Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (محبوب ساگر نهڙيو)

غزل
محبوب ساگر نهڙيو
سڄڻ کان سار اويري ٿي،
اکين ۾ ماڪ سويري ٿي،
مَٽي ويو وقت ورڻ جو،
واعدن ۾ ڪا ڦيري ٿي،
ڳلن تي گس ڳوڙهن جا،
اکين جي سونهن ميري ٿي،
سجايل خواب اجهامي ويا،
اندر جي آس انڌيري ٿي،
ٻري ته به تڙپائي ٿي ڪيڏو،

هن جي ياد وڏيري ٿي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو