Showing posts with label عزيز گل. Show all posts
Showing posts with label عزيز گل. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (عزيز گل)

نظم
عزيز گل
هن کي پئي ٻي راهه کڻي،
سمنڊ وڏا ٿو ساهه کڻي،
ڇر تي ڇوليون سهڪن ٿيون،
ڪيڏو آهي خالي پڻ،
اندران ويرون وهڪن ٿيون،
اڀ ۾ آهم اٻري ٿو،
پنڇين ٽوليون ٽهڪن ٿيون،
رات ڇڏي وئي رؤنشو آ،
پورو پاڻي لڙ ٿيو،
جر جي به نيري رليءَ جو،
اڊڙيو آهي پڙ پيو،
هوءَ نه ڪناري ايندي جو،
هن کي پئي ٻي راهه کڻي،
ساڳي ڳالهه سمنڊ لئه آ،
ساهه کڻي يا لاهه کڻي،
سمنڊ وڏا ٿو ساهه کڻي،
هاڻ ڀلا هي ڪنهن جي لئه،
هڪ ته هوا کي کيڙي ٿو،
واءَ مٿي ٿو وڻ پوکي،
کوهه گگن ۾ کوٽي ٿو،
واهوندي کي واجهه وجهي،

چنڊ انهيءَ ۾ جوٽي ٿو،
چونڊيو پيو ٿو چاهه کڻي،
۽ ٻيو باهه اٿاهه کڻي،
سمنڊ وڏا ٿو ساهه کڻي،
هوءَ جا پرڻي وڃڻي آ،
منظر اونداهه اوڍي ٿو،
روهه تتو ٿي راهه کڻي،
هرڻ هينئين ۾ ٽاهه کڻي،
هاءِ چريو هي پريتم آ،
هن کي پئي بي راهه کڻي،
سمنڊ وڏا ٿو ساهه کڻي