Showing posts with label لطيفيات. Show all posts
Showing posts with label لطيفيات. Show all posts

Monday, 9 June 2014

ڀٽائيءَ جي ڪلام جو پس منظر

شاهه جي ڪلام کي ڪنهن به لفظي دائري ۾ ته قيد نٿو ڪري سگهجي پر پوءِ به سندس عظيم پيغام تي ڪجهه روشني وجهنداسين.
شاهه هڪ اعليٰ درجي جو صوفي بزرگ هو. سندس ڪلام جي هر هڪ لفظ مان وطن جي محبت ۽ سچائي پاررون ڪري پلٽي ٿي سندس وطن دوستي جو هڪ اعليٰ ۽ بي نطير دفتر آهي. جنهن جو مثال سندس پيغام جو مجموعي شاهه جو رسالو ۾  موجود آهي. شاهه اسان کي اهڙو پيارو آهي جهڙو ايرانين کي حافظ. ۽ ديوانِ حافظ اهڙوئي مقدس ڪتاب آ جهڙو شاهه جو رسالو آ.
شاهه سائين مقدس ڪتابن جا حوالا پڻ سندس شاعري ۾ ڏئي ويو آهي جنهن جو مثال سندس انهيءَ شعر ۾ آهي ته:
جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن.
شاهه سائين جيڪي به تشبيهون سندس ڪلام ۾ آنديون آهن اهي ديسي حالتن مطابق ئي آهن. مثال طور شاهه صاحب گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي ڪونر ۽ ڀونر جي پريم جي مهاتما ٿو ڳائي مطرب بجاءِ چارڻ کي شرف ڏنو اٿس.
شاهه پنهنجي ديس جي جوڳين کي به اتم بڻايو آهي ۽ جنهن عورت کي سماج جي اندر پوئتي ڌڪيو پيو وڃي پر شاهه سائين عورتن جي عظمت کي وڌائيندي عورت کي عاشق بڻائي سندن دلين جي ترجماني ڪئي آهي. شاهه سائين ساڻيهه جي سڪ ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندي مارئي جي حب الوطني ظاهر ڪئي آهي جنهن ۾ جادوئي تاثير آهي شاهه سائين ديس جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ سمجهي ٿو سندس سر مارئي ۾ ڏنل پيغام مان اهو واضح آهي ته شاهه وطن جي مٽي ۾ مرڻ کي ابدي حياتي ماڻڻ مڃيو آهي
ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
شاهه سائين سنڌ جي سينڌ جي سائي رکڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا اتي سڄي عالَم جي لاءِ پڻ دعا گهري آهي
سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه سائين هر انسان کي عزت سان زندگي گهارڻ جو درس ڏي ٿو ۽ غرور ۽ هٺ واري کي سڀ کان نيچ ڪيو اٿس.
پايو منهن مونن ۾ غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.
شاهه سائين اسان کي جستجو جي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته هر ڪم دليري سان ڪيو ڪڏهن  به پوئتي نه هٽو  نيٺ ڪاميابي توهان جا قدم چمندي
ڇپر ڪين ڏي سوکڙيون ستن کي
جنهن ۾ چيو اٿس ته سستائي ڇڏي جستجو ڪيو سُتن کي ڪجهه به ڪونه ملندو.
ويٺين ناهه وراڪو سُتين ڪونهي سنگ
پنهنجي حقن لاءِ وڙهو هي ساري دنيا جنگ جو ميدان آ جتي سڀ وهم وساري سورهيه وانگر سوڀ ماڻڻي آهي
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار امر ته متارو ٿئين.
۽ سچائي جو درس به ڏئي ٿو ته سچائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ کي به اهل سمجهي ٿو. مطلب ته شاهه سائين سراپا انقلاب رهيو آهي.
ٿر جي سادي زندگي ۽ فطري حسن کي جادوئي لفظن ۾ بيان ڪئي اٿس ٿري جنهن جو گذران هولاڙن ۽ گگرين تي آهي جن لاءِ پلر جي پالوٽ هڪ وڏي نعمت آهي ۽ اهي ڪهڙي نه ڪهڙي طريقي سان سارنگ جي واپسي تي خوشيون ڪن ٿا. سندن جهوپڙا جيڪي ڀٽن جي اوٽ ۾ هوندا آهن. تن بابت چئي ٿو
ڀٽن ڀر هوندا، پکا پنهوارن جا
ٿر جي اڃاري پکي ٻاٻيهي کي حقيقي عاشق جو درجو ٿو ڏئي
منجهان منهنجي روح جي وڃي ساجن وسري
مر لڳي لوُهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
ٿر جي مالدارن بابات چئي ٿو ته:
منهنجو تور تلن ۾ چيها ٿو چاري.
ٿر جو اڙانگو سفر ڪري ساهه سائين اسان کي انهن جي زندگي کان واقف ڪيو آهي جيئن سندن زندگي جي اپٽار ڪئي آهي، فرمائي ٿو:
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا ٻارڻ جنين ٻوهه
شاهه پنهنجي زندگي غريبي ۽ هڪ ڀٽ تي گهاري پر سندس خوشبو سندس پيغام سڄي دنيا کي اوسي ڇڏيو آهي ڇو ته سندس لفظن ۾ اهڙو ته جادو سمايل آهي جو هو هر دل ۾ لهي ٿو وڃي ڇو ته شآهه سائين هر شيءَ کي ڪونه ڪو روپ ڏئي نروار ڪيو آهي جيئن سُر ڪاموڏ ۾ شاهه ڪينجهر جو نظارو پيش ڪيو آهي انهي جي نظاري کي چنڊ کان به وڌيڪ تسليم ٿو ڪري ۽ ڪينجهر کي اتر جي هير ۾ هندوري مثل سمجهي ٿو
لڳي اتر واهه ڪينجهر هندورو ٿئي
شاهه سائين نقدرت جي ٻنهي پاسن کي چٽيا آهن ڀيانڪ به ته من موهيندڙ به آهي قاتل به آهي ته ٺار وجهندڙ به آهي قدرت ۾ ڪو به کيس همدردي جو احساس نٿو ڏسڻ ۾ اچي تڏهن جبل جاڙون ٿو ڪري چئي ٿو قدرت  جا عجيب نظارا آهن. ۽ ڪٿي واسينگ به وراڪن ۾ پيا ڦرن جيڪي سنها هوندي به خطرناڪ آهن جو هاٿي جهڙي کي به ڊاهيو ڇڏين
سنها ڀان ۾ سڀ ويا واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ هاٿي هندان نه چُري
۽ ڪٿي وڻن ۽ چيهن ۽ چٻن جا آشيانا آهن ته ڪٿي ٻاٻيهن جون ٻوليون آهن:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها
شاهه سائين پنهنجي سر سسئي آبري ۾ عاشق جي اڃ بابت چئي ٿو ته ان جي اڃ تڏهن لهندي جڏهن معشوق جي اڃ لهندي پوءِ پاڻهي اڃ اڃ سان مٽجي ويندي ويندي.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته محبت اهڙي شيءَ آهي جنهن جي سامهون ڪا به مصيبت نه ٿي بيهي سگهي. شاهه سائين مسلسل صوفي مزاج هو جنهن جو مثال سندس ڪيترائي اشارا صوفين ڏانهن آهن. جهڙوڪ ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل تجلي وغيره. شاهه صاحب سر مارئي جي پهرئين داستان ۾ صوفيت جي اپٽار ڪئي آهي:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تت چيوم

ڪارا سون ڪراين ۾ (نوراحمد جهنجهي)

الله تعالى انسان کي پنهنجو خليفو خلقيندي، علم جي وٿُ عطا ڪئي جنهن وسيلي هُو ڪائنات کي بهتر بنائڻ، خُوبصورت ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ نت نوان گهاٽ گهڙي ٿو ، حڪمت عمليون جوڙي ٿو ۽ اُنهن حڪمت عملين وسيلي پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو. انسان پنهنجي اُن ورثي کي مختلف روپن ۾ هڪ کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪندو رهيو آهي. سائنسي علم، فنونِ لطيفه، فني مهارتڪاري، فن وغيره اِن جو چٽو چائو مثال آهن. فن ۽ ادب جي تاريخ تي جڏهن طائرانه نظر وجھبي  ته  نظر ايندو  ته اُن ۾ قصو ۽ ڪهاڻي، ادب ۽ فن جو اُهو گھاڙيٽو آهن جن وسيلي نه رڳو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن پنهنجي من جي مام بيان ڪئي آهي پر عام ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو به قصن ۽ ڪهاڻين کي ڍال بڻائي زندگيءَ جي چومکي لڙائي لڙندو رهيو آهي، پير پٿون ٿيڻ ۽ لڱ لڦون ٿيڻ کانپو ءِ به هو هيمنگوي Old man ۽ ڀٽائي جي مورڙي وانگر همت نٿو هاري. ا ِهڙا سڀئي قصا انساني ذهن جي تهذيبڪاريءَ جي آبياري ڪندا رهيا آهن  ۽ اُنهن قصن اسان جي پابند فن، ادب ۽ سائنس تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي، سائنسي ايجادن ۽ حاصلاتن ۾ ڪيئي نوان خيال اُن نڪور خيال مان مليا آهن، ڪيترين ئي ٻولين جي شهڪاري ۽ شاهوڪاري اڄ به  اهڙين ديومالائي ڏند ڪٿائن جي مرهون منت آهن
اسان جي سونهاري سنڌي ادب ۾ به اهڙو ورثو بدرجه اُتم موجود آهي جنهن ۾ تاريخي، نيم تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي آکاڻين کي بُنياد بڻائيندي، خيال جي خزاني کي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سڀني ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن اِن ڏس ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ پيار جو پورهيو ڪيو آهي، جنهن ماڻهن جي روح جي رڻ پٽ کي متاثر ڪيو آهي  ۽ ماڻهن  اِهو سرمايو سينن ۾ پڻ سانڍي رکيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اهڙن شاعرن جي سٿ ۾ نيارو ۽ نڪور آهي جنهن قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪندي، اُنهن قصن ۽ ڪهاڻين مان صرف پيش ڪرڻ جوڳو حصو کنيو آهي ۽ سڄي تفصيل تي رت کپائڻ کان پاسو ڪيو آهي، اِهڙيءَ ريت شاه ۽ ٻين شاعرن جي وچ ۾ “ڪبير پاران مکڻ کائي وڃڻ” ۽ “سنسار کي حصي ۾ جھڻ ملڻ” سو سيڪڙو صحيح لڳي ٿو.
شاهه سائين مختلف عنوانن/نالن هيٺ سُرن وسيلي پنهنجي اظهار کي ظاهر ڪيو آهي جيئن؛ مارئي، سسئي، راڻو، سورٺ، ليلان، رپ ۽ سهڻي. هِنن ستن ئي سُرن ۾ صرف “راڻو” مرد جي نالي سان سُر آهي باقي ڇهه سُر عورت جي نالي پُٺيان آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڳالهايل ٻوليءَ جي اُصولن پٽاندر ماڻهن اِنهن عنوانن ۾ تبديليون ڪيون آهن ۽ عام طور انهن نالن کي هِن طرح  چيو ۽ اُچاريو ويندو آهي؛ عمرمارئي، سسئي پنهون، راڻو مومل، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر، سهڻي ميهارـــــ پر رِپَ سان گڏ بروئي جو نالو نٿو ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته اُها ڪهاڻي هڪ ننڍي حصي تائين محدود آهي ۽ اُها ڪهاڻي ذڪر ڪيل باقي ڪهاڻين وانگر سڄيءَ سنڌ ۾ معروف نه بڻجي سگھي آهي تنهنڪري اڃان  تائين نالي جي اصليت برقرار آهي.
انهن سڀني سُرن ۾ مارئي جو دائرو ۽ سماجي ڪارج مٿاهون آهي ڇاڪاڻ ته باقي سڀئي ڪهاڻيون فرد جي فرد سان عشق ۽ پيار جي پيچ تي آڌارڪ آهي جيتوڻيڪ اُنهن ۾ سماج جا سڀئي پهلو بحث هيٺ آيا آهن ۽ انساني قدرن جي ڳُڻ ڳوت ڪئي ويئي آهي پر سُر مارئيءَ ۾ فرد جو هڪڙي مجموعي ۽ اُن مجموعي جي عبارت Context يعني وطن سان عشق آهي. اُنهيءَ عشق جو اڻ ٽُٽ    رشتو هر آزمائش ۽ مشڪلات ۾ مضبوط رهي ٿو ۽ بنديخاني جون ڪٺنايون ۽ ڪوٽ ڪڙا به اُن کي لوڏي نه سگھيا ۽ اُن نيئر مارئي جي نينهن کي ويتر اُجاري اڇو ڪيو آهي؛
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
واجھائي وصال کي ٿيس تهوارون  تيئين،
نيئر منهنجو نينهن، اُجاري اڇو ڪيو
مارئي جي قصي کي 600 سالن کان وڌيڪ عرصو گُذري چُڪو آهي. دنيا تمام گھڻي اڳتي وڌي چڪي آهي، ڪاٺن جي ڦرهين تي لکڻ پڙهڻ وارو زمانو ويو هِن وقت جديد اليڪٽراني اوزارن وسيلي ماڻهو من جي مام هڪٻئي تائين پهچائي رهيا آهن، پر پوءِ به هِن Commercialism  جي ڇتي دور ۾ به سُر مارئيءَ جي سماجي ڪارج جي اهميت اوترو ئي اهم آهي جيترو اڳ هئي. ملير، ويڙهه، وطن، جبر ۽ ڪوٽ ڪڙن جي استعاري ۾ اڄ به ڪو فرق نه آيو آهي ــ مارئي جي سُر ۾ ملير سان محبت ۽ عمر جي ڪوٽ کان نفرت اوترو ئي آهي جيترو اڳ اُن وقت هئي جڏهن مغلن پاران سنڌ تي مقرر ڪيل ايڪويهين گورنر ابونصرت جي ڏينهن ۾، شاه سائين هِن سُر کي پنهنجي رُوپ ونت ڪلا جي ڪتاب ۾ قلمبند ڪري رهيو هو. سنڌ تي اُن کانپوءِ به 20 گورنر مقرر ٿيا. اِهڙي طرح سنڌ جي سورن جي تسلسل جي اِها تاريخ ڀڳي هڏ جيان اڄ به هر حساس هانو ۾ هُري رهي آهي.
مارئي جي قصي جو جائزو وٺندي اسان جي محققن، اديبن انتهائي تعصب کان ڪم وٺندي ايئن ٽنگ ڇڪ ڪئي آهي جيئن اڄ اسان جا سياستدان اقتدار جي ڪرسيءَ جون ٽنگون پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن. ڪن ليکڪن جو خيال آهي ته مارئيءَ کي نسل جي بنياد تي پرکيو وڃي ته مارئي فلاڻي ذات جي هئي يا فلاڻي ذات جي هئي ـــ ٻيا حضرت وري ان هَٺَ جي گھوڙي کي بحر ظلمات ۾ ڊوڙائيندا رهيا آهن ته مارئيءَ کي مذهب جي تناظر ۾ ڏٺو ۽ پرکيو وڃي. ڪي سڳورا سڄڻ مارئي جهڙي عظيم ڪردار کي علائقي جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن اُنهن سڀني محترم ليکڪن، دانشورن ۽ اديبن پنهنجي حمايت ۽ مخالف کي رد ڪرڻ لاءِ قرآن شريف کان وٺي زباني ڪٿائن تائين ڪيئي دليل ڏيئي نور ۽ بشر جي فيصلي طئه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ــ پر موجوده وقت، بدليل عصري ادبي، سياسي ثقافتي  ۽ عملي تقاضائن جي تقاضا آهي ته مارئيءَ کي اُن جي ڪردار جي پٽاندر ڏٺو وڃي هُن جو جيڪو مجموعي رويو آهي ۽ اڏولتا جو اظهار آهي اُهو ئي اهميت لائق آهي ۽ اُن کي اڃا به اڳتي تفصيل سان ڏسجي ته مارئي جو سمورو پيغام اِهو ٻڌائي ٿو ته هيڻن ۽ هوڏي طبقن جي وچ ۾جنگ ازل کان جاري آهي. هيڻن طبقن کي وقتي تڪليفون ۽ پيڙائون ڀوڳڻيون پيون آهن، هوڏي طبقا وقتي طور سرسي ماڻيندا نظر اچن ٿا، پر فتح هيڻن طبقن جي ٿيڻي آهي ڇاڪاڻ ته اُهي حق ۽ سچ تي آهن ۽ هوڏي طبقن کي تاريخ جي بابن ۽ لوڪ جي سينن ۾ رسوائي ۽ ذلالت نصيب ٿيڻي آهي. طبقن جي اِها ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي.
مارئيءَ جو ڪردار اڄ به اسان کي محبت ڪرڻ جو جيڪو اُتم ۽ آفاقي پيغام ڏئي ٿو تنهن ۾ اِهو ڏڍ ملي ٿو ته پنهنجو وطن جهڙو به هُجي، بکيو هُجي، ڏُکيو هُجي، سائو هُجي، ڍائو هُجي، اُن سان محبت هجڻ گھرجي ۽ مارئي پنهنجي ٿريچائي هُجڻ کي فخر سان هِن ريت بيان ڪري ٿي:
ننگا آهيون نڱيا، اسين مارو لوڪ
ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو
وطن سان اِنسان جي  اِها وابستگي ازلي آهي ، جنهن خمير مان هُو جوڙيو ويو آهي، سو خمير ئي سندس ضمير جي ڪعبي قبلي کي دُرست رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو، وطن وسارڻ جي واٽ کان روڪي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن لوءِ وسري ويئي ته پوءِ انساني جيون جاڙ آهي جنهن جي ٺڪريءَ تي پاڙ آهي. تنهنڪري پاڙون ڌرتيءَ ۾ هئڻ گھرجن.
وطن جي اِها سڪ، اُنهن وطن واسين لاءِ به اوترو ئي سگھاري هئڻ  گهرجي جيتري وطن سان، ڇاڪاڻ ته مارئي ۽ مارن وچ ۾ فااذڪروني اذڪرڪم جي شاهدي ۽ ثابتيءَ وارو سٻنڌ آهي ۽ مارئي پنهنجي بُکَ هاڻي ۽ ڏُکَن ڏاريل ملير کي به سڀڪجھه سمجھندي “واشڪرولي” جي واديءَ جو سير ڪندي عمر جي ماڙين، محلاتن هنڌ وڇاڻن کي هيچ سمجھندي “ولاتڪفرون” جي تحت الثرى ۾ ڪرڻ کان بچي وڃي ٿي. اِهو اٽوٽ ٻنڌڻ، پرت جو پينگھي ۾ پيل پيچ آهي جنهن وچن واعدي مطابق مارئيءَ جي مارن سان محبت ازلي آهي
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالوبلى قلب سين تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سان
تنهنڪري مارئي اُن ازلي ٻنڌڻ جي تقدس جو ڀرم رکندي ڪو به اِهڙو قدم نٿي کڻي، جيڪو سندس طبقي کي مهڻي هاب ڪري ۽ مارئي جا مارو  طعني هيٺ اچي وڃن ۽ ڪٿي ڪنڌ کڻي هلڻ جھڙا به نه رهن:
جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم
مون ڪُر اڳي نه ڪيو، اِهو ڪوجھو ڪم
جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنهوار جي
مارئي جو ساڻيهه جي سڪ وارو اِهو جذبو اسان کان پنهوارن سان پت ۽ ملير سان محبت جي تقاضا ڪري ٿو ۽ طبقات جي انهي رساڪشي ۽ ماراماري ۾ اُها ئي تقاضا ڪري ٿو جيڪا لطيف سائين مارئي جي پيغام کي پنهنجي لفظن ۾ پلٽيندي ڪئي هئي:
سنهي سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه
هينئون منهنجو هُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماهه
پکن منجھه پساهه قالب آهي ڪوٽ  ۾
مارئي جي امر ڪردار کي اڄ به همعصر حالتن پٽاندر ڏٺو وڃي ٿو ته اسان کي اُن مان وڏي رهنمائي ملندي ۽ اسين پنهنجي سرگردانيءَ ۾ سوڀارا ٿينداسون. اڄ به دُنيا لاءِ  وڏي ۾ وڏي للڪار  غربت آهي، ترقيءَ ۽ فلاح لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دنيا جا سڀئي ادارا اڄ به غربت جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر غربت ڏينهو ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ اڄ به  سمورين ڪوششن باوجود غربت وڌي رهي آهي ۽ نت نوان روپ ڌاري رهي آهي. مارئيءَ جو پيغام اسان کي غربت کي مُنهن ڏيڻ جي نياري حڪمت عملي ٻُڌائي ٿو، اُن حڪمت عمليءَ جو بنياد ماڻهن جي تهذيب ۽ مقامي حالتن تي آهي تنهنڪري اُها غربت جيSugar coated ۽ ڏيساوري نسخن کان مختلف آهي.  مارئي ڪفايت ۽ قدرتي وسيلن کي سُڪارج ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ رهڻ جي اُن ڍنگ کي ايترو ته اتم ۽ اوچو سمجھي ٿي جو هُوءَ وڏيءَ دعوى سان اِهو به چئي ٿي ته ڪنهن کي جيڪڏهن اعتبار نٿو اچي ته پاڻ هلي ڏسي سگھي ٿو سمورو ملير سندس سامهون آهي.
ٿوري ُقوتَ قرارئا، رهن صٻر سٿ،
کٿيءَ کيهه ڀُڪلئا، ُڀڻن اِهڙيءَ ڀت،
پنهوارڪي پت، پيهي پُڇ ملير ۾
مارُو قناعت پسند آهن ۽ ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺندي، کين جيڪي ملي ٿو هُو اِن تي شاڪر رهن ٿا ۽ ٿورو قُوت به کين قُوَت بخشي ٿو پنهنجي ٺاهيل شين کي هنڊائين ٿا ۽ مارڪيٽ جي منهن ڦاڙ واڳوءَ جي وات ۾ نٿا ڪرن ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ جون قوتون ئي موجوده غربت جون ذميوار آهن. مارئي سرمايه واد جي شين کان نفرت به حڪمت عملي طور ڪم آڻيندي سون کان نفرت ڪري ٿي ۽ سون بجاءِ ڪراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌڻ کي وڌيڪ عزت وارو سمجھي ٿي ۽ جيڏين سان جياپي ۾ فاقي کي به  فرض سمجھي ٿي:
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءِ
ور جيڏين سين جوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان.
دنيا کي جيڪو ٻيو چئلينج درپيش آهي اُهو ماحوليات جو درهم برهم ٿيڻ آهي ــ سڄي دنيا ۾ ماحول کي بچائڻ لاءِ ٻڙڌڪ متل آهي ۽ دنيا جو ساهه ٿو منجھي ته هاڻي ڇا ٿيندوــ قدرتي وسيلن کي ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ اچي انسان پاڻ اُن ٽار کي وڍڻ شروع ڪيو آهي جنهن تي هو ويٺو آهي ۽ محض نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ اِهڙو ڪُڌو ڪم ڪري رهيو آهي. نفعي جي اِن سودا دُنيا جي ماحوليات کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هر شئي وڪامجي رهي آهي ڀريءَ بازار ۾ صرف ٻه ڌريون ڪردار ادا ڪري رهيون آهن هڪڙو وڪڻندڙ/جوڙيندڙ آهي ٻيو گراهڪ/خريد ڪندڙ آهي. ٽيون فقير يا پينو آهي جيڪو ٻنهي جي رحم ڪرم تي آهي. اِن ساري تناظر ۾ مارئي جو امر ڪردار دُنيا کي سنئون دڳ ٻڌائي ٿو ته پنهنجي قدرتي وسيلن تو ڙي انساني وسيلن سان محبت رکو ۽ صرف ضرورت جي حد تائين کپايو. فطرت سوني مرغي آهي، جنهن کي سمورا بيضا هڪ  وقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪُهي ختم نه ڪريو نه ته توهانکي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پونداـــ توهان جيڪڏهن پنهنجي جهر جهنگ سان نينهن جو ناتو ۽ ننگ رکندو ته توهان جو جياپو آسان هوندو۽ توهان وٽ سدائين سُڪار هوندو توهانکي ڪنهن جي به لوڙ  نه رهندي:
تن ونهين ويڙهيچن ۾، سدائين سُڪار،
چونڊئو آڻيو چاڙهين، سندا ڏونرن ڏار،
جن جو ويڙهين سي واپار، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا
ــــــــــــــ
نڪا جھل نه پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾
آڻئو وجھن آهرين، روڙيو رتا گل
مارو پاڻ امل، ملير هون ئي مرڪڻو
اهڙي ريت سمورو سُر مارئي ساڻيهه جي سڪ ۽ مارن جي محبت جو اُهو سون سريکو پيغام آهي جيڪو غربت ۽ Climate Change جهڙين وڏين للڪارن جي سلسلي ۾ دنيا جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو ۽ دنيا مارئي جي ڏسيل رهنمائي مطابق هلندي پنهنجي غريب ماڻهن جي اَجوکي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي ٿي۽ دنيا کي غربت جي گهاڻي مان آزاد ڪرائي سگهجي ٿو۽ اهڙِي طرح مارئي جي همٿ، هيڻن لاءِ همٿ افزائي جو باعث بڻجندي ۽ هيڻا جڏهن اِهو احساس ڪندي اڳتي وڌنڌا ته پوءِ پاڻ و هيڻا ۽ پاڻ ڀرا ٿي پوندا ۽ ڪوئي عمر جبري طور کين پنهنجي قيد ۾ قابو ڪري ڪونه سگھندوــ
پانڌي پرين پنهوار جو آيو ڪالهه ڪهي،
وٺا مينهن ملير ۾ وئڙا ڏک لهي
ڏٿ پڪو ڏيهه ۾ گهڻي موڪ مهي
ويڙهيچن وهي، سِڪون لاهيان سومرا

انسائيڪلوپيڊيا ۽ الجهاءَ (محمد هنڱورجو) حصو پهريون

بدر ڌامراهو جو ڪتاب ”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ وڏو عُنوان ڏسي ورتم. ”پيش لفظ“ پڻ پاڻ لکيو اٿائين. شروع وارا چند دلچسپ جملا ڪجهه هن طرح هئا/آهن.
”شاهه تي جيڪي به ڪم ٿيو آهي، اُهو اسان جي وس ۽ وت برابر آهي. پر حقيقت ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي اُهو نه جي برابر آهي. اسان هن وقت تائين فني ۽ فڪري لحاظ کان شاه تي ڪم پئي ڪيو آهي. سائنسي ۽ تاريخي نقطهءِ نگاه کان شاه تي ڪم ٿيو ئي ڪونهي هن ڪتاب ۾ اسان سائنسي ۽ تاريخي نقطءِ نگاه کان شاه جي شعر تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
سائنسي تحقيق واري دعويٰ کي ڌيان ۾ رکي اڳتي ورق ورايم سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه آئي رُڳو شاه جي شاعريءَ ۾ آيل مختلف شين وڻن ٻوٽن، جيت جڻين، ماڳن مڪانن، ڪمن ڪردارن ۽ رنگن روپن وغيره جا اڪثر نالا چونڊي 242 صفحن واري صفحن واري هن ڪتاب کي ٻارهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. اُهي ئي اڳ وارن شارحن جون (صحيح يا غلط) معنائون ۽ وضاحتون.! ڪٿي ڪي اضافي ٻه اکر ته ”اڳيون سوجهرو به چٽ“ واري ڪار! بهرحال 2007ع ۾ هي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. سائنسي تحقيق ته بجاءِ خود، منهنجي خيال ۾ شاهه کي سمجهڻ جو شوق رکندڙن لاءِ مزيد مونجهارا پيدا ڪيا ويا آهن. مناسب ٿو سمجهان ته انهن مان چند جو ذڪرمعزز پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي. بيت معنائون توڙي خاصيتون فاضل ليکڪ جيئن لکيون آهن بلڪل تيئن لکي بعد ۾ پنهنجي راءِ ڏبي.
باب 1 (وڻ، ٽڻ، ميوا ۽ اناج) ص 13   ”پپون“:
بدر :  پپون= ”هي جهنگلي وڻ جو ميوو آهي. ڪنڊيءَ جي سڱريءَ جيڏو سائي رنگ جو ٿئي ٿو. مگر منجهس سڱريءَ وانگر ٻج ڪونه ٿين. ذائقي ۾ کٽو ٿئي برسات ۾ ڪنڊيءَ جي پاڙن ۾ اڀڙندو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي:
ٿا جا ٿربرجهل ”پپون“ پائر وٽ ۾،
سيئي سارئو سومرا، اچي آءُ اڇل،
سانگين ڏنم سَل، ڏٺي جن ڏينهن ٿيا.
(سر مارئي 9–13)“
عجب آهي: موصوف جي هن مختصر تحرير ۽ تعريف ۾ هيڏو هي تضاد. هڪ طرف چوي ٿو ته ”هي جهنگلي وڻ جو ميوو آهي“ ۽ ٻئي پاسي وري اهو ته ”برسات ۾ هي ڪنڊيءَ جي پاڙن ۾ اُڀڙندو آهي“.
جڏهن ته پپن جو هڪ ننڍڙو ٻوٽو آهي (واحد:پِپَ، جمع: پپون). جيڪو مختلف وڻن ۽ ٻُٿن جي لڳ يا وچ ۾ اُڀڙندو آهي. هيٺ هڪڙي پاڙ هوندي اٿس. زمين مان نڪرندي تاڙين وانگر پپون ڪڍندو آهي. جيڪي واقع به ڪنڊيءَ جي سڱرين مشابهه هونديون آهن. جيستائين ڪچيون آهن ته ذائقي ۾ کٽيون، پچڻ سان ڪڙيون ٿيو وڃن. مٿي ڇيڙن تي منجهن ڌاڻن جهڙا مگر انهن کان ننڍڙا ڦر لڳن جن ۾ ڪاري رنگ جو سنهڙو ٻج ٿئي. هوڏانهن مٿي ڏنل بيت ۾ بدر صاحب لفظ ”آب“ بجاءِ ”آءُ“ آندو آهي جيڪو صحيح ناهي. دراصل بيت جي ٻِي سٽ هن طرح آهي.
سيئي ساريو سومرا، اچي ”آب“ اڇل.
يعني: اُهي (سانڀي/سانگي) ياد ڪريو، منهنجي اکين مان اُٿليو هيڪاندا لڙڪ لڙيو ٿا پون.
باب 1 ، ص 15    ”ڊامڻ“:
بدر :  ڊامڻ= “هي گاهه جو قسم آهي. سُر سارنگ ۾ هن گاهه جو نالو ملي ٿو. ڏوٿي هن گاهه جون پاڙون ڏُٿ طور استعمال ڪندا آهن (11) هن گاهه جي ٻوٽي جي تيليءَ ۾ رس ٿئي ٿي. تيلي پڪي کان پوءِ مٺي ٿئي ٿي. سنگ واڱڻائي ٿيندا اٿس. طاقتور چارو آهي (12) گهوڙو تمام گهڻو کائيندو اٿس. هن گاهه لاءِ ڪي پهاڪا مُروج آهن.
جهڙوڪ: 1.ڊامڻ گهوڙي لاءِ آمڻ، پر سُڪل نه سائو
2. ڪل جنهن جي ڪڙمين سي ڊامڻ ڪيئن چرن. (13)
شاهه صاحب هن ٻوٽي بابت فرمايو آهي:
سرها سرسبز ٿيا ”ڊامڻ“ ڊٻ ڪيا.
(سر سارنگ 2-2)“
فاضل مرتب 3 حوالا ”لغات قديمي قليچ 1924ع“ ۽ ”سنڌ جا گاهه شامنداس 1913ع“ ڏنا آهن. ظاهر آهي تحقيق ته بجاءِ خود، سندس ڪا ذاتي راءِ به ڪانهي. باقي مٿي (حوالي طور) ذڪر ڪيل نهايت ئي معتبر ۽ مانوارن عالمن کي ڀانئجي ٿو ته ٿر جي گاهن جي پوري پروڙ نه هئي سو ڪٿي انهن (گاهن) جي ساختن تي ته ڪٿي وري خاصيتن بابت پنهنجي اوٽ ۽ اندازي تي ئي لکي ڇڏيائون.
هن گاهه جو ٻُوٽو (پَنن ۽ سنگن سميت) ٻاجهر جي ٻوٽي جهڙو مگر ان کان ڪافي ننڍو ڏيڍ ٻه فوٽ جو ٿيندو آهي. تيليءَ ۾ ڪا خاص رس به ڪانهي البت عام سائي گاهه واري منجهس معمولي آلٺ/آلاڻ هوندي آهي. هن جو اَن/ٻج ڀُرٽ جهڙو هوندو آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٿري ماڻهو ڏُٿ طور استعمال ڪندا هئا. باقي هن گاه (ڊامڻ) جون پاڙون ٿري ماڻهن ڪڏهن به ڏُٿ طور استعمال ناهن ڪيون، نه وري اُهي ڪنهن اهڙي ڪم جون آهن.
باب 1 ، ص 17  ”سيارڇ“
بدر: سيارڇ= ”هي ول جو قسم آهي برسات ۾ ٿر ۽ پوٺي تي ڦٽي ٿي چوٽيءَ تي ڳاڙها گل جهليندي آهي (15) ٿري ماڻهو ڀاڄيءَ طور استعمال ڪندا آهن.
سائون ”سيارڇ“ مکڻي جيڏيون آڻن جال
(سر مارئي 9_5)“
فاضل ليکڪ هڪ حوالو ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف” پُڻ ڏنو آهي. پر هتي هن وقت اِن نالي واري ڪا وَل موجود ناهي. نه اُها ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿي. ٿر ۾ رائج مختلف ٻولين ۽ محاورن سان متعلق ڪافي سمجهدار ماڻهن کان سندن علائقن ۾ وڃي پڇا ڪئي وئي. مگر هيستائين هن نالي واري وَل جي ڪنهن به تصديق ناهي ڪئي. ممڪن آهي هن وَل جا ڪي ٻيا به نالا هجن. ڪو نالو (سيارڇ) متروڪ ٿي ويو هجي. ڪنهن ٻئي نالي سان اڄ به ان کي سڏيو ۽سڃاتو ويندو هجي. (؟)
باب  ، ص 18 ”ڦرهه“:
بدر:  ڦرهه=”هي مُرٽ نالي هڪ ٻوڙي جو ميوو آهي. برسات جي موسم ۾ ٿر ۾ ٿئي ٿو. قد ٽي چار فوٽ ٿيندو اٿس. ننڍڙا سنگ جهليندو آهي، جنهن کي ”ڦرهه“ چوندا آهن.(17) منجهس سائين جي داڻي جيڏو اَن ٿيندو آهي، جنهن کي “ڦرهه” چوندا آهن. سُر مارئي ۾ شاه صاحب ان جو ذڪر هن طرح آندو آهي؛
منهنجو تور تَلن ۾ آئون هت بندياڻي،
مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ ”ڦرهه“ ۽ لاڻي،
ڪنديس رهاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾.
(سر مارئي 3-20)“
هتي موصوف هڪ حوالو “سُر مارئيءَ ۾ ٿر جي جهلڪ، بشير احمد ميمڻ، نئين زندگي 1968ع” ڏنو آهي. جنهن  صاحب پڻ هٿ جي هڻي ڇڏي آهي. مُرٽ جو ٻٿ نما وڻ اڄ به ٿر ۾ موجود آهي. هي هر وسڪاري واري مُند ۾ ناهي ڦٽندو. پنهنجي طبعي ڄمار موجب ورهين تائين بيٺو هوندو آهي. هن جي سنگن يا اَن کي ڪڏهن ۽ ڪٿي نه “ڦرهه” ڪونه ٿو چيو وڃي. ڦرهه شايد ڪنهن وَل يا گاهه جو نالو آهي جيڪو پُڻ متروڪ محسوس ٿئي ٿو (؟) تاهم اهو اڃا به تحقيق طلب آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي مڪمل معلوم ٿي وڃي.
باب 1 ، ص 19،   ”ڦوڳ“:
بدر :   ڦوڳ= “هي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي. برسات جي مند ۾ وارياسي ۽ جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو. ٽاريون ڊگهيون ۽ ڳنڍن واريون ٿينديون اٿس. منجهس خوشبودار ٻُور ٿئي ٿو. سُر مارئي ۾ شاهه صاحب هن ٻوٽي جو ذڪر هن طرح آندو آهي.
چارن ات چاهه منهنجا، پاسي ”ڦوڳن“ ڦر.
(سر مارئي 8-16)“
بدر صاحب هتي ڪو حوالو ناهي ڏنو پر حقيقت ۾ هن وڻ بابت گربخشاڻي صاحب واري وضاحت ئي بيان ڪئي آهي. جيڪا سراسر غلط آهي.
شاهواڻي صاحب به ”ڦوڳ“ کي ”ٻوٽي جو قسم“ ڄاڻايو آهي. ڦوڳ کي ٻوٽو سڏڻ کل جهڙي ڳالهه چئبي. مون اڳ ۾ به پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن وڻ بابت قدري تفصيل سان لکيو آهي. ڦوڳ ٿر جو نهايت ئي ڪارائتو وڻ آهي. جيڪو پنهنجي طبعي عمر تائين بيٺو ٿو هُجي. هن ۾ پَن ڪونه ٿين. رڳو سايون لاسُون هونديون آهن. وڻ ڦوٽ واري مُند (بهار) ۾ انهن ۾ ٻُور ٿئي جنهن کي ڦوڳي چون. مال ان کي شوق سان کائي. هن وڻ جي ڪاٺي ٻرڻ ۾ تيز هجي ٿي ۽ ٻاٽوڪڙ پڻ. ٿورڙي ڇڪ ڏيڻ سان سايون ٽاريون به ٽٽي پونديون آهن. ايئن بي حس ماڻهو انهن کي وڍي/ٽوڙي پنهنجن گهرن ۾ ڍڳ ڪري رکي ڇڏيندا آهن. لوهه جو ڪم ڪرڻ وارا اڪثر لوهار به ڦوڳن جي آلين ڪاٺين مان ڪوئلا ٺاهي استعمال ڪن. ايئن هي نهايت ئي قيمتي وڻ ٿر جي وڏي حصي مان ختم ٿي ويو آهي. ڏاکڻيين وَٽ واري حصي ۽ ننگر تعلقي جي اتر اولهه واري ڪجهه حصي ۾ هي وڻ اڃان به موجود آهي. اُتان جي رهواسين کي جڳائي ته سيمن ۾ هن ناياب وڻ جي سونهن ۽ سرهاڻ جي تحفظ لاءِ جوڳا جتن ڪن. هي اڪثر ننڍي قد وارو وڻ آهي. پر ڪٿي ڪٿي (خاص ڪري وَٽ واري علائقي ۾) وڏو، وچولي قد واري ٻير جيڏو يعني 10_12 فوٽ جو به ٿئي.
باب 1 ، ص 23 ،    ”ڪنڊي“:
بدر: ڪنڊي= “هي هڪ وڻ آهي، هر قسم جي زمين تي ٿئي ٿو. هي قديم ۽ وڏيءَ عمر وارن وڻن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. پر هينئر هي وڻ ڪٿي ڪٿي بچيو/رهيو آهي شايد اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن فقط ڪتابن ۾ هن وڻ جو نالو باقي وڃي رهندو. ڇاڪاڻ ته هن جو ڪاٺ نهايت ڪارائتو ٿئي ٿو. فرنيچر ۾ تمام گهڻو استعمال ڪرڻ ڪري هن وڻ جي نسل ڪُشي ٿي رهي آهي. هن وڻ جون پاڙون نهايت پختيون ۽ زمين ۾ تمام گهڻو هيٺ وينديون آهن ٿڙ نهايت مضبوط ۽ ٿلهو هوندو اٿس، پن تمام ننڍڙا ۽ سنهڙا ٿيندا اٿس. شاه صاحب سُر ڏهر ۾ هن وڻ جو ذڪر آندو آهي، فرمائي ٿو:
ڪرڪي ڳالهڙيون، ”ڪنڊا“ ڍور ڌڻين جون،
ڪنءَ سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذاريئي.
(سر ڏهر 1_1)      
ڪر ڪا ويهي ڳال، ”ڪنڊا“ ڍور ڌڻين جي،
ههڙي اڄ حال، ڏکيا ڏينهن گذاريين.
(سر ڏهر 1_2)“
اسان جا هاڻوڪا ريسرچر خبر ناهي ته ڀٽائيءَ تي ڪهڙي تحقيق ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪنڊيءَ جهڙي عام وڻ جي به کين ڪا پوري طرح پروڙ ڪانهي. بدر صاحب جون مٿي ڄاڻايل ٻه اهم ڳالهيون 1. ڪنڊيءَ جي وڻ جو سگهو ئي ختم ٿي وڃڻ ۽ ان جو نالو ڪتابن ۾ رهڻ 2. ڪنڊيءَ جي ڪاٺ جو فرنيچر لاءِ نهايت ئي ڪارائتو هجڻ ۽ وڏي پيماني تي اُنهيءَ ۾ استعمال ٿيڻ، پڙهي پاٺڪن کي يقيناً حيرت ٿيندي. جو سنڌ جي هر حصي ۾ ٿوري ڦير ڦار سان ڪنڊين جا وڻ موجود آهن. جابلو علائقي ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ البت ننڍي قد واريون ڪنڊيون عام آهن. ٿر ۾ اڳي کان به وڌيڪ آهن. بلڪه تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. سيمن کان سواءِ ٻنين ۾ خودرو پيدا ٿيندڙ ڪنڊين کي ماڻهن سنڀاليو آهي جو ڏڪارن سڪارن ۾ ڪنڊين جا پن، ٻوُر ۽ سڱر سندن مال جي جياپي جا ضامن هوندا آهن. بئراج ايريا کان ٿر ۾ لهڻ سان ٻنين ۾ ڪنڊين جو نظارو ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪي پوکيل باغ هجن، حالانڪه ڪٿي ڪي ظالم هي وڻ وڍي وڪڻندا به رهيا آهن، هوڏانهن ڪاٺ کي ڏسبو ته اهو به سخت ۽ گهڙائيءَ ۾  اڪثر سال نه اچڻ وارو، هن مان فرنيچر ٺهڻ وارو ته سوال ئي اجايو آهي، البت کوهن ۾ هيٺ چرغ/چرڪ لڳائڻ لاءِ ڪنڊيءَ جو ڪاٺ بلڪل ڪارائتو آهي جو پاڻيءَ ۾ رهڻ سان سڙي خراب ڪونه ٿو ٿئي ۽ ڪن سالن تائين سلامت رهي ٿو، ان کان سواءِ کوهه ۾ ورت وارڻ لاءِ ”ڀوڻ“ پڻ ڪنڊيءَ جي ڪاٺ مان ٺاهيا ويندا آهن. باقي غريب ماڻهو پنهنجن ڪکائن گهرن لاءِ ڪڏهن ڪو هي ڪاٺ استعمال به ڪن، ته اڪثر ان کي ڪڪوهي ۽ اڏوهي کايو ختم ڪريو ڇڏين. واضح ٿيو ته ڪنڊيءَ جو وڻ نه ته ختم ٿي رهيو آهي، نه وري ان جي ڪاٺ مان ڪو فرنيچر ئي ٺهندو آهي. مٿي ڏنل پهرئين بيت ۾ آخري سٽ جي درست پڙهڻي هن طرح آهي:
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذاريين.
يعني: (ڍوري ڌڻين جي وڃڻ کان پوءِ) تون هتي ڪهڙيءَ ريت ڏينهن ۽ راتيون گذاري رهيو آهين.
باب 1 ، ص 27 ،   ”لنب“:
بدر: لنب=“گاهه جو قسم آهي، برسات پوڻ کان پوءِ ڦٽندو آهي. هن جو ٻوٽو اٽڪل ڏيڍ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ٿڙ وارن جهڙو سنهڙو. پَن سنها چوٽين وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جو ميوو سنهڙو ٿيندو آهي. ٿري ماڻهو کائيندا آهن. پاڙ جَوَ جيتري ٿيندي اٿس. هٿ لائڻ سان ڇڄي پوندو آهي (28)
شاه  صاحب هن ٻوٽي جو ذڪر هن طرح آندو آهي.
منجها ”لنب“ لطيف چئي چائر ڪئو چاڙهين
(سر مارئي 7_4)“
فاضل ليکڪ هتي هڪ حوالو ”(سنڌ جا گاهه)شامنداس لکاڻي، ٽه ماهي مهراڻ 1947ع“ ڏنو آهي. اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي آڳاٽن عالمن توڙي پوءِ وارن محققن کي ذاتي طور ڄاڻ خاص ڪري ٿر جي حوالي سان خير ڪا هئي، ظاهر آهي انهن ٿر سان متعلق ڪن ٻين ماڻهن کان پڇي ئي لکيو هوندو. گمان آهي ته اهي ماڻهو کين ٺيڪ طرح سمجهائي نه سگهيا هوندا يا وري موصوف پاڻ ڪا ڳالهه صحيح طرح ته ڪا ابتڙ سمجهي ويهي رهيا هوندا سو ان موجب ئي لکي ڇڏيائون، بعد وارا همراه به اڪثر انهن جي پپوئيواري ڪندا پئي آيا آهن. جيئن مٿئين وضاحت مان ظاهر آهي. دراصل، لنب جو ٻوٽو ڏيڍ فوٽ ڊگهو نه، پر هڪ فوٽ جو يا ان کان به ننڍو هوندو آهي، هن جو ٿڙ سنهو وارن جهڙو نه، پر هن جا پن سنهڙا وارن جهڙا ٿيندا آهن. لنب جو ٻوٽو رڳو هٿ لائڻ سان نه ڇڄندو آهي. هن جي ٻج کي ميوو سڏڻ هرگز مناسب ناهي، اهو ٻج انتهائي سنهڙو، بنهه باريڪ سفيد رنگ جو ٿئي ٿو. سو ان کي ايتري مقدار م صاف ۽ گڏ ڪري سگهجي جو ماڻهو رڌي کائين. اهو نه اڳ ڪڏهن ممڪن هو نه اڄ آهي ۽ نه وري آئينده به ٿي سگهندو. پر سراسر چيو ويو آهي ته ٿري ماڻهو (اهو ٻج/ڏُٿ) کائيندا آهن. لطيف سائين پنهنجي شهر جي حسن، نزاڪت جي مدِنظر ردم ۽ رواني توڙي تجسيس حرفي کي اوليت ڏيڻ سان گڏ جهنگل جي ڏٿ پيدا ڪندڙ گاهن جي نسبت سان هيءُ خوبصورت سِٽ سرچي ڇڏي.
”منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪئو چاڙهين.“
ان طرح ٻيا به ڪيترائي بيت ۽ سٽون جهڙوڪ:
”چونڊيو آڻيو چاڙهيون سندا ڏؤنرن ڏار“
يا
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.
لطيف جو اهو ڪمال ته هر سطح ۽ سوچ جو ماڻهو سندس شعر کي سمجهي دلي سرور ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو.
(بقايا ايندڙ شماري ۾)