Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (ناز ٿري)

غزل
ناز ٿري
ٻُڌو تو تنهنجي وارن جي مٺا مونکي مُهارن ۾،
ڪيو قابو اٿئي مون کي اکين جي تو اشارن ۾،
ڏٺو جو تو گهمي پوئتي کڻي دل ويا کسي مون کان،
الائي ڪهڙو جادو هو تنهنجي نازڪ نهارن ۾،
هليو وئين تون کڻي هينئڙو  هٿن مان اوچتو مون کان،
خبر ناهي ڪڏهن ايندين اسان اڃا انتظارن ۾
چوان ٿو چنڊ کي آئون منهنجو محبوب اهڙو  آ،
حسين جهڙو قطب تارو لڳي ٿو تنهنجي تارن ۾،
لڳايو نينهن نازڪ “ناز” توسان آ قسم تنهنجو،

اکين کي انتظاري آرهن ٿيون تنهنجي راهن ۾.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو