Monday, 9 June 2014

پٿر جي پتلن جون ڪهاڻيون (ننگر چنا) ـ قربان جتوئي جي ڪتاب اڏار تي تبصرو

سنڌي ڪهاڻي اڄ به حال سارو سفر ۾ آهي ۽ اُها اڄ به جتن ڪري رهي آهي ته نه رڳو ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي پڻي جي لڄ رکي پر پنهنجي ماڻهوءَ جي مَن ورتيءَ کان وٺي  ان جي هڏ وررتيءَ جو ڪونه ڪو چِٽُ، ڪونه ڪو عڪس ظاهر ڪري سگهي. اڄوڪي سنڌ ۾ جتي تمام گهڻا شاعر آهن، اتي ڪهاڻيڪارن جو به سٺو انگ موجود آهي. هڪڙا ڪهاڻيڪار ته اهي جن کان اسان سنڌ جي معتبر رسالن (جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن)جي ذريعي واقف آهيون ۽ انهن جا فن پارا مطالعي جو حصو ٿيندا رهن ٿا، ته ٻيا اهي ڪهاڻيڪار آهن جن جي ميڙي چونڊي اوچتو ڪتاب جي شڪل وٺي اڳيان اچي وڃي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ جو هي نالو جنهن کي قربان جتوئي ٿا، سو به ايئن ئي اوچتو منهنجي اڳيان آيو آهي. منهنجي دوست، سياسي هم سفر احمد انقلابيءَ هٿان مليل هيءَ سوکڙي “اڏار” نالي مجموعي ۾ موجود ويهن ڪهاڻين مان يارهن ته مون ضرور پڙهيون آهن.
انساني زندگيءَ جيڪا لکن هزارن ورهين کان پاڻ هڪ عظيم ڪهاڻي آهي ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي جيترا به انسان موجود رهيا هئا يا آهن، اوتريون ئي ڪهاڻيون به آهن، اڃان به وڌيڪ ڇو ته هڪڙي انساني زندگيءَ جي ڪشادي ڪينواس تي حادثن، واقعن، اڌمن، احساسن، جذبن، محبتن ۽ نفرتن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پکڙيل آهن. انساني جيون جي بُڻَ ۾ ڪم ايندڙ مسالي-اٽي لٽي، اجهي کان وٺي جنس تائين جا مامرا هَر دؤر جي ڪهاڻي جو مرڪزي موضوع رهيا آهن ۽ ايئن ئي اسان جي ڪهاڻي به دنيا جهان جي ڪهاڻين کان نرالي ناهي به، ته آهي به. اُها پيچيدا، ڳتيل انساني جذبن ۽ مامرن ڀري ڪهاڻي کا بيان ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا ڍنگ ۽ ڏانءَ آهن. جيون جي سخت ترين مامرن کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ لاءِ به هنر ۽ ڏانءُ گهرجي ٿو.
سائين قربان جتوئي جي ڪهاڻي به زندگيءَ جي مامرن، محبتن ۽ نفرتن کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش آهي،منهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪهاڻيون سنڌ جي ٻن جهانن يا ٻن زندگين جي نمائئندگي ڪن ٿيون، هڪ شهري زندگي ۽ ٻي ٻهراڙي جي زندگي.
سندس مجموعي جي پهرين ڪهاڻي “اڏار” فردي پيڙا جي نمائندگي ڪرڻ جو جتن آهي. زندگي جيڪا هڪ پاسي دائرن ۾ قيد ٿيل آهي، انساني فطرت جي اهڙن پاسن تي دانهن آهي، جيڪي پهرين نظر ۾ صدين کان هڪجهڙا ڀاسن ٿا. انساني جيون ۾ جنگيون، نفرتون، پابنديون ۽ لکين سالن کان اهائي بي پهچ ۽ مختصر زندگي ۽ ڪُتي جيان ڪجهه دائرن ۾ هيراڪ بڻجي ويل زندگي. پر اهو فرد جيڪو شعور جي وهڪ ۾، مايوسيءَ جي ڪُنَ ۾ آيل آهي سو اُڏار جي اختيار جو ادراڪ ٿيندي، مرڪي پوي ٿو.اهڙي طرح قربان جتوئي هڪ سُٺي ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
“يوٽرن” سياسي ويچارن تي ٻڌل ڪهاڻي، جنهن جو مرڪزي خيال “عدم تشدد” جو فلسفو آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جي نظرياتي جهيڙي جي نمائندگي ڪندڙ. پر اها ڄڻ ته هڪ مونولاگ آهي. ڪهاڻيءَ جي اندر وڌيڪ سگهه تڏهن پيدا ٿئي ها جڏهن ان ۾ ٻيو ڪردار به اوترائي طاقتور دليل “تشدد” جي حق ۾ ڏئي ها. بهرحال هيءَ ڪهاڻي به اسان جي سماج جي سياسي جُهد جو کليل اظهار آهي.
“اڌوري ارپنا” سنڌين ۾ هندو جاتيءَ جي شادين واري مامري تي لکيل ڪهاڻي آهي. هندن جو قديم رواج آهي ته پنهنجي نُک ۾ وهانءَ نه ڪبو.ساوتري ۽ سندس سؤٽ جي محبت جي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي ۾ اهم مذهبن جي مکيه عقيدن، ڪردارن ۽ واقعن تي بحث مباحثا. هندو مت تي ڪيل ٽپڪاٽپڻي ڪهاڻيڪار جي وسيع علميت کي ظاهر ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ هندو ٽرمنالاجيءَ جو استعمال ڪهاڻيڪار جي گهري مُشاهدي ۽ مطالعي کي بيان ڪري ٿو. هند ۾ سرجندڙ سنڌي ڪهاڻيءَ جو موضوع اهڙو هجڻ فطري آهي پر سنڌ ۾ ايئن هندوجاتيءَ تي لکڻ لاءِ مهارت گهرجي، جيڪا ڪهاڻيڪار وٽ نظر اچي ٿي.
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي انساني طبيعت جو اظهار، ڪاوڙ ، ڪروڌ ۽ ذهني اٿل پٿل جو ڪئٿراسس وڃي ڪام واسنا جي تعميل تي ٿئي ٿي ۽ ايئن هڪ فرد پاڻ کان طاقتور ريتن، رسمن ۽ ان جي قانون کان بدلو وٺي وري به سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو.
“اسان جا مسيحا” نالي ڪهاڻي علي بابا جي ڪهاڻي، “نوان پيغامبر” جو وڌاءُ آهي. حاڪمن، ظالمن، قابضن پاران پيش ڪيل تاريخ جو اهو درسي، روايتي، قبول پيل رخ اڳيان آڻي ٿي، جنهن سان اسان جا ابا ڏاڏا ڀيِت پيل، هريل آهن ۽ اڄ به اهي اسان کي ۽ اسان جي نئين نسل کي ائين ئي ڏيهي، وطني ماڻهن، املهه ڪردارن جي گلا غيبت تي ٻڌل گپوڙن ڀريل تاريخ جي نالي تي بدديانتي منتقل ڪندا رهن ٿا. هيءَ ڪهاڻي اهڙن روين، ڪردارن تي، قصن ۽ ڪوششن تي ڀرپور طنز آهي ۽ ڪوڙي تاريخ جي لاک لاهڻ ۾ سڦل وئي آهي.
“ماهر نه ٿي مئا” جي نورڪهان جي ۽ “سرت” جي سرت جي پڄاڻي هڪجهڙي آهي ۽ اها هيءَ ته ٻئي پنهنجون محبتون نه ماڻي سگهيون. ۽ مرداڻي سماج جي اڏيءَ تي پنهنجي خواهشن جي ٻَلي چاڙهي، قربان ٿي، هن سماج جي چلهه جو ٻارڻ بڻجي ويون.
نورجهان جي ڪهاڻي جو عنوان ڏاڍو خوبصورت ۽ معنٰي ڀريو آهي ۽ ڪهاڻيڪار جي نيڪ نيتي جو مظهر آهي ته ڪاش اسان جون سرتون، ڀاڳڀريون ۽ ملوڪائون هڪ ته مرن نه، پر جي مرن ته پوءِ ماهر ٿي مرن.
“پٿر جي پتلي” هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪم نه رڳو انساني سماج جي اکيڙ نکيڙ آهي نه رڳو ان جا مامرا مسئلا بيان ڪرڻ آهي پر ساڳي وقت  اها ڪهاڻي انساني نفسيات جي ڳجهن، ورن وڪڙن، پيچيدگين جا مامرا به سلجهائيندي آئي آهي. عورت جي نفسيات به اهڙو ئي چيِستانُ آهي، جهڙو جهنگ مرد جي نفسيات آهي، پر مرد گهڻِ ڀاڱي عورت جي رنگ روُپ ، رويي ۽ ڪردار، سوچ ۽ لوچَ کي سمجهڻ ۾ ڪيئي ڪتاب ڪارا ڪري ڇڏيا آهن.
مرد جي جنسي اڇل هٿان عورت سدائين پروس ٿيندي رهي آهي ۽ انهيءَ هوندي به سڄڻ جي سورٺ پروس نه ٿي ٿئي ۽ سڄڻ جي سورٺ جي چاهڻ جي باوجود سڄي ڪهاڻي ۾ انجام جيڪو “اڌوري ارپنا” جهڙو هجڻ گهرجي ها، تهڙو نه ٿو ٿئي ۽ سورٺ ڀڙڪو کائي، ۽ ڪپڙا لاهي کيس اهو چئي ته
“آءُ ڏس.... ڍءُ ڪري ڏس.....”
“پر ورندءِ ٻيو ڪي ڪين.....” هوءَ ڪپڙا پائي ٻاهر نڪري وئي.
ڪهاڻِي اتي ئي پوري ٿي ۽ حيران ڪري وئي ته سورٺ جي سڄي وٺ پڪڙ. سڄن کي چاهڻ، پائڻ، تڙپڻ، ڦٿڪڻ، پيار جا سڀ مرحلا پار ڪرڻ باوجود اتي اچي ڇا ٿيو؟ ڪو به سبب ناهي؟ ڪوبه جواب ناهي. هڪ حيراني آهي ۽ ايئن ئي هي ڪهاڻي انساني نفسيات جو فنڪاراڻو اظهار آهي.
قربان جتوئيءَ جون ڪهاڻيون جيڪي مان پڙهي سگهو آهيان، سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جيون جي نمائندگي ڪن ٿيون. ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ جتي ٻهراڙيءَ جي سادي، اصلوڪي، نج نبار سنڌي آهي، اتي شهرن جي اڙدو گاڏر ٻولي به آهي. ڪهاڻين جا موضوع به به ايئن ئي ڪٿي اجتماعي زندگيءَ جا سياسي، سماجي، اقتصادي مامرا آهن ته ساڳئي وقت فردي سوچون خيال ۽ پيڙائون آهن.
سنڌي سماج جا خيال، وهم ۽ وسوسا، روايتون، ريتون ۽ رسمون، بديون ۽ برايون، پريت ۽ پيار، چڱائي ۽ لڱائيءَ جو اظهار به ٿيل آهي ته قومي ۽ طبقاتي نمائندگي ڪندڙ ڪردار به آهن.
ڊگها بحث، سادا ويچار، نصيحتون، رودن، انقلابي ۽ سادا سياسي تجزيا به آهن ته مايوسيءَ جي ٻوڏار ۾ آيل ماڻهوءَ جا اٺ سَٺا، سوچون، ڀڻڪا ۽ واڪا به آهن.

هن ڊگهيءَ پٽاڙ ۾ غلطيون منهنجيون ۽ خوبيون قربان جتوئيءَ جون آهن. اسان جي ڳتيل ۽ پيچيدا، مامرن جي ڄاڱري ٻير ۾ وچڙي پيل زندگيءَ تي لکيل هنن ساادين ڪهاڻين تي قربان جتوئيءَ کي واڌايون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو