سنڌ! تاريخ ۾ تهذيب ۽ تعليم جو مرڪز رهي آهي. سنڌ جي ان
سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ پراون سان گڏ پنهنجن به مخصوص مفادن جي لالچ ۾ وسان ڪونه
گھٽايو آهي. ليڪن ڪجهه عرصي کان سڻائو واءُ وريو آهي ۽ سنڌ جي وستي وستي واهڻ ۾
ثقافت ۽ تعليم جي اهميت جو احساس اڀري رهيو آهي. سوچ کي وڌائڻ لاءِ علم ۽ ادب جي
واڌاري لاءِ 2003ع کان قائم ڪيل اداري المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ جي تعليمي
اداري المهراڻ انگلش ميڊيم اسڪول مقصودورند (تعلقه شهدادپور) جي اڱڻ تي ٻي تعليمي
۽ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي رنگ پيش ڪيا ۽ ڇهه ماهي
امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٻارن کي انعام ڏنا ويا ته ٻي طرف تعليمي ماهرن ۽ سڄاڻ
ساٿين ثقافت جي اهميت تي نهايت شاندار گفتا ٻڌائي ٻڌندڙن جا من موهي وڌا سيد حسين
شاهه بخاري اسڪول جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي رپورٽ ٻڌائيندي چيو ته هي عام اسڪولن جيان
ناهي اسان هتي جي شاگردن ۾ تعليم سان گڏ ادب، ثقافت ۽ ڌرتي جو حقيقي روح ڦوڪي کين
قوم جو باوقار فرد بنائڻ جا بنياد رکيا آهن. ان بعد اسڪول جي سرپرست، منهنجي علي
ادبي استاد ۽ محسن پيء عاجز منگي اظهار خيال ڪندي چيو ته هن شهر سان منهنجو روح جو
رشتو آهي. مون زندگي جا 35 سال سانگھڙ کي ڏنا آهن ليڪن هاڻ زندگيءَ جو گھڻو
وقت پنهنجي هتان جي مارو ماڻهن ۽ سندن اولاد جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. مون هن شهر ۾
سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف جي نالي سان هن سال لائبريري به قائم ڪئي آهي.
منهنجي ڪوشش رهندي ته هتان جي ٻارڙن، نوجوانن ۽ بزرگن جي علم ۽ ادب ذريعي خدمت
ڪجي. هن سيد حسين شاهه بخاري جي ساٿ ۽ رهنمائي جا تمام گھڻا ٿورا مڃيا. تقريب کي
هن علائقي جي هردلعزيز شخصيت ۽ نامور شاعر حقير حضور بخش رند خطاب ڪندي چيو ته
اسان جي مهربان دوست عاجز منگي هتي لائبريري ۽ معياري اسڪول قائم ڪري تعميري سوچ
جا بنياد رکيا آهن. اسان ان سفر ۾ سندس ڀرجهلا ٿينداسين. هن ههڙي شاندار تقريب
ڪوٺائڻ لاءِ مدد طور کين 5000 هزار روپيه روڪ ڏنا. مشهور سماجي شخصيت ۽
نامور سماجي اداري سافڪو جي سرواڻ سليمان جي ابڙو نهايت پُراثر تقرير ڪندي چيو ته
آءُ غريب جو ٻار هئس. مون تعليم پرائڻ
لاءِ ڏاڍا ڏک ڏٺا. هن وقت تائين دنيا جي 38
ملڪن جا دورا ڪري زندگي جون ڪيئي موج مستيون ۽ مرحلا ڏٺا. ملڪن جي سربراهن، عالمن،
اديبن ۽ ارب پتي ماڻهن سان گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ڪيون اٿم. ليڪن مون اهو محسوس ڪيو
آهي ته مال ملڪيت کان وڌيڪ اهميت تعليم جي آهي. آئون هينئر جيڪي ڪجهه آهيان تعليم
جي ڪري آهيان. ٻهراڙي جي علائقي ۾ ههڙي اداري جو بنياد رکي عاجز منگي ۽ ساءِ حسين
شاهه وڏو قدم کنيو آهي. اسان جو ساڻن ڀرپور ساٿ رهندو. تعليمي ماهرن اقبال انڙ،
ڄام بادل جکرو، غلام مصطفي نظاماڻي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته
ماضي ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پڻ سرڪاري طور لائبريريون هونديون هيون جن مان تمام وڏا
ذهن پيدا ٿيا. جڏهن کان حڪومت لائبريريون ختم ڪيون تڏهن کان سرڪاري ادارن مان
تعليم جو رجهان گھٽجي ويو. تعليم هاڻ سرڪار جي ترجيحن ۾ شامل ناهي تنهنڪري پرائيوٽ
تعليمي ادارا وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ استاد
وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ضلع جي سانگھڙ جي علم دوست ۽ ڊپٽي ڪمشنر سڪندر علي خشڪ
صدارتي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان سنڌ جي سڃاڻپ تهذيب ۽ تعليم جي ڪري رهي
آهي. هن ڌرتي دنيا کي امن محبت ۽ انسانيت جو پيغام ۽ فڪر ڏنو آهي. جنهنجو بنياد
صوفي ازم آهي. صوفيت سنڌي ماڻهن جي نس نس ۾ سمايل آهي. هن استادن کي اپيل ڪئي ته
سنڌ جي سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ تعليم جهڙي مضبوط هٿيار کي بهترين نموني استعمال ڪري
قوم جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آئون بهترين
ادارا هلائيندڙ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۽ استادن جي همت افزائي ڪندس. آئون
استادن جو تمام گھڻو احترام ڪندو آهيان. مونکي اميد آهي ته لفظ استاد جي عظمت جو
مان رکڻ لاءِ استاد نئين جوش ۽ جذبي سان تعليمي خدمت ڪندا. هن چيو سنڌ جي ثقافت
دنيا ۾ به پنهنجي حيثيت بچائي چڪي آهي. اسان جي قوم جي اتحاد ۽ بهتري لاءِ ثقافتي
سرگرمين جو هئڻ لازمي آهي. تقريب دوران اسڪول جي چاليهن ٻارڙن انگلش، سنڌي،
سرائڪي، براهوي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ تقريرون ڪيون. قوي گيت، ٽيبلوز، مزاحيه خبرون،
مزاحيه مشاعرو ۽ ٻيا ثقافتي رنگ پيش ڪري پروگرام ۾ شريڪ مهمانن، والدين، شهرين ۽
ٻارڙن کي لطف اندوز ڪيو. تقريب دوران اسڪول جي سال 2013ع جي ڇهه ماهي
امتحان ۾ پوزيشنون کڻندڙ ٻارڙن جان محمد ڏاهري، پيار علي رند، اياز رند، عابد
خاصخيلي، غلا حسين بروهي، محمد شفيق رند، عامر پنڃارو، محبوب سومرو، سجاد ڇٽو ۽
ٻين کي ڊي سي سانگھڙ سڪندر علي خشڪ، سليمان جي ابڙو ۽ ٻين معززن هٿان يادگار شيلڊ
۽ ميڊل ڏنا ويا. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ نامياري راڳي الهه رکيو اويس
منگي، رضا محمد بروهي ۽ منصور عمراڻي قومي ڪلام ۽ گيت ٻڌائي حاضرين مجلس کي تمام
گھڻو خوش ڪيو. اهڙي طرح هي يادگار محفل چئن ڪلاڪن بعد شام جو 5 وڳي سنڌ جي
قومي گيت جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ۽ سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ گيت تي رقص سان
پڄاڻي تي پهتي. رقص ۾ آيل مهمانن،
استادن ۽ ٻارڙن ڀرپور حصو ورتو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو