Showing posts with label آزاد امام علي جهنجهي. Show all posts
Showing posts with label آزاد امام علي جهنجهي. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (آزاد امام علي جهنجهي)

نظم

آزاد امام علي جنجهي



اڃان ڪي اسان وٽ پڙهيا ويٺا آهن،
ابليس کان اڳ جا به تڙيا ويٺا آهن،

هنن جي ڪري هو هاهيءَ ۾ ويو،
خومخواھ خبيثن جي کاهيءَ ۾ ويو،
فڪر مان ڦريو پوء ڦاهيءَ ۾ ويو،
هي آدم ائين هوا تي اڙيا ويٺا آهن،

ڪئي اُٺ ڪتابن جا کايو هلن پيا،
شهرت جي پـويان ڪاهيو هلن پيا،
سندا ديـن ڌرم ٺاهـيو هـلن پيا،
ٿڏي کان ئي سمجهو ٿڙهيا ويٺا آهن.