Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (ساحر ملاڪاتياري)

غزل
ساحر ملاڪاتياري

نقش واريءَ تي ڇا بيهندو،
ڦُول ٽاريءَ تي ڇا بيهندو،
عشق ايندو آ اوچتو،
آهه و زاريءَ تي ڇا بيهندو،
موت نيندو ماڳ تائين،
هي بيماريءَ تي ڇا بيهندو،
جنهن جي دل ۾ درد ناهي،
رڙ ڏُکاريءَ تي ڇا بيهندو،
جنهن نڀايو پل نه هڪڙو،
عمر ساريءَ تي ڇا بيهندو،
هُو وڍي پيو قرب جا وڻ،
قربداريءَ تي ڇا بيهندو،
پُٽ گهري ٿو نوٽ ساحر،

ريزگاريءَ تي ڇا بيهندو؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو