Monday 9 June 2014

ناليواري اديب عبدالواحد آريسر کان انٽرويو ( انٽرويو:الماس نهڙي)

سنڌ ڌرتيءَ جي سپوت ۽ سَن جي سپاهي طور سڃاتو ويندڙ انتهائي معتبر اديب ۽ دانشور عبدالواحد آريسر سان عمرڪوٽ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه حاضر آهي. جيتوڻيڪ اِهو کڻي چئجي تڏهن به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته عبدالواحد آريسر جسماني طور کڻي ڪيڏو به ڪمزور ٿي پيو آهي پر سائينءَ جي گفنگو واري انداز ۽ سنڌ سان عشق واري معاملي تي بلڪل جوان لڳو پيو آهي. هي اهائي 24 جنوري 2014 جي شام هئي جڏهن مون ۽ سندم سوٽ غلام حسين نهڙيو  کي سائين عبدالواحد آريسر جي انٽرويو وٺڻ جو شرف حاصل ٿيو. سائين جي ملڻ جو انداز تمام بهترين لڳو. ڪمن ڪارن ۾  مصروف هئڻ باوجود سائين جن ٻه ٻول ڪيسُوٻاء لاءِ ڳالهايا. اسان سائين جن جا شڪرگذار آهيون. سائين جي بيحد انڪار کان پوءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي.
سوال: سائين توهان جو مڪمل تعارف؟
جواب: آئون ٿر جو ماڻهو آهيان، بلڪه ايئن راجستاني آهيان ۽ هن وقت بئراجي ايريا ۾ رهون پيا. منهنجو جنم 1949ع ۾ ٿر جي ڳوٺ انڙآباد ۾ ٿيو. اپريل 1958ع ۾ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ پنج درجا پاس ڪرڻ بعد غربت سبب انگريزي تعليم حاصل ڪري نه سگهيس ۽ ڳوٺ جي مدرسي ۾ داخلا وٺي فارسي جي تعليم ورتي ۽ عربي، قرآن شريف جو ترجمو ۽ حديث ڀينڊي شريف ۽ حيدرآباد جي مدرسن ۾ پڙهيم. ۽ قرآن شريف جو تفسير رحيم يار خان ۾ مولانا عبدالغني وٽ پڙهيم. ايئن ئي منهنجي ٻالڪپڻ جي عمر ختم ٿيڻ لڳي ۽ مون جوڀن ۾ پير پاتو.
 سوال: آريسر صاحب توهان کي ادب ۽ سياست ۾ ڪيترو فرق لڳي ٿو. وڌيڪ سياست پسند اٿؤ يا ادب؟
جواب: ماڻهوءَ کي حالتون مجبور ڪنديون آهن ته ڪو رستو اختيار ڪجي منهنجو پهرين ته لاڙو ادب ڏانهن هو، ۽ منهنجو پهريون مذهبي مضمون “ربيع الاوال جو چنڊ” 1967ع ۾ شايع ٿيو هو. ۽ پوءِ مون “ماهوار بادل حيدرآباد” ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيو.اهڙي ريت ٻين ڪيترن ئي رسالن توڙي اخبارن ۾ مضمون لکندو رهيس. ۽ 1972ع ۾ منهنجو پنهنجو “پيغام” رسالو مارڪيٽ ۾ آيو. 10 مهينا هلڻ کان پوءِ رسالي جي اشاعت تي پابندي به لڳي ۽ مون تي گرفتاري وارنٽ به نڪتا. ۽ 1976ع ۾ مون کي گرفتار ڪيو ويو. ۽ ذوالفقار ڀٽو صاحب جي زوال کان پوءِ ضياءَ الحق جي حڪم تي اسان کي آزاد ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب اسان کي آزاد ڪرائڻ جا واعدا ضرور ڪندو هو پر مون جواب ۾ چيو هو ته اسان جي آزادي تنهنجي هٿ ۾ ناهي ڇو ته تون هاڻي فوجي سپاهي جي سنگين تي ويٺل آهين تنهن ڪري پاڻ به غير محفوظ آهين. جواب ۾ هن چيو ته “تون ٻار آهين نه ٿو سمجهين” مون چيو ته اهو وقت ٻڌائيندو ۽ تاريخ ٻڌائيندي ته آئون ٻار آهيان يا توهان؟؟ ۽ ان کان پوءِ اهو وقت جلد آيو ۽ ڀٽو صاحب گرفتار ٿيو ۽ اسين آزاد ٿياسين. آزادي کان پوءِ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويس ۽ شاديءَ کانپوءِ 1978ع ۾ ضياءَ جي دور ۾ مونکي 10 ڦٽڪن ۽ 60 هزار جُرماني سميت هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو،جُرمانو نه ڏيڻ سبب مونکي ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو اُتان آزاديءَ بعد نواز شريف جي دور ۾ ٽيون ڀيرو گرفتار ڪري مون کي آرمي جي ٽارچر سيل ۾ 5 مهينا 22 ڏينهن رکيو ويو ۽ وري مون کي آگسٽ 1991ع ۾ گرفتار ڪري چمبڙ ٿاڻي تي رکيو ويو. بهرحال ايئن ئي مسلسل گرفتاري ۽ آزادي جو سلسلو هلندو رهيو. ۽ اڃان تائين هلندو اچي پيو. تنهن ڪري حالتن اسان کي ادبي ميدان مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جو لاڙو ادب ڏانهن وڌيڪ هو پر تاريخ جي جبر اسان کي ڇڪي سياست جنهن ۾ آندو. جنهن لاءِ ڀٽائي چواڻي ته:
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين جُتي جات نه پائيان.
ته اها حالت رهي آهي هاڻي ته سياست شوق ٿي وئي آهي بلڪه سياست هڪ مزيدار شيءَ آهي. اڳي هٿڪڙين جو آواز خوفناڪ لڳندو هو هاڻي ڪنهن ناچڻيءَ جي پير جي جهانجهر ٿي لڳي. ان ڪري اهي مصيبتون تڪليفون سانڍي اڄ سياست جي پُرخمار واديءَ ۾ آهيون.
سوال: توهان جي جيل جو ڪُل عرصو ڪيترو هوندو؟
جواب: منهنجي گرفتارين وارو عرصو آئون نه ٿو ٻڌائي سگهان ڇو ته ڪانگريسي ليڊر پنهنجي سوانح عمرين ۾ پنهنجي گرفتاري جو عرصو تڏهن لکيو جڏهن کين پڪ ٿي ته هاڻ اهي جيل نه ويندا. ۽ ان کان پوءِ هو جيل ۾ نه ويا. اسان کي اهو يقين ڪونهي ان ڪري عرصو نٿو ٻڌائي سگهان.
سوال؛ ادب جو حقيقي وارث ڪير آهي؟
جواب: ادب خزانو آهي ان خزاني جو مالڪ حقيقت ۾ سرزمين آهي. شاعر، اديب ۽ دانشور ادب کي کوٽي نروار ڪري ماڻهن جي ذهن ۾ نقش ڪن ٿا. ۽ ان خزاني جي مالڪ قوم ٿئي ٿي. جنهن قوم پنهنجي ادب کي ڪوسي ڪک وانگر ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو اها قوم زنده رهندي  مري ڪونه ويندي.
سوال: اسانجي اديبن جي معيار کي بين الاقوامي ادب سان ڀيٽ ڏجي ته اسان جو حال انهن جي ڀيٽ ۾ ڪيئن آ؟
جواب: منهنجي خيال ۾ بين الاقوامي ادب اڄ ڪلهه سنڌي ادب کان پوئتي آهي. ڇو ته بين الاقوامي ادب جي ماءُ سڏجندڙ يورپ ۾ شاعري تمام گهٽ ٿئي ٿي. ۽ ڪهاڻيون به گهٽ لکيون وڃن ٿيون. ۽ فلمون ۽ ناول وڌيڪ لکجن ٿا. يورپ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تخليقي پورهيو تمام وڌيڪ ٿئي ٿو. اهو سنڌي اديبن جو ڪمال چئبو. مثال طور مرزا قليچ بيگ کان وٺي محمد ابراهيم جويو تائين اسان جي اديبن سنڌي ادبي کيتر کي مالامال ڪيو آهي بلڪه ايئن کڻي چئجي ته سرهاڻ سان واسي ڇڏيو آهي.
سوال: برصغير جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ سنڌي اديبن جو ڇا حال آ؟ اگر برِصغير جي شاعرن کي نمبر شمار ڏجي ته سنڌي اديب ڪهڙي پوزيشن تي هوندا؟
جواب: آئون سمجهان ٿو ته برِ صغير ۾ بنگال ۽ تامل سنڌي ادب کان پهرين آهن، ۽ بنگال پهرئين نمبر تي آهي. جنهن ۾ برِ صغير جو وڏي ۾ وڏو شاعر “رابندر ناٿ ٽئگور” اتي جو قومي شاعر آهي. اسان وٽ شاعري جي هڪڙي ڪهڪشان آهي. اسان وٽ شاعريءَ جي انڊلٺ ڦٽي پئي آهي.اها قليچ بيگ کان وٺي اياز تائين ، اياز کان وٺي حليم باغي تائين. اسان جي شاعري ٻهڳڻيءَ وانگر ٻهڪندڙ ۽ ستارن وانگر چمڪندڙ آهي.
سوال: سنڌ جي تاريخ تي هن وقت تائين ڪيترو ڪم ٿيو آهي؟
جواب: سنڌ جي تاريخ تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. سنڌي تاريخ جيڪا لکي وئي آهي اها صحيح نه آهي بلڪه مثنون ۽ هٿرادو لکي وئي آهي. اسان وٽ ڪجهه ڪجهه ليکڪ مثال طور حسام الدين راشدي، رحيمداد مولائي شيدائي يا رائيچند هريجن انهن حقيقي تاريخ لکي آهي باقي خوش آمدي تاريخ لکي وئي آهي.
سوال:  سنڌي ٻوليءَ کي قوميءَ ٻوليءَ جو درجو ڇو نه ملي سگهيو آهي؟ ان ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟
جواب: ان ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ قومي غلامي آهي.
سوال: ٿر جي تاريخ تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي لوڪ ڪردارن کي نروار ڪرڻ جي ڪيتري ضرورت آهي؟
جواب: سنڌ جي باقي علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي تاريخ تي وڏو ڪم ٿيو آهي. جنهن ۾ تاريخِ ريگستان، پراڻو پارڪر يا اَمرڪوٽ جو اتهاس جهڙا املهه ڪتاب ٿر جي تاريخ تي لکيا ويا آهن. ڏاڍا شاندار ۽ ڪارائتا ڪتاب آهن.
سوال: رائچند هريجن لوڪ ادب تي ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟
جواب: لوڪ ادب تي ته گهٽ ڪم ڪيو اٿس باقي سماجيات بلڪه ٿر جي جاگرافي تي ڪم ڪيو اٿس. اياز لکيو آهي ته “آئون جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئس ان وقت تاريخِ ريگستان پڙهان ها ته آئون ان کي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ڏيان ها، پر مون ان وقت هي ڪتاب نه پڙهيو هو.”
سوال: تاريخ هيرا ٺاهيندي آهي يا هيرا تاريخ ٺاهيندا آهن؟
جواب: هيرا تاريخ جا پر آهن ۽ تاريخ انهن پرن تي اڏامندي آهي. ڪيئي ڪهڪشائون رنگ برنگي پوپٽ انهن ٽارين تي رقص ڪندا آهن. ان ڪري ته هيرا تاريخ جو بنياد آهن. تاريخ انهن پرن تي رقص ڪري ٿي.
سوال: توهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن؟
جواب: تقريبن پنجٽيهه (35)
سوال: موجوده دور ۾ سرجندڙ شاعريءَ مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
جواب: آئون تمام گهڻو مطمئن آهيان. جيئن مٺي ۾ سائينداد ساند آهي، بلبل کورواهي، آڪاش انصاري تاج جويو، حليم باغي، حاجي ساند، اياز گل آهي. اسان جي سنڌ شاعري جي افق تي بيٺل آهي. ان کي هيٺ نه ٿو لاهي سگهجي.
سوال: ادب ۾ تصوف کي مکيه وسيلي طور ڪتب آڻڻ جي ڪيتري ضرورت آهي؟
جواب: آئون سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ تصوف تي عاليشان ادبي ڪتاب آغا سليم جو آهي،“همه اوست” جيڪو شاهه عنايت شهيد جي شهادت تي لکيو ويو آهي. هن وقت تصوف کي ادب ۾ آڻڻ جي اهم ضرورت آهي ڇو ته مذهبي انتهاپسندي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ڇڏينديون آهن. تصوف ئي آهي جو اسان کي ڪنهن منزل تي پهچائي سگهي ٿو.
سوال: زندگي جدوجهد جو نالو آهي؟ جدوجهد سان انسان پنهنجي منزل کي رسي ٿو. اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪل حالتن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي. اوهان پنهنجي هٿن ڏکن ڏاکڙن واري پنڌ ۾ هلندي ڪٿي ٿڪاوٽ ته محسوس نه ڪئي؟
جواب: نه مون ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي، ڇو ته جنهن شيءَ سان عشق ٿي ويندو آهي ته اُها پياري لڳندي آهي. عشق ۾ ٿڪاوٽ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ روز بروز اڳتي وک وڌائبي آهي جيئن محبوب سان ويجهڙائي ٿي سگهي اهڙي ريت سنڌ سان مون کي عشق ٿي پيو آهي ۽ تنهن ڪري “محبوب” سنڌ جي مٽي به مقدس لڳندي آهي ۽ زندگيءَ ۾ ته ڪئي پيڙهائون آيون ۽ ڀوڳناائون ڀوڳيون آهن. پر منهنجي پيرن اهڙي سفر ۾ ڪٿي ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي ۽ سنڌ جي مٽيءَ تان جان به قربان ٿي وڃي ته بهتر آهي.
سوال: سنڌ جي قوم پرست سياست کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: ڪنهن وقت ۾ سنڌ جي قوم پرست سياست جو نالو وٺڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير ڏيڻ برابر آهي ۽ قوم پرست ڌريون لالچ ۾ اچي ويون آهن. تنهن ڪري سنڌي قوم توڙي سنڌ کي سائين جي ايم سيد جي ضرورت آهي ۽ ان جي ڪتابن جي ضرورت آهي.
سوال: ملڪ ۾ دهشتگردي جو راڪاس رقص ڪري مائرن جون جهوليون اجاڙي رهيو آهي. ونين جا سهاڳ ڇني رهيو آهي. جيتوڻيڪ ايئن کڻي چئجي ته ملڪ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي. توهان ڇا ٿا چئو؟
جواب: اِهو ڪم حڪومت ڪرائي رهي آهي ڇو ته ملڪ ٺهيو ئي مذهب جي نالي تي آهي. ان ڪري اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون جي ايم سيد 1952ع ۾ چيو هو ته يورپي ملڪ مذهبن کي هٿي وٺرائي رهيا آهن. اِها ئي انتهاپسندي سڀاڻي دجال بڻجي ويندي.
سوال: ٿر ۾ موجوده دور ۾ ڪافي ذهين ۽ ادب ذوق ماڻهو رهن ٿا. پر اُهي اڃان تائين گمنام آهن. ايئن ته ناهي. ادبي سنگت جون سرگرميون غيرفعال آهن. تنهنڪري سنڌي ادب جو خزانو ٿر جي ڀٽن ۾ دفن ٿيل آهي، انهن جي باري ۾ ڇا ٿا چئو؟
جواب: ٿر جا اديب غير معروف نه آهن مثال طور عبدالقادر جوڻيجي جهڙو ته اردو ۽ پنجابيءَ ۾ ليکڪ ناهي. ان کان سواءِ سائينداد ساند آهي، رائيچند هريجن آهي منگهارام اوجها آهي، نفيس احمد ناشاد آهي اهڙا ٻيا ڪافي نالا آهن جيڪي غيرمعروف نه آهن يا اسان جو دوست ماٺيڻو اوٺو هوندو هو جنهن “روح ريلا، هاءِ اڪيلا” جهڙي خوبصورت شاعري ڪئي آهي. جيڪا قيامت تائين زنده رهندي.
سوال: سياست ۽ ادب کان هٽي ڪري توهان جي ذاتي زندگيءَ تي به روشني وجهو؟
جواب: ذاتي زندگي چئجي ته مختصر زندگيءَ جو هڪ تجربو آهي. جنهن ۾ مصيبتون به آهن. مشڪلاتون به آهن. ڏک ڏولاو ا به آهن. بک ۽ بيروزگاري به آهي. پنڌ آهن ٻيو گهڻو ڪجهه آهي پر ان سان گڏ سنڌ سان پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي ماڻهن سان بي پناهه محبت ۽ عشق به آهي.اهڙي ڪا خراب زندگي ناهي گذري بلڪه اتساهيندڙ زندگي گذري آهي ان ڪري زندگيءَ مان ڪا به شڪايت نه آهي. زندگي ڪهڙي به هجي ڪيتري به هجي پر سڀ کان پياري شيءَ آهي.
توڻي هجي لولهو لنگڙو، مئي ولي کان ڪتو چڱو.
يعني مري ويندڙ کان گگ ڳاريندڙ جيئرو ڪتو به چڱو آهي. زندگي شفاف ۽ شاندار چشمي وانگر آهي ۽ زندگي ڪڏهن ڪڏهن گجگوڙ گهٽائون آهي زندگي ڪڏهن ڪڏهن لوهه جي ڪوڪن وانگر آهي. جيڪي مسيح کي مٿي ۾ هنيا ويا. زندگي ڪڏهن ڪڏهن موسيٰ جو پسيل طور سينا جو جلوو آهي. زندگي ڪڏهن ڪڏهن شاهه جي شاعري وانگر ٿي لڳي، ته ڪڏهن ڪڏهن وري صادق فقير جو آلاپ بڻجي پوندي  آهي. اياز چيو هو ”جڏهن صادق مون کي ڳايو هو تڏهن مون سمجهيو ته صرف ٿري ئي آهي جيڪي مون کي ڳائي سگهن ٿا. زندگي مختلف رنگن مختلف رنگن رووپن جو نالو آهي. ڪنهن هڪ شيءَ جو نالو ناهي“.
سوال: وڏن ماڻهن تي شبابن جا الزام لڳندا رهندا آهن اُهي ڪيتري حد تائين سچا آهن؟
جواب: (کلندي) اياز  چيو آهي ته ڪتاب، شباب، شراب ۾ مون کي انتخاب لاءِ چيو وڃي ته مان ڪتاب پسند ڪندس،. شباب ۽ شراب کي رکيو وڃي ته آئون شباب کي پسند ڪندس، آخر ۾ شراب کي. شباب ته ڪنهن خوش نصيب کي ئي نصيب ٿيندو آهي. شباب ڪجهه گهڙين لاءِ هوندو آهي، شباب سدائين جوان نه هوندو آهي، شباب ڪجهه مرحلا ڪجهه ڏينهن ڪجهه مهينا هلي سگهي ٿو وڌيڪ نه.
سوال: ڪڏهن عشق ڪيو؟
جواب: عشق آهي جيڪو ماڻهو کي هلائي ٿو جيڪڏهن عشق نه هجي ته ماڻهو ڪيئن ٿو هلي سگهي. عشق، پيار محبت کان سواءِ ماڻهو ڪيئن ٿو هلي سگهي. عشق، پيار، محبت کان سواءِ زندگي بي معنيٰ بڻجي ويندي آهي. تڏهن ته سائينداد ساند چيو آهي:
پيار ماڻهو کي ماڻهو بڻايو ڇڏي،
پيار ڪاڻي کي راڻو بڻايو ڇڏي،
پيار جهڙو ڪو ناهي دنيا ۾ علم،
پيار جاهل کي ڄاڻو بڻايو ڇڏي.
سوال: آخر ۾ ڪيسوٻاء پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب:  جکرا جيئين شال، اوهان جي ڪنين مدي مُور نه سڻان. منهنجو اهو ئي پيغام آ جيئو ۽ جاڙون ڪيو

1 comment:

  1. Interesting website, i read it but i still have a few questions. shoot me an email and we will talk more because i may have an interesting idea for you . Pakistan English news
    Sindhi News

    ReplyDelete