کان تنهنجيون پڇائون ڪيان ٿو،
بارگاهِ
الاهي جڏهن ڀي وڃان ٿو،
کڻي
هٿ اوهان لئه دُعائون ڪيان ٿو.