Monday, 9 June 2014

محبت (شان علي جوڻيجو)

هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي، هڪ پاسي آسمان ۾ سج ۽ چنڊ چمڪن ٿا، ته ٻئي پاسي آسمان ۾ تارا ٽمڪن ٿا. ڪئي وڏا وڏا سمنڊ ڇوليون هڻي رهيا آهن ته ڪٿي ڪٿي خشڪي نمودار آهي ته ڪٿي ڪٿي وري جبلن جون چوٽيون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ته ڪٿي وري انهن جبلن مان درياهه ڇوليون هڻندا وهي نڪرن ٿا. ته ڪٿي مختلف قسمن جا خوبصورت محلات ماڙيون اڏيل آهن. ڪٿي وري رڳو ميدان ئي ميدان آهن. ڪٿي نظر ڦيرائجي ته هزارين ڳوٺ ۽ شهر نظر ايندا آهن. جتي مختلف قسم جي مخلوق آباد آهي. مطلب ته دنيا ۾ خوبصورتي هر جاءِ تي نظر ايندي آهي جنهن کي ڏسي دل ۾ خيال پيدا ٿيندو آهي ته جڏهن هيءَ دنيا ايڏي خوبصورت آهي ته پوءِ ان جي ٺاهڻ وارو ڪيترو نه خوبصورت هوندو؟؟هي دنيا ڇو ايتري خوبصورت آهي. ۽ انسان ڇو پاڻ ان پاسي ڇڪجي وڃي ٿو....! ڪائنات ۾موجود سڀني شين جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. انسان ۾ محبت جو جذبو موجود آهي. ۽ انهيءَ محبت جي جذبي جي ڪري ئي هي دنيا قائم آهي. انسان انهي خالق جو هن دنيا ۾ خليفو آهي. تنهن ڪري پنهنجي خالق جي صفت ان ۾ موجود آهي. الله تعاليٰ پاڻ محبت آهي ۽ سندس بڻايل دنيا ۽ انسان پڻ محبت آهن. انسان محبت جو ڪامل ٿي محبت ڀري دنيا ۾ محبت جي طرف ڇڪجي وڃي ٿو. محبوب سچ ئي رهي هجي هجي ٿو. هن دنيا کي جيڪڏهن محبت کان ڌار ڪجي ته نه هيءَ دنيا قائم رهي سگهندي، نه ئي وري دنيا وارا زندهه رهي سگهندا. هي سڄو ڪائنات جو ڪارخانو محبت سبب هلندو رهي ٿو.مطلب ته دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي شيءَ کان وٺي وڏي شيء تائين سڀ ڪجهه محبت آهي. جتي محبت آهي. اتي زندگي آهي. محبت جي نڪري وڃڻ کان پوءِ وجود فنا ٿي وڃي ٿو. سرون ۽ گارو محبت ڪن ته محلات قائم ٿي سگهي ٿي.پر ڪلفت ڪن ته محلات نه ٺهي سگهندي آهي.! ڌاڳا تندون محبت ڪن ته ڪپڙو تيار ٿي سگهي ٿو پر ڪلفت ڪن ته ڪپڙي جو وجود ناس ٿيو وڃي، تنهن ڪري محبت فطري آهي، جيڪا شيء فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي اهائي شيء قائم رهي سگهي ٿي، جيڪا شيء فطرت کان بي پرواهه رهي ٿي. ان جي هستي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي.
انسان الله تعاليٰ جو خليفو آهي. جهڙي طرح هڪ گورنر پنهنجي عهدي تي تيستائين قائم رهي ٿو. جيستائين  پنهنجي شهنشاهه جي آئين کي برقرار رکندو آهي ۽ ان تي عمل ڪندو آهي. اهڙي ريت انسان پروردگار عالم جو گورنر مقرر ٿي هن دنيا ۾ آيو آهي. هن کي دنيا جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي آهي. ته پوءِ هن جي بزرگي ۽ برتري فقط تڏهن قائم رهي سگهندي جڏهن پنهنجي خالق جي قانون کي قائم رکيو ويندو. ان قانون جو نقطو محبت آهي. انهيءَ محبت جي ڪري ئي دنيا جون سڀ شيون انسان جي حوالي ڪيون ويون آهن، هاڻي اهو انسان تي ئي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجي زندگي ڪيئن ٿو گذاري. جيستائين هو محبت جي قانون کي هلائي ٿو تيستائين هو زندهه رهڻو آهي. انسان اهڙو  ته خارج العقل آهي جو فطرت جي قانون ڄاڻڻ جي باوجود غافل رهي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان کيس بهتر موٽ نه ملي سگهندي آهي.
انسان انهي ڳالهه جو خواهشمند آهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ کيس خبر به آهي ته سڪون محبت جي ذريعي حاصل ٿي سگهندو آهي. تنهن هوندي به هي، اهو انسان محبت جي سمنڊ ۾ پٿر اڇلائي پريشان ڪندڙ لهرون پيدا ڪري ٿو. نه رڳو ايترو پر پاڻ ٻي مخلوق کي به مصيبت ۾ مبتلا ڪري ٿو.
هن دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿي گذريون آهن، يا ٿي رهيون آهن يا ٿي گذريون آهن. اهي سڀ انهيءَ غلطي جو نتيجو آهن. انسان اهڙو ته آهي جو انهن بدنتيجن جي تلخيءَ جو ذائقو چکڻ کان پوءِ اها ڳالهه وساري ٿو ڇڏي ۽ کين خبر ئي نه پئجي سگهندي آهي، ته سڪون ئي وڏي ۾ وڏي شيءَ آهي، جنهن کان سواءِ سڀ راحتون بيڪار آهن، سڪون کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه ڪونهي. محبت جو درجو تامم بلند آهي، ان سان مقابلي ۾ دنيا جي ڪنهن به شيءَ جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. دنيا جون سڀ شيون محبت جي سهاري، هيٺ تڳن ٿيون. سڀني جي محبت پشت پناهه آهي. انهيءَ محبت جي ڪري ئي زمين آسمان قائم آهن. محبت سان لاڳاپيل آهن. محبت بي بها جوهر آهي محبت پاڪ جذبو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي دل ۾ موجود هوندو آهي. محبت پاڪيزگي آهي. محبت نفس جو تقدس ڪندي آهي. دنيا ۾ موجود سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم آهي. محبت ازلي بشارت آهي، ۽ ان جي هر شيء ابدي آهي. محبت جي راهه چئجي ٿو. محبت روح جي خواهش آهي. هن سڄي دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ٻڌل آهي. هر ماڻهو محبت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو گهري، محبت روشن صبح آهي، جنهن جي شام ڪڏهن به ناهي ٿيڻي، محبت آب حيات آهي، اها بوند آهي، جيڪا جذبن کي اڃان وڌيڪ زندهه ڪري ٿي. محبت سڀني شين کان پاڪ ۽ برڪت واري آهي، محبت اها شيء آهي جيڪا دل ۾ تازگي پيدا ڪري ٿي، محبت مرض نه آهي، پر روحاني محبت جو ثبوت آهي.ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو اهڙي پاڪ شيء کان به غافل رهي ٿو. اها بلڪل حقيقت آهي ته محبت جو چشمو وري انسان غافل رهي ٿو. اها بلڪل حقيقت آهي ته محبت جو چشمو وري به انسان جي اندر ئي موجود هوندو آهي.انهي چشمي تائين پهچڻ لاءِ نه ڪنهن محنت جي ضرورت آهي، ۽ نه وري ڪنهن تخليق ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي، ضرورت فقط هن جي ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا روح جي اندر موجود آهي. ان کي روشن رکجي، اها ڳالهه توجهه طلب آهي ته محبت يا عشق جا ٻه قسم هجن ٿا. هڪ مجازي ٻيو حقيقي. مجازي عشق دنيا وارن جو دنيا وارن سان عشق آهي.جڏهن ته حقيقي عشق خدا تعاليٰ جي طالبن جو عشق خدا سان آهي.ڪجهه ماڻهو مجازي عشق کي خواب سمجهند آهن. ڪجهه وري انهيءَ کي حقيقي عشق جي پهرين منزل چوندا آهن. عشق مجازيءَ کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهي ٻئي عشق خراب تڏهن ثآبت ٿيندا آهن. جڏهن انهن ۾ مطلب موجود هوندو آهي. بنا ڪنهن مفاد ۽ مطلب جي اهي ٻئي عشق چڱا آهن. درحقيقت سچي محبت اها آهي جيڪا صرف محبت خاطر ڪئي وڃي ٿي. سچي محبت اها نه آهي جيڪا ڪنهن روح پرور سان يا ڪنهن خوبصورت نگاهن سان ڪئي وڃي ٿي. محبت خود محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي.اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي معنيٰ ۾ محبت ٿي سگهي ٿي. محبت جي اندر آرزوئن جو جزو اصل نه هئڻ گهرجي، هڪڙو سنگدل انسان محبت نه ٿو ڪري سگهي. محبت بلند ترين انساني صفت آهي. پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ان مان جان نثاري ۽ نفس جي قرباني مقصود هجي، ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻي بيڪار شيء دنيا ۾ هرگز نٿي ٿي سگهي. اهوئي سچي عشق ۽ ڪوڙي عشق ۾ فرق آهي.سچي عشق جي ڪا به خواهش ناهي هوندي، جيڪا محبت خواهشن تي ٻڌل آهي، اها موهه آهي، محبت ناهي. والدين، زال، ٻارن، ٻچن، دوستن مال ۽ دولت جي محبت خواهش کان هرگز خالي ناهي.
انسان لاءِ محبت فطري جذبو آهي ، هر شخص محبت ضرور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو، دولت سان پيار ڪن ٿا، ڪي اولاد سان پيار ڪن ٿا، ڪي مذهب سان، ڪي وري عوام سان پيار ڪن ٿا. ڪي وطن سان پيار ڪن ٿا. فقط ڪي ٿوريون چند هستيون آهن، جيڪي سڄي ڪائنات سان محبت رکن ٿيون، سچ ته محبت جي حقيقت کي فقط انهن ئي صحيح سڃاتو آهي.

Junejo.shanali@yahoo.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو