Showing posts with label ناشاد رضوان هنڱورجو. Show all posts
Showing posts with label ناشاد رضوان هنڱورجو. Show all posts

Tuesday, 10 June 2014

ڪوتانگر (ناشاد رضوان هنڱورجو)

نظم
ناشاد رضوان هنڱورجو
اڃان ڀي رات جهاڳي پئي،
اڃان آڪاش چمڪي پيو،
وڇائي وار چانڊوڪي،
ڀٽن جي ڀر تي چونئرن کي،
مثل برسات آڌيءَ جو،
اسان جي ذهن جي ڪنڊ مان،
اوهانجي ياد جون ڪونجون،
ڏيئي ڀڙڪو پرين اڏريون،
اهي ئي شام جون گهڙيون،
اهي برسات جون راتيون،
اوهانجي پير ۾ پاتل،
صنم پازيب جو ڇمڪو،
پريان کان ڏور ڪنهن ڏس ۾،
ٽهوڪڻ مور جوسندر،
ويهي ٿوهر هيٺان گڏجي،
ڀناسين رات پهر مينهن ۾،
اوهانجي من بدن جو هي،
سنهو ريشمي چولو،
ڀڄي چهٽي پيو بت تي،
حجابي مرڪ ۾ مهڪي،
جڏهن ڪر آرسن موڙيا،
اڃان سي عڪس سڀ دل جي،
چٽيل آڳر مٿي آهن،
اڃان ڀي ياد تازي آ..!
اڃان خوابن جي واديءَ ۾،
کڻي احساس ريشم جيئن،
اڃان “ناشاد” ساريون پيا،
سڳا سڪ جا ته سوري من،
اوهان جي پرت پاريون پيا،

اوهان جي پرت پاريون پيا.