حسن درس جي شاعري جو ھڪڙو پنھنجو انداز آ حسن
درس سنڌي شاعري جي آسمان تي قطب تاري مثال آ ھن جي شاعري ٿر ۾ برسات کان
پوءِ مستي ۾ آيل مور جي ناچ وانگر لڳندي آ
ھن جي شاعري صوفي ازم جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿي ھن پنھنجي شاعري ۾ محبوب کي جيڪا ڀيٽا ڏني آ
اھا شايد ئي ڪنھن ٻي شاعر ڏني ھجي ھن پنھنجي محبوب کي دنيان جي ھر خوبصورت ۽ ھن جي
دل کي وڻندڙ شيءِ سان ڀيٽيو آ حسن جي شاعري جي اندر جيڪو رومانس آ ان ھن جي شاعري
کي سنڌ جي سڀني شاعرن تي افاديت بخشي آ ھن جي شاعري جو ھڪڙو نرالو انداز آ ھن
پنھنجي ھڪڙي شعر ۾ زندگي کي ڪيڏي نه خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آ
زندگي
ڀلي اھڙي ٽڪ تي رلي جھڙي آءُ وڇايان تون نه
ويھين ان کان ويڙھيان کڻي

ھن شعر ۾ ھي پنھنجي محبوب لاءِ زندگي جي رلي وڇائي ٿو
ڇو ته ھن جي نظر ۾ محبوب جو مرتبو زندگي ءَ کان مٿي آ پنھنجي محبوب کي زندگي کان
وڌيڪ پيار ڪندڙ ھي شخص پنھنجي ان عمل کي به عملي جامون پارائي ويو جيڪو واعدو ھن
پنھنجي محبوب سان ڪيو ھو آءُ وڇايان تون
نه ويھين ان کان ويڙھيان کڻي ھن زندگي جي رلي کي آھڙو ويڙھيو جو وري ڪنھن
کي به حسن جي زندگي جي رلي کي وڇائڻ جي ضرورت نه پيئي ان کان به وڌ ھن جو ھڪڙو ٻيو
شعر ساري سنڌ پرين جو پاڇو ھن کي سنڌ به پنھنجي پرين جي پاڇي جھڙي لڳي ٿي محبت جو
اھو انداز شايد ئي ڪنھن ٻي شاعر وٽ ھجي ھن پنھنجي شاعري ۾ عشق جي انتھا ڪري ڇڏي آ
ھن جي شاعري ۾ عشق جو جيڪو تصور آ سو تمام خوبصورت ۽ دلڪش آ ھن جو ھي شعر به ڪمال
آ جنھن ۾ ھن لھندڙ سج کي شمار ڪيو آ ڇو ته چنڊ کي ته ھر شاعر ڳايو آ پر سج جي تپش
کان سڀڪو ڀڳو آ پر ھن چيو ا پکي پرڏيھ جو سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو عشق اسان کي
سارين جيئن ڇڙي ڦوڪي ڇنڊي ٿو پيو جنھن ماڻھون کي عشق سارين جيئن ڇنڊي ڇاڻي ڦوڪي
صاف ڪري ان ماڻھون جو عشق لافاني عشق ھوندو آ حسن دنيان ۾ خوبصورتي جو تصور ٿيندڙ
ٻار ۽ کل کي به پنھنجي محبوب سان ڀيٽي ٿو کل جھڙا پيار پنھنجا ٻار ڄڻ ٻيئي اسين
پاڻ کي ۽ پنھنجي محبوب کي ٻار تصور ڪري ٿو ڇو ته دنيان ۾ ٻار کي خوبصورتي جي علامت
طور پيش ڪيو ويندو آ پنھنجي محبوب کي ان کان وڌيڪ خوبصورت ڀيٽا ٻي ڪا به نٿي ٿي
سگھي حسن جھڙو سٺو شاعر ھو اھڙو سٺو دوست به ھو ھن دوستي ۾ ڪڏھن ڪنھن سان ليکا نه
ڪيا ھن جا دوسٽ چوندا آھن ته حسن ڏيئڻ سکيو ھو وٺڻ نه دوستن سان ڪچھرين ۾ راتين
جون راتيون جاڳي گذاريندڙ حسن پنھنجي دوستن جي صف جو امام ھو ھن جا دوست چون ٿا ته
جھڙو نالو حسن ھو اھڙو پاڻ به حسن ھو ھن جي شاعري ۾ عشق ۽ سنڌ ٻئي گڏ گڏ نظر اچن
ٿا اھا شاعري جيڪا عشق جي باھ ۾ جلندي لکبي آ اھا شاعري نيھائين ۾ پچندڙ ٺڪرن جيان
پچي راس ٿي نڪرندي آ حسن کي ھڪ الستي دعا ھئي جيڪا ھن کي شيخ مشاعخ جي درگاھ تي
ملي ھئي ھن جي شاعري ۾ سڃي دنيان جو درد
سمايل ھو تڏھن ئي ته ھن جي شاعري ھن جي اندر مان گولي جيئين الا ڇڏيندي نڪرندي ھئي اسٽيج تي حسن جو شاعري
پڙھڻ جو انداز ڏاڍو دلڪش ھو حسن اسٽيج تي چڙھندو ھو ته پنڊال تي ماٺ ڇانئجي ويندي
ھئي ائين لڳندو ھو ڄڻ سڀ مري ويا ھجن ڪنھن ۾ به ساھ نه ھجي اھڙي ماٺ سنڌ ۾ سائين
جي ايم سيد رسول بخش پليجو سائين عبدلواحد آريسر ۽ شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏھن ٿيندي
ھئي ته اھا حسن کي ٻڌڻ جي لاءِ ٿيندي ھئي اسان سنڌي ماڻھون ڏاڍا ڪٺور دل جا مالڪ
آھيون جيڪي ماڻھون کي جيئري رتي برابر نه سمجھندا آھيون جڏھن مري ويندو ته پيا
روئندا آھيون ان ڪري ئي ته اسان سنڌين کي مردھ پرست قوم چيو ويندو ا اچو ته
ان مردھ پرستي مان نڪرون ۽ پنھنجي ھيرن کي
سڃاڻون ڪٿي گھڻي دير نه ٿي وڃي ڪا به غلظي ھجي ته معافي ڇو آءُ ڪو شاعر يا اديب نه
پر ھڪ ننڍڙو حسن جي شاعري جو عاشق آھيان مھرباني
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو