ادب اها
شيءَ آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن ٻوليءَ جو
اسان صحيح طريقي سان اظهار ڪري سگهون ٿا. جيڪو اسان پنهنجي سماج جي مختلف
پهلوئن بابت هوندو آهي. ادب جي سولي
سادگيءَ ۾ا سان اها به معنيٰ وٺي سگهون ٿا ته زبان وسيلي پنهنجي زندگيءَ بابت
اظهار ڪرڻ به ادب آهي. جنهنجي ذريعي اسان ڪائنات کي ويجهو ٿيون ٿا. ۽ انهي جي فطرت
کي پڌرو ڪيون ٿا. سماج جون جيڪي به ريتون، رسمون، رهڻيون آهن انهيءَ تي به ادب جو
تمام گهرو اثر پئي ٿو. ادب صرف لفظن کي سهڻو روپ ڏيڻ ۽ انهي ۾ لفظن جو وڌاءُ نٿو ڪري پر اديب جيڪو ڪجهه تخليق
ڪري ٿو اهو زندگي جو اڀرندڙ هڪ نئون سج هوندو آهي. ادب سماجي حالتن پٽاندر ئي
نشونما ڪندو آهي. ادب اها شيءَ آهي جيڪا زندگي ۾ ناڪام ٿيڻ بعد زندگي گهارڻ ڏانهن
ڇڪي ٿو وڃي جنهن جي سڄي عڪاسي ادن ئي ڪندو آهي يعني ادب معاشري جو سموري شين جو
عڪس چٽي ٿو.
پر
انهيءَ لاءِ اهو لازمي آهي ته اديب ڪيترو مشاهدو ٿو ڪري. اها چوڻي به آهي ته اديب
جو ذاتي مشاهدو ئي سٺي ادب جي شروعات آهي. ڇو ته اهو اديب جي وس ۾ آهي ته هو بي
معنيٰ لفظن کي ڪيئن معنيٰ دار ٿو بڻائي ۽ انهن کي ڪهڙي طريقي سان پنهنجي فن ذريعي
جوڙجڪ ۾ بيهاري ٿو.
انگريزي
ادب جي تاريخ ۾ مشهور ليکڪ هڊس ادب بابت
راءِ ڏئي ٿو ته ادب اسان کي زندگيءَ جي اهري تجربي کان واقف ڪري ٿوجيڪو عام رواجي
زندگيءَ کان وسيع قيمتي هجي ٿو.ادب اسان جي زندگي جا نوان پٽ کوجي ٿو. ادب اهو
ڪجهه ڪري ٿو جنهن جي اسان سوچ ئي نٿا رکون ۽ ڪري نٿا سگهون ۽ نه ئي وري سمجهي ٿا
سگهون.
دنيا
جي تاريخ به انهي ڳالهه جي شاهد آهي ته ادبي ذبان جو اثر تيز تلوار کان به وڌيڪ
هوندو آهي دنيا جون سموريون رياستون ادب کي اهڙي تلوار سمجهنديون آهن جنهن سان هر
دشمن تي فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهو نڪور سچ آهي ته قلم تلوار کان تيز ٿئي ٿو.
دنيا ۾ جتي به انقلاب برپا ٿيا آهن اتي ادب ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيو آهي جنهن
جي ڪري ئي ڪا به زبان ادب جي خاني کان خالي نه آهي.
عبدالواحد
آريسر صاحب هڪ هنڌ ادب جي اهميت بابت لکيو آهي ته “قلم حاڪم جي هٿ ۾ خنجر، جج جي
هٿ ۾ انڌي لٺ ۽ اديب جي هٿ ۾ روشني جو ڏيئو ۽ انقلاب جو جهنڊو آهي.” انهي جي حفاظت
ايئن ڪ رڻ گهرجي جيئن مارئيءَ پنهنجي عظمت جي ڪئي هئي.
اهو
ته شايد سڀني کي خبر هجي ته جڏهن انگريزي ادب جو ماهر مصور تاريخدان سرونسٽن
چرچل جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ وقت انگلينڊ جو
وزيراعظم جنهن ڏکئي وقت ۾ قيادت ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي ڪاميابي ڏياري، اهو جڏهن
هندستاني فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽينٽ طور متعين هو تڏهن سندس امڙ ادبي ڪتاب موڪليندي هئي
جنهن جو هي اڀياس ڪندو هو. انهي ۾ هن گبن جو مشهور ڪتاب “رُوم جي سلطنت جو زوال ۽
شڪست” کي باربار ورجائي انهي جو غور سان مطالعو ڪندو رهيو انهي ڪتاب جي مطالعي هن جي
زندگي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ پنهنجا ارادا اٽل رکيا. ۽
ڪوشش ڪندي نيٺ انگلينڊ جو وزيراعظم ٿيو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ سرپرستي ڪندي جرمني کي
شڪست ڏنائين.انهي بهادري ۽ شڪست ڏيڻ، جمهوريت کي بچائڻ ۾ گبن نالي انگريزي اديب جو
سئٽزرلينڊ جي ڍنڍ ليمان جي ڪناري تي ويهي لکيل ڪتاب “روم جي سلطنت جو زوال ۽ شڪست”
جو وڏو هٿ هو.توهان اندازو لڳايو ته ڇا جنگ ۽ ڇا ادب؟؟؟
اديب
جي تخليق ڪيل لفظ ۽ ڪتابي مجموعن ايترا ته ڪارائتا ۽ طاقتور آهن جو اهي دنيا جي
قسمت بدلائي سگهن ٿا پر انهي جو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ذهن سان هنڊائڻ
گهرجي. توهان ڏٺو هوندو ته ڪئي حڪومتون ڪنهن اديب جي تخليق تان ڊڄي ۽ هراسجي
وينديون آهن ۽ جاهلانه سوچ رکندي ان تي پابنديون لڳائينديون آهن.ڇو ته ادب اهڙي
نشي آور شيء آهي جيڪا ڪنهن به طاقتور شيء کي ڊاهڻ لاءِ آسان اوزار آهي. اهو ئي سبب
آهي جو ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون حڪومتون به انهن ڪتابن ۽ اديبن جي تخليق ڪري ڊهي
پونديون آهن.
سنها
ڀان ۾ سڀ ويا واسينگن جا.
اهي
ڪتاب آهن ۽ ادب ئي آهي جنهن سان نوان نظريا تخليق ٿين ٿا. جنهن جو مثال ڪتاب “داس
ڪيپيٽل” ۽ هڪ ننڍڙو ڪتابچو “منشور” هئا جنهن دنيا ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جو پايو وڌو.
اهو ڪو اثر گهٽ نه آهي ڇو ته اڄ تائين ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن جو نظريو هنن ڪتابن
ذريعي ئي ٺهيل آهي. علم جو ڪو ٻيو شعبو
اندروني ڪيفيت کي جاڳائي نٿو سگهي. پر اهو ادب ۽ اديب تي آهن جيڪي اسان کي نئين سوچ ۽ سمجهه ڏين ٿا جنهن جو مثال توهان
شاهه لطيف جي بيتن مان به وٺي سگهو ٿا. جو اڄبه سنڌ جا اڪثر شاعر اديب يا ليکڪ
پنهنجي ڪتابن ليکڪن مجموعن جا نالا ۽ لطيف جي لفظن مان ڳوليا آهن ۽ اڄ به مختلف
تحريڪن جا ڪارڪن لطيف جي بيتن مان رهنمائي حاصل ڪن ٿا.
ادب
پنهنجي دؤر جي مزاج ۽ سندس روح جو اظهار آهي اديب اسان کي سوچ جي شانيت ۽ باوقار
وادي طرف وٺي وڃن ٿا. اديب شاعر قلمڪار ئي آهن جيڪي ڪنهن به قوم کي مستقبل جو
پيغام پهچائن ٿا.پر اها ڳالهه هر باشعور ماڻهو کان لڪيل نه آهي. هن جو قدر صرف هن
دنيا مان موڪلائڻ کان پوءِ ئي اڪثر ڪري ڪيو ويندو آهي.هتي صرف گهڻي ملڪيت واري عزت
۽ احترام ملندو اهي ڪيٽس تمام غربت ۾ وقت گذاري به تمام سٺا نظم تخليق ڪيا پر غربت
هن جي عظيم تخليق ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي.
شاعري
۽ ثقافت مشڪل سان ڪنهن غريب جي جهوپڙي ۾ واسو ڪنديون آهن ۽ انهن کي بکئي پيٽ ۾
جڳهه ڪو نه ملي سگهندي. انهي ڪري رڳو طاقتور ۽ پئسي وارا اديب ۽ شاعر ترقي ڪري
سگهن ٿا.۽ اهي اوسر پڻ سندس ئي سرندي واري ماحول جي ڪندا.
باقي
جيڪڏهن غريب ڪا ادبي تخليق ڪندو ته ظاهر آهي ته اها سندس ماحول واري هوندي جنهن ۾
هو پنهنجا درد سور اوريندو يا وڏين طاقتن کان بغاوت ڪندو جنهن جي ڪري هو پوئتي
ڌڪجي ويندو آهي ڇو ته سچائي کي نروار ڪندو ۽ حقيقي عڪس کي چٽيندو آهي. تڏهن ئي هن
کان اڳتي وڌڻ نٿو ڏنو وڃي پر سچائي ڪڏهن به لڪي نه سگهندي آهي جنهن کي طاقتور ڌرين
ڌڪڻ جي ڪوشش اخر ۾ نيٺ هنن جي تخليق ڪٿان نه ڪٿان ظاهر ٿيندي ۽ انهن جي تخليق تي
دنيا پنهنجي راهه چونڊيندي ۽ سندن خواب ساڀيان ٿيندو. ۽ پوءِ هر اديب جي من اندر
مان اِهو ئي آواز آلاپ ڪري اٿندو ته:
مون
ڏات انوکي آندي آ،
ٿي
تند وڙهي تلوارن سان،
ٿو
ٽڪرايان پنهنجا گيت ،
جڏهن
سندءِ ديوارن سان،
ٿا
تنهنجا ڀاري برج لڏن،
تون
هيڻو آن هٿيارن سان،
تون هيڻو آن هٿيارن سان
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو