زندگي جيڪا بقول گرُو رجنيش جي لفظن ۾ ”هڪ ناچ هڪ نغمو آهي.“ زندگي جيڪا هڪ فطرتي
حسين سفر آهي. جڏهن ته نغمو ۽ ناچ به قدرتي سخن هئڻ سان گڏ انساني زندگي جو هڪ
حساس حصو آهن. نغمي ۽ ناچ سان زيادتي ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن گل ٿيڻ جي آس رکندڙ
ڪنهن ڪلي کي ٽوڙڻ ۽ ان جي احساسن کي مروٽڻ برابر آهي. ڪليون باغن ۾ ئي سونهينديون
آهن. جڏهن ته انسان ۽ ان جي زندگي خوشين ۾ ئي سونهي ٿي اسان جي زندگي جو حال هن
وقت وڻن مان ڇڻيل پنن جهڙو ئي آهي. جن پنن تي پيلاڻ مائل چڙهيل زندگي رنگ جيڪو
انهن پنن جي حسناڪي تي ڪنهن روڳ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي، انهن جون سموريون خواهشون ئي
ڪو هٿ جو کيل ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪل اسان جي زندگي به اهڙي ئي ڪنهن روڳ ۾ روڳيل
آهي. جنهن ۾ هر اها مشڪل ڏونگر ڏورڻ ڏکيو آهي. جنهن جي هنج يا ڪک ۾ ڪي سوکڙيون
هجن، قحطه گاهه صحت گاهه تائين ڪشالو ڪٽڻ به مشڪل آهي يا فاڪه ڪشي جي ڦنڌن ۾ ڦاٿل
زندگي ڪنهن به ڇولي کي سهڻ جي سهپ يا سگهه ناهي رکندي ۽ هي حال ڏسي انهي مايوسي جي
عالم ۾ شاهه صاحب جو هي باتاديب بيت نصيحت سان گڏ ڏوراپو ڏيندي هينئي تي هُري
ايندو آهي.
جي ڪو ڏُٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇپر ڪيئن نه ڏئي، سوکڙيون ستن کي.
(شاهه)
نتيجي
۾ غفلت کي پنهنجي من تان لاهڻ جي ڪوشش ڪبي پر وري به ڪو اڻ سهو بار هلر ۾ پيل سنڱن
جهڙو حال ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ زندگي نه ئي ڪنهن ناچ جهڙي رهندي آهي يا نه ئي وري
نغمي جهڙي رهندي آهي. خزان جهڙي سوچ رکندڙ اسان جا سرواڻ زندگي ۽ ان ۾ موجود خواهشن
کي ائين ڇاڻي ڇڏيندا آهن، جيئن پن ڇڻ جي رت وڻ ڇاڻي کوکلا ڪري ڇڏيندي آهي. نتيجي
۾انهن حالن کان پوءِ سرد سياري جو سرد هوائون ۽ ڏکي وقت جون ٿڌيون ڪوسيون سواءِ رب
پاڪ جي اجهي به سهڻ مشڪل هونديون آهن، جنهن جي عڪاسي شاهه صاحب جي هن بيت ۾ نظر
اچي ٿي.
ولهون،
ويلا، واو، جوڳين جهليا جان،
اجهو
رءِ الله، ڪونهين ڪاپڙين جو،
زندگي
سهپ ۽ صبر کان سواءِ. سوداگرن جي ور چڙهي
ويندي آهي پوءِ جيڏانهن جيترو وڌيڪ ملهه ملندو اوڏانهن ئي ان زندگي جو منهن هوندو
هنن حالن ۾ حياء جارو جاني لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن ۽ هٿن تي مهندي رنگ ڪرڻ ڇڏي
ڏيندي آهي يا ڇڙواڳ اپسرائن تي موهجڻ پنهجي معنيٰ وڃائي ڇڏيندو آهي يا هيمون ۽ ڀڳت
سنگهه جو سوري تي چڙهڻ وقت ظاهر ٿيندڙ صبر پنهنجي اصليت وڃائي وهندو آهي يا معافي
نامي ته لکيل لفظ منڪر تي پنهنجن هٿ اکرن جي لکاوت منصور الحلاج جي نظرئي جي پيروي
ڪندي آخر ۾ گُمراهي جي حوالي ٿي وڃائجي ويندي آهي، ايئن ڪرڻ ته برابر آسان هوندو
آهي پر ايئن ڪري پوءِ ضمير سلامت رکي جيئڻ ڏاڍو مشڪل يا ڪٺن هوندو آهي پوءِ ڀل
دنيا ان زندگي کي يا ماڻهو کي ڦٽڪار جي نظر سان نه به ڏسي پر ان زندگي جو پنهنجو
ذاتي ضمير ئي سک سان جيئڻ ناهي ڏيندو جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ئي اها زندگي جيئندڙ
ماڻهو پنهنجي ئي ڪئي تي پريشان هوندو آهي، جنهن جو حال به شاهه صاحب جي انهي سٽ ۾
نظر اچي ٿو.
ٻيائي
کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.
(شاهه
صاحب)
زندگي
جي هن سفر ۾ ننڍڙيون ڳالهيون ۽ ننڍن ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ به هڪ وڏي ۾ وڏي غلطي
آهي، ڇو ته اهي ننڍڙا به هڪ ڏينهن وڌي وڻ ٿي سگهن ٿا ۽ ننڍڙيون ڳالهيون به ڳالهين
مان ڪو ڳالهڙو ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري سوچ ۾ سرت هجڻ گهرجي ڇو ته نانگ جي ننڍڙن ۽
سنهن ٻچن جو ڌڪ به هاٿي جهڙي هاٺي رکندڙ کي يا هاٿي پاڻ کي به انهي هنڌ تان چرڻ
ناهي ڏيندو جنهن هنڌ تي اهو ننڍڙو ٻچو ڌڪ هڻندو آهي جنهن لاءِ نصيحت به شاهه صاحب
جي انهي بيت ۾ نظر اچي ٿي.
سنها ڀانءِ م سَپ، ويا واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.
(شاهه
صاحب)
زندگي
جيڪا شاعرن جي نظر ۾ هڪ ئي وقت حسين به آهي ته فراقن ۾ ڦٽيل به آهي. ڏک ۽ ڏولاوا
ته هونئين به زندگي جو سخن آهن، ڏکن بنا زندگي جو حسن پنهنجو اصلي روپ ۽ رنگ وڃائي
ويهي رهندو آهي ۽ ڇسي زندگي ۾ موجود چوسائي فطرتي حسن کان الڳ ٿي ويندي آهي ۽ فطرت
کان الڳ زندگي ڪو به درد سمجهي ۽ روحاني رمزون محسوس ڪري ناهي سگهندي ۽ انهن جا
راز دل کي راحت ڏيڻ کان اڳ ئي ڪنهن الميي ۾ الجهي الاپجڻ جي هوراکورا ۾ الوپ ٿي
ويندا آهن. وطن ۽ وچن زندگي جي مٿي هيٺ وهاڻي وارو ڪم ڏئي ميرا ٿي ويندا آهن،
خوشيون من ۾ ئي مرجهائجي وينديون ۽ ڪليون گل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي باغن مان ٽٽي
يونيورسٽي ويندڙ ڇيڳري ۽ ڇڙواڳ ڇوڪريءَ جي وارن جي چوٽي ۾ لڳي آرٽس فيڪلٽي جي گيٽ
اڳيان ان ڇڙواڳ ڇوڪري کي پويان ٿيندڙ سڏ تي پوئتي مڙي نهار هڻڻ وقت اهي ان ڇيڳري
جي وارن جي چوٽي ۾ لڳل ڪليون پيرن ۾ ڪري مروٽجي وينديون ۽ ان ڇڙواڳ ڇوڪريءَ کي
انهن ڪلين جي پيرن ۾ ڪرڻ جي ڪا به خبر نه پوندي آهي ۽ انهن ڪلين کي پيرن ۾ ڪچلجندو
ڏسي پريان سامهون بيٺل ان ڇڙواڳ جو ستايل عاشق ان ڇوڪري کي ڪلال جي مڌ جو درجو ڏئي
انهن ڪلين کي سِر سمجهي شاهه صاحب جي انهي بيت کي اصل مقصد کان هٽائي انهي منظر تي
انهن ڪلين سان آٿت واري لهجي سان درس ڏيندي مخاطب ٿي ائين چوندو:
سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻان منهن مَ موڙ، وٽي تي وڌ لهي.
(شاهه)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو