ٿر پاڪستان جو اهو پسمانده خطو آهي جتي جا مارو هميشه مفلسي کي منهن ڏيندا پيا
اچن روزگار کان محروم ڏوٿي ڏکن ۽ بکن ۾ به دل تان پنهنجي تهذيبي روايتن ۽ ثقافتي
رنگن کي دل تان لاهي ناهن سگهيا. مارئي جي هن ملير جي ماروئڙن هميشه محبت جي امين
هجڻ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي باشعور قوم جي سڃاڻپ رکندڙ ماروئڙن
پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ جو ڀرم رکڻ سان گڏ ڪکاون گهرن ۾ انتهائي سادگي جي زندگي گذارڻ
اوطاقون آباد ڪري هڪٻئي سان حال اورڻ توڙي مهمان نوازي ۾ پاڻ ملهائڻ سان گڏ اڳڀرا
رهيا آهن. سنڌي قوم جي مخصوص ۽ منفرد لباس کي اڄ به خاص اهميت ڏني وڃي ٿي.سنڌي
ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍڻ سان گڏ پڳ توڙي گوڏ پائيندڙ ماروئڙن کي الڳ مقام حاصل رهيو آهي.
سندن نصيحتن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪرڻ جا مثال اڄ به موجود آهن.

شاندار
ماضيءَ جو مطالعو ڪندڙ محقق ڏاهن موجب سنڌ ڌرتي تي ڏاڍ جي بنياد تي انگريزن سميت
ڪيترن ئي غير سنڌي جابرن ۽ آمرن حڪومتون ڪيون آهن جنهن سبب عربي فارسي انگريزي ۽
ٻين ٻولين جو سنڌي ٻولي تي پوندڙ اثر نهايت ئي اثرائيتو نقصان رسايو آهي. ان جو
چٽو مثال اڃان تائين سرڪاري سطح تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ آهي ۽
ان سان گڏ سرڪاري سطح تي قديم تاريخ تي سنجيدگي سان ويچارڻ يا ان کي سهيڙڻ لاءِ ڪي
به اثرائتا اپاءَ ورتا ويا آهن تاريخ کي صرف بادشاهن اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي
ڪارنامن سندن جنگين قصن ۽ ڪهاڻين تائين
محدود رکيو ويو آهي. سرڪاري سطح تي تاريخ کي صحيح استعمال جو تصور ئي نه ڏنو
ويو آهي.سنڌي قوم کي سياسي، سماجي،
اقتصادي ۽ ثقا فتي اِڀياس جي نالي تي گهريل مڃتا ناهي ڏني وئي، موجده حالتن ۾ قديم
تهذيب واري سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي ڌڻي هٿرادو
معاشي بحرانن، بدامني، لاقانونيت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جهڙن بنيادي
مسئلن جي ور چڙهيل آهي، تنهن باوجود اڄ به ٿر جا ٻهراڙي وارا علائقا ماروئڙن جي حب
۽ چاهه جو مرڪز بڻيل آهن. اڄ به ڪچهرين جا ڪوڏيا اوطاقن ۾ ويهي هڪ ٻئي سان حال
اورڻ ۽ اورائڻ سان گڏ سور پچار ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. ٻهراڙي جا مارو
ماڻهو ڪم ڪار جي ٿڪاوٽن جا ماريل هوندي بيا کڻي زماني جي گردشن ۾ گهيريل هجن پر هو
شام جو اوطاقن تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ پهچن ٿا. اڄ به انهن جي اوطاقن تي لسي جا لوٽا هر
مهمان کي نيرن جي وقت ماني سان گڏ ملن ٿا.مهانگائي جي هن دور ۾ به قديم روايت،
مهمان نوازيءَ سان مهڪي رهي آهي.ٿر جي ٻهراڙين ۾ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي نج لفظن
توڙي محاورن جا ڀنڊاير ڀريل آهن ۽ وٽن چڀڙ، مريڙي جو ٻوڙ اڄ به رڌجي ٿو. وٽن رڍن،
ٻڪرين جا ڌڻ توڙي مينهن ۽ ڍڳين جا وٿاڻ موجود آهن. اهي نصيب وارا آهن جو هن ڊالڊا
جي دور ۾ به مکڻ ۽ کير کي پنهنجي هينئين سان هنڊايو پيا اچن.سندن ڪچچجرين ۾ هر هڪ
لفظ موتيءَ کان وڌيڪ سهڻو ۽ مشڪ جهڙو هڳاءُ ڏيندڙ پيو محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ته
قديم تاريخ جو حصو بڻيل ماروئڙن جي ڪاڄن توڙي ٻين خوشيءَ وارن ڏهاڙن تي منفرد
انداز سان لاڏا گيت ۽ سهرا ڳائڻ جو سلسلو جيڪو هاڻي نالي ماتر وڃي رهيو آهي پر
سنڌي ثقافت کي اجاگر رکندي ماروئڙا اجرڪن
سان ڪانڀون مٿي تي ٽوپي، پٽڪي جا سهرا سجائي سينگاريل گلدستا، گرجيلا، پهاڪا، هنر
ڏٺ،پروليون، ڏور ڳجهارتن ۽ بيتن تي سنڌي ٻوليءَ جي پالوٽ ڪري پنهنجي ڏات جا ڏيئا
ٻاريندا رهن ٿا.
اهڙن
ڏات ڌڻين جو سنڌي ٻوليءق سان چاهه ۽ ماروئڙن سان محبت جي ايڪتا وارو پيغام عام ڪرڻ
۾ اهم ڪردار رهيو آهي سندن سادگي ڀريل درس ڏيندڙ اچارن مان اڄ به پنهنجائپ جي
خوشبو اچي ٿي جنهن جو تسلسل اڄ به قائم آهي. سنڌي ثقافت ۾ مچ ڪچهري، ڪانڀ ڪچهري،
کٽ ڪچهري ۽ پٽ ڪچهري پڻ هم روايت رهي آهي جنهن ۾ سنڌي ثقافت جا منفرد رنگ ۽ نمونا
پسڻ ۾ ايندا آهن.محققن موجب سنڌي سماج اندر موسمن جي مدِنظر انهن ڪچهرين جو بنياد
پيو آهي.خاص طور تي سياري جي راتين ۾ جڏهن سيءُ ڀل ڀلان هوندو آهي ته باهه جو مچ
ٻاري ڪچهرين جا ڪوڏيا حال احوال سان گڏ پنهنجون تخليقون پيش ڪندا آهن. ساڳي وقت
معاشي حالتن لاڳاپيل ڪاروبار ۽ وقتن بوقتن
پيدا ٿيندڙ بحران تي بحث ڪندا آهن.
ٿر ۾ اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جو عروج رهيو آهي. جتي محبتن جا ميلا ۽ قربتن جا ڪٺ اڄ
به روان دوان قائم ۽ دائم آهن. جيتوڻيڪ جديد دؤر ۾ ٻهراڙين ۾ اوطاقن تي ڪچهريون
ٿيڻ واري روايت واري سلسلي ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. ۽ هوٽل ڪلچر جو عروج اچي چڪو
آهي. تنهن باوجوس ٿري سگهڙن ۾ سگهڙائپ واري ڏات اڄ به قائم آهي اڄ به سگهڙ طبقو
پنهنجي دلي جذبي سان ٻولي جا بي بها موتي سانڍيندو وتي ٿو. لطيف سرڪار جي بيتن
توڙي سنڌي ثقافت، قديم داستانن ۽ لوڪ ادب تي مشتمل ايڪتا وارن پيغامن کي پنهنجي
وندر ورونهن جو ذريعو بڻائيندو اچي پيو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو