Monday 9 June 2014

دوستي ۽ علم (عاشق چارو)

دوست زندگيءَ جو سڀ کان حسين تحفو هوندا آهن. دوستن سواءِ زندگي ايئن آهي جيئن کنڊ سواءِ چانهه. دوست جو مطلب آهي ٻه سَت يعني ٻه طاقتون. دوست زندگي هوندا آهن. دوستن سوا زندگي بي مقصد بي معنيٰ لڳندي آهي. علم به هڪ بي بها دولت آهي. ڪنهن چيو آهي ته “اگر ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان کان علم جي دولت کسي وٺو قوم ازخود تباهه ٿي ويندي” علم لاءِ حديث مبارڪ ۾ آهي ته “علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي” ٻئي هنڌ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته “علم حاصل ڪريو پينگهي کان وٺي قبر تائين.”

دوستن جي لاءِ حضرت علي فرمايو ته“جيڪو دوست ٿوري ڳالهه تان رسي وڃي، اهو ڪڏهن ندوست هوئي ڪونه. جيڪو اهڙو دوست تلاش ڪري ٿو جنهن ۾ ڪا به خامي نه هجي ان کي ڪڏهن به ڪو دوست ناهي ملندو” هڪ ٻئي هنڌ تي پاڻ فرمائين ٿا ته “دنيا ان کي يتيم سمجهي ٿي جنهن  جا ماءُ پيءُ نه هجن پر منهنجي نظر ۾ يتيم اهو آهي جنهن جا دوست نه هجن” ۽ اها حقيقت آ ته دوست نه هئڻ انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آ. چوندا آهن ته روزانو هزار مطلبي دوست ٺاهڻ کان سٺو آهي ته هزار سالن  مهڪ ئي دوست ٺاهيو جيڪو توهان ۾ ڪو به مطلب نه رکي. دوستيءَ ۾ لالچ يا دوست جي خامين تي ان کان نفرت انسان کي انسانيت کان پري ڌڪي ٿيون ڇڏين. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جي ورقن کي ورايون ٿا ته منهنجي زندگيءَ م سڀ کان اهم ٻه شيون رهيون. سندم گهرو دوست عرفان ۽ منهنجي تعليم. عرفان جيڪو ننڍپڻ کان منهنجو دوست رهيو اٺين ڪلاس پاس ڪرڻ بعد مون کان ڏور ته ٿي ويو پر هميشه دل جي ڌڙڪن سان گڏ هن جي ياد به دل ۾ ڌڙڪندي آ. اسان جي دوستيءَ تي مون کي فخر به آ ته خوشي به. منهنجي زندگيءَ جي ٻي سڀ کان اهم شيءَ تعليم رهي. مشڪلاتن باوجود مون سٺي تعليم پرائي آهي. مگر سفارش ڪلچر ۽ پنهنجا نواز پاليسي سبب نوڪريءَ کان محروم آهيون. هڪ فلم جو ڊائلاگ آهي ته “ڪاميابي لاءِ نه پر قابليت لاءِ پڙهو”. هونئن تعليم جو مقصد ڪو وڏيون نوڪريون حاصل ڪرڻ ناهي. مگر دنيا جي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. انهن هيرن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. جيڪو اسان کي وڏڙن ورثي طور ڏنا آهن. سائنس جي ڪاميابي پڻ قابليت جي بنياد تي ٿي. تقريبن ڪو به وڏو سائنسدان ڪلاس ۾ هوشيار ڪونه هو. بلڪه ڪيترائي سائنسدان ڪلاس م فيل ٿيندا هئا. مگر انهن جو ڪم اڄ به اَمر آهي. دوستي ۽ علم ٻه اهڙا املهه هيرا آهن. جن کان اگر توهان محروم رهيا ته ايئن سمجهو ته توهان جو هن دنيا ۾ اچڻ اجايو آ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو