Monday, 9 June 2014

دل جو ڳوٺ (انور ساند)

هي بنهه وڏو ڳوٺ آهي.جتي يادن جا ٻارڙا هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ سڄو سڄو ڏينهن چلهر ڪوڏي، بلورن ۽ اِٽي ڏڪر جهڙيون رانديون رَهندا آهن.
انهن يادن تي ڪا جهل پل ڪونهي.
رانديون رهي رهي جڏهن ٿڪجي ساڻا ٿي ڪري پوندا آهن.
تڏهن دل جو ڳوٺ جيجل امڙ جيان ڪويل جي ڪُوڪ جهڙيون مٺيون لوليون ڏئي تصور جي پينگهي ۾ سمهاري ڇڏيندو آهي.
هن ڳوٺ ۾ عڪس جا وڏا وڻ آهن. جتي پکي ٽولا ڪري ولرن جي شڪل ۾ ايندا آهن. اياز جي نظمن، مرشد لطيف جي بيتن ۽ عمر خيام جي رباين جهڙيون ٻوليون ٻوليندا آهن.جڏهن هن ڳوٺ تي ڪو طوفان ايندو آهي تڏهن اهي پکي ڀڙڪو کائي اڏامڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پر وقت جو طوُفان انهن پکين مان گهڻا پکي ته ماري ڇڏيندو آهي. ۽ ڪو هڪڙو پکي رهندو آهي اهو هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ روئندو روئندو نيٺ هڪڙي ڏينهن ماٺ صحرا ۾ سمهي رهندو آهي...!!
ان ڳوٺ جي تصور ۾ ئي هي ڳوٺ سمهي رهندو آهي ۽ ان ننڊ جي نينهن مان نڪري ناهي سگهندو..!!
ملهاري جا جڏهن هن ڳوٺ ۾ تان لڳندا آهن، تڏهن هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ محبت جا مور نينهن جو ناچ ڪندا آهن. ۽ هن ڳوٺ جُون سموريون گهٽيون پرين جي اکين جيان جرڪي پونديون آهن، هن ڳوٺ ۾ ڪنهن ڪنهن ساعت يادن جا ٻارڙا کيٽا ڪندا آهن. ۽ رسي ويندا آهن ڪجهه لمحن جي لاءِ، تڏهن هي ڳوٺ اولاد کي ڏنل ڪنهن ماٽيجي ماءُ جي پاراتي جهڙو لڳندو آهي ۽ جڏهن پانهان وري ايندا آهن تڏهن هي ڳوٺ ڪنهن ڪوڏائي جهڙو لڳندو آهي.
 هن ڳوٺ جي گهٽين  ۾ جتي پوپٽ جي پرن جهڙيون سانجهيون ۽ سومهڻيون ٽڪنديون آهن، ته وري هن ڳوٺ جي پڌر تي وڇوڙن، ڏکن جون پيڙائون به وڇايل هونديون آهن، انهن پٿراڻين تي جيڪو ورهيه کان ماٺڪو پکي هوندو آهي اهو وري ڪجهه وقت لاءِ ٻوليندو آهي. ٻوليندي ٻوليندي امر جليل جي ڪهاڻي پڙلاءُ جو ساجن بابُو وارو ڪردار ٿي پردي پويان روئندو آهي. ۽ مينهن وساڙن جهڙيون ڪونئريون تمنائون ان پکيءَ کي ماٺ ڪرائينديون آهن هن ڳوٺ جي بلڪل هنج ۾ هڪڙي دردن جي ندي وهي ٿي.
جڏهن يادن جا ٻارڙا، محبت جا پکي، تمنائن جا مور نديءَ جي ڪناري تي ويهي ڳالهيون ڪندا آهن تڏهن دردن جي نديءَ جون مسافريون به بيهي رهنديون آهن
جڏهن هن دل جي ڳوٺ تي وڇوڙن جا طوفان ايندا آهن. تڏهن هي ڊهي ويران ٿي موهن جي دڙي جهڙو لڳندو آهي.اُهو طوفان حسين تصور ۽ عڪس کي به ڪجهه عرصي جي لاءِ ماري ڇڏيندو آهي دردن جي ندي به سُڪي ويندي آهي. جيڪا ڪنهن ميلي ۾ وڃايل ٻار جيان پار پئي ڪڍندي آهي.
هيکلائي کي ڳوٺ جي پٽ پيل گهٽين ۾ ڪوبه ماٺ ڪرائڻ وارو ناهي هوندو پر وري ڪجهه وقت کان پوءِ ڪچڙي ٻُور جهڙيون خواهشون، تمنائون، آزاديءَ جهڙا خواب هن ڳوٺ جي ٻني ۾ ڄمندا آهن ۽ وري هي ڳوٺ ڪنهن وينگس جي آرس جهڙو ٿي ويندو آهي.
تمنائون ۽ محبتون يادن جي ٻارڙي کي سڪيلڌي اولاد جيان سڄو سڄو ڏينهن سنڌ جهڙا گيت ٻُڌائي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ڪڇن تي کڻي رمائينديون آهن.
هن ڳوٺ جي پتي جي مون کي خبر ڪانهي.
هن ڳوٺ جي گهٽي ۾ يا ڪنهن موڙ تي ڪوبه پوسٽ وارو دٻو ناهي ٽنگيل هن ڳوٺ کي جي ڏسڻو آهي ته پوءِ پهرين اکين جي ڍنڍ ۾ ٻڏڻو پوندو.
تنهن کان پوءِ ئي دل جي ڳوٺ کي ڏسي سگهجي ٿو.
ڏکاري ٻار جي کل جهڙو
تصور ڳوٺ تنهنجي جو
(اشرف پلي)                                                                                      

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو