Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (گلزاري لال شاد)

نظم
گلزاري لعل شاد
ڪلهه ڪارونجهر جي ڪور وٽان،
ڪو چنگ چُريو ۽ ڪو هانءُ ٺريو،
هو جهُومي پيو آ سرتيءَ تي،
موچاري پياري ڌرتيءَ تي،
هيءُ وڙڪيو هَرڻ تڳوسر تي،
۽ مور لٿو آ ڪوثر تي،
ڪا لاٽ ٻري آ ڏونگر مان،
هن روپي جي ڪارونجهر مان،
هو شاد کٿيرو آيو آ،

اڄ لعل ملهاري ڳايو آ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو