غزل
خيال سنڌي
هئس ٻار مان، هوءَ ڀنڀوري هئي،
ننڍي هوندي جي عمر ٿوري هئي،
سڄو پاڻ ورڇي جهان ۾ ڇڏيائين،
حصي منهنجي ۾ آئي ٿوري هئي،
قسم سان اسان لئه
ته سڀ ڪجهه هئي،
زماني لاءِ مڙئي هوءَ ڇوري هئي،
اسان هڪ چڻنگ جي ڪري دوست،
ٺلهي ڇار ڪيڏي ڦلهوري هئي،
همالي پساهن جو ٿڪجي پيو،
حياتيءَ جي ٻوري هي ڳوري هئي،
سهارو وتو ”خيال“ جنهن لٺ جو،
اها وچ مان افسوس پوري هئي.