Monday 9 June 2014

ڀٽائيءَ جي ڪلام جو پس منظر

شاهه جي ڪلام کي ڪنهن به لفظي دائري ۾ ته قيد نٿو ڪري سگهجي پر پوءِ به سندس عظيم پيغام تي ڪجهه روشني وجهنداسين.
شاهه هڪ اعليٰ درجي جو صوفي بزرگ هو. سندس ڪلام جي هر هڪ لفظ مان وطن جي محبت ۽ سچائي پاررون ڪري پلٽي ٿي سندس وطن دوستي جو هڪ اعليٰ ۽ بي نطير دفتر آهي. جنهن جو مثال سندس پيغام جو مجموعي شاهه جو رسالو ۾  موجود آهي. شاهه اسان کي اهڙو پيارو آهي جهڙو ايرانين کي حافظ. ۽ ديوانِ حافظ اهڙوئي مقدس ڪتاب آ جهڙو شاهه جو رسالو آ.
شاهه سائين مقدس ڪتابن جا حوالا پڻ سندس شاعري ۾ ڏئي ويو آهي جنهن جو مثال سندس انهيءَ شعر ۾ آهي ته:
جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن.
شاهه سائين جيڪي به تشبيهون سندس ڪلام ۾ آنديون آهن اهي ديسي حالتن مطابق ئي آهن. مثال طور شاهه صاحب گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي ڪونر ۽ ڀونر جي پريم جي مهاتما ٿو ڳائي مطرب بجاءِ چارڻ کي شرف ڏنو اٿس.
شاهه پنهنجي ديس جي جوڳين کي به اتم بڻايو آهي ۽ جنهن عورت کي سماج جي اندر پوئتي ڌڪيو پيو وڃي پر شاهه سائين عورتن جي عظمت کي وڌائيندي عورت کي عاشق بڻائي سندن دلين جي ترجماني ڪئي آهي. شاهه سائين ساڻيهه جي سڪ ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندي مارئي جي حب الوطني ظاهر ڪئي آهي جنهن ۾ جادوئي تاثير آهي شاهه سائين ديس جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ سمجهي ٿو سندس سر مارئي ۾ ڏنل پيغام مان اهو واضح آهي ته شاهه وطن جي مٽي ۾ مرڻ کي ابدي حياتي ماڻڻ مڃيو آهي
ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
شاهه سائين سنڌ جي سينڌ جي سائي رکڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا اتي سڄي عالَم جي لاءِ پڻ دعا گهري آهي
سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه سائين هر انسان کي عزت سان زندگي گهارڻ جو درس ڏي ٿو ۽ غرور ۽ هٺ واري کي سڀ کان نيچ ڪيو اٿس.
پايو منهن مونن ۾ غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.
شاهه سائين اسان کي جستجو جي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته هر ڪم دليري سان ڪيو ڪڏهن  به پوئتي نه هٽو  نيٺ ڪاميابي توهان جا قدم چمندي
ڇپر ڪين ڏي سوکڙيون ستن کي
جنهن ۾ چيو اٿس ته سستائي ڇڏي جستجو ڪيو سُتن کي ڪجهه به ڪونه ملندو.
ويٺين ناهه وراڪو سُتين ڪونهي سنگ
پنهنجي حقن لاءِ وڙهو هي ساري دنيا جنگ جو ميدان آ جتي سڀ وهم وساري سورهيه وانگر سوڀ ماڻڻي آهي
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار امر ته متارو ٿئين.
۽ سچائي جو درس به ڏئي ٿو ته سچائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ کي به اهل سمجهي ٿو. مطلب ته شاهه سائين سراپا انقلاب رهيو آهي.
ٿر جي سادي زندگي ۽ فطري حسن کي جادوئي لفظن ۾ بيان ڪئي اٿس ٿري جنهن جو گذران هولاڙن ۽ گگرين تي آهي جن لاءِ پلر جي پالوٽ هڪ وڏي نعمت آهي ۽ اهي ڪهڙي نه ڪهڙي طريقي سان سارنگ جي واپسي تي خوشيون ڪن ٿا. سندن جهوپڙا جيڪي ڀٽن جي اوٽ ۾ هوندا آهن. تن بابت چئي ٿو
ڀٽن ڀر هوندا، پکا پنهوارن جا
ٿر جي اڃاري پکي ٻاٻيهي کي حقيقي عاشق جو درجو ٿو ڏئي
منجهان منهنجي روح جي وڃي ساجن وسري
مر لڳي لوُهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
ٿر جي مالدارن بابات چئي ٿو ته:
منهنجو تور تلن ۾ چيها ٿو چاري.
ٿر جو اڙانگو سفر ڪري ساهه سائين اسان کي انهن جي زندگي کان واقف ڪيو آهي جيئن سندن زندگي جي اپٽار ڪئي آهي، فرمائي ٿو:
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا ٻارڻ جنين ٻوهه
شاهه پنهنجي زندگي غريبي ۽ هڪ ڀٽ تي گهاري پر سندس خوشبو سندس پيغام سڄي دنيا کي اوسي ڇڏيو آهي ڇو ته سندس لفظن ۾ اهڙو ته جادو سمايل آهي جو هو هر دل ۾ لهي ٿو وڃي ڇو ته شآهه سائين هر شيءَ کي ڪونه ڪو روپ ڏئي نروار ڪيو آهي جيئن سُر ڪاموڏ ۾ شاهه ڪينجهر جو نظارو پيش ڪيو آهي انهي جي نظاري کي چنڊ کان به وڌيڪ تسليم ٿو ڪري ۽ ڪينجهر کي اتر جي هير ۾ هندوري مثل سمجهي ٿو
لڳي اتر واهه ڪينجهر هندورو ٿئي
شاهه سائين نقدرت جي ٻنهي پاسن کي چٽيا آهن ڀيانڪ به ته من موهيندڙ به آهي قاتل به آهي ته ٺار وجهندڙ به آهي قدرت ۾ ڪو به کيس همدردي جو احساس نٿو ڏسڻ ۾ اچي تڏهن جبل جاڙون ٿو ڪري چئي ٿو قدرت  جا عجيب نظارا آهن. ۽ ڪٿي واسينگ به وراڪن ۾ پيا ڦرن جيڪي سنها هوندي به خطرناڪ آهن جو هاٿي جهڙي کي به ڊاهيو ڇڏين
سنها ڀان ۾ سڀ ويا واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ هاٿي هندان نه چُري
۽ ڪٿي وڻن ۽ چيهن ۽ چٻن جا آشيانا آهن ته ڪٿي ٻاٻيهن جون ٻوليون آهن:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها
شاهه سائين پنهنجي سر سسئي آبري ۾ عاشق جي اڃ بابت چئي ٿو ته ان جي اڃ تڏهن لهندي جڏهن معشوق جي اڃ لهندي پوءِ پاڻهي اڃ اڃ سان مٽجي ويندي ويندي.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته محبت اهڙي شيءَ آهي جنهن جي سامهون ڪا به مصيبت نه ٿي بيهي سگهي. شاهه سائين مسلسل صوفي مزاج هو جنهن جو مثال سندس ڪيترائي اشارا صوفين ڏانهن آهن. جهڙوڪ ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل تجلي وغيره. شاهه صاحب سر مارئي جي پهرئين داستان ۾ صوفيت جي اپٽار ڪئي آهي:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين تت چيوم

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو