Showing posts with label عليم سومرو. Show all posts
Showing posts with label عليم سومرو. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (عليم سومرو)

غزل
عليم سومرو
چري جي چُمين ها پوان چاڪ ٿي،

گهاءَ دل جو چُميء جي چتيء جيترو هو،
مکڻ مان ڪڍي ڇڏيو تو وار وانگر،
سڄڻ ساٿ توسان صديءَ جيترو هو


تو پڙهڻ کان اڳيئي اجهائي ڇڏيون،
سٽن ۾ سُهائو بتيءَ جيترو هو،



ڪري سانجهه ديرو صبح ٿئي روانو،
پرين پيار تنهنجو پکيءَ جيترو هو،




جي اوڍڻ گهُرين ها ڍڪيندو رهان ها،
عليم تنهنجو تو لئه گنديءَ جيترو هو،