Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (فدا جوڻيجو)

غزل
فدا جوڻيجو
توبن هر آس اڌوري رهجي وئي،
صحرا زندگي سموري رهجي وئي،
رلندو رهيس راهن ۾ پڇندو رهيس هوائن کان،
نه ٿي ملاقات هتي ضروري رهجي وئي،
جرمِ وفا قبولي مجرم بڻيس،
سزاءِ قيد ملي سوري رهجي وئي،
هئي حسرت حياتي ڀر هن جو  ئي هجان،
هو انڪاري اميد اڻپوري رهجي وئي،
خاڪ بڻجڻ گلن ۾ اڏامڻ چاهيو مون،
عشقِ آرام پيو پڇي نوري رهجي وئي،
درد دلبر دل ۾ دفن ڪيو اي “فدا”

مسيحه مرهم ۽ دوا کان دوري رهجي وئي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو