Showing posts with label اڪرم ڪنڀر. Show all posts
Showing posts with label اڪرم ڪنڀر. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (اڪرم ڪنڀر)

نظم
اڪرم ڪنڀر
ها رات هئي برسات هئي،
۽ رات جهڙالي سانت هئي،
ها منهنجي هيڪل هينئڙي کي،
تنهنجي تات ئي تات هئي،
کيٽا ڪندي ڪنهن کيٽ کلياسين،
وسندي مينهن ۾ پاڻ ملياسين،
هو مينهن جهُڙالا ڏينهن هئا،
۽ پنهنجا پهريان نينهن هئا،
ٿي پهرين ملاقات هئي،
سا رات هئي برسات هئي،
ٻني جي ڪنهن ٻنڌ مٿي،
عشق هياسين انڌ مٿي،
شهر ڪيون سين ڳجهيون ڳالهيون،
ياد ڪري ٿيون اکيون آليون،
وائي اهائي وات هئي،
ها رات هئي برسات هئي،
ڪالهه دسيڙا ٽيج ملهائي،
ڏنيون واڌايون مونکي چاهي،
کلي مبارڪ توکان ورتي،
شايد پرکيو تنهنجي سرتي،
سا هڪڙي تنهنجي ذات هئي،
ها رات هئي برسات هئي،
سج لٿو پئي شام لڙي هئي،
امرت ڪيڏي پيار گهڙي هئي،
روهيڙي جي ڇانو ۾ ويهي،
راز ونڊياسين پاڻ سڀيئي،
باتين ۾ ڪا بات هئي،
ها رات هئي برسات هئي،

اڄ وسڪاري جي هوا هٺيلي،
ياد ڏياري وئي اڪيلي،
جتان ڀتيرڻ ڪالهه مٽي تون،
خوشبو ڀانئي واٽ سڄي مون،
وڻ وڻ ۾ اهائي لات هئي،
ها رات هئي برسات هئي،
جيڪو توسان گڏجي گهاريو،
مون به وقت ناهي وساريو،
لڙڪن جي مان ڀيٽا ڏيان ٿو،
ريت انهيءَ ۾ بس جيئان ٿو،
۽ منهنجي ڀر ۾ ڏات هئي،

ها رات هئي برسات هئي.