Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (رمضان راهي)

غزل
رمضان راهي
جيئڻ لاچار ٿي پئي آ، مرڻ لاچار ٿي پئي آ،
حياتي هيءَ منهنجي هڪڙي دنيا تي بار ٿي پئي آ،
مٺي هر موڙ تي پڌري ٿي آ هن زماني ۾،
ڪيائين عشق اهڙو ڇو خوامخواهه ٿي پئي آ،
مليو ٿي عشق جتان مون کي پريم ٿي پيار جا پيالا،
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن اها بند بازار ٿي پئي آ،
اکڙين ۾ اميدن جا کڻي لاشا ٿڪي پيو آن،
بدن کي درد ويو ويڙهي عمر بس ڌار ٿي پئي آ،
ويون کائي بکون آهن سچن ۽ صاف جذبن کي،
ڪڇون ٿا ته غدار هون سچ تي ڪار ٿي پئي آ،
وڃي ويٺا وزارت ڪري سودو هن سنڌڙي جو،
اڄ ڪلهه جي ڏسو سياست وڏو واپار ٿي پئي آ،
پيا ٿا مال هو ٺاهين انهي جي سياست جي پٺيان پاپي،
غريب ۽ مظلومن لاءِ سا وڏو آزار ٿي پئي آ،
اچي ڌاريا وارث اسان جي سنڌ جيجل جا،

هر حال آزادي گهرجي غلامي گار ٿي پئي آ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو