Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (حنيف عاطر)

غزل
حنيف عاطر
ڇا ته ڪنهن جو شهر ۾ آ گهر ڊٺو،
ڄڻ مٿان دردن جو ڪو محشر ڊٺو،

سوڳ يادن جو اکين اوڍي رکيو،
ڀِت وانگر خواب ڇا سندر ڊٺو،

ساڌ ٻيلو عشق جو جهومڻ لڳو،
پائي پيرن ۾ فلڪ جهانجهر ڊٺو،

آدمين جي مفادي جنگ ۾،
شهر جي مسجد ڊٺي، مندر ڊٺو،

روشنيءَ جي لئه هو ڏيئو جنهن تي مٿي،
ها اها ديوار ان جو در ڊٺو،

دل ڪري محرومين جو ذڪر ڇا،
گل اتي برسيا هتي ڏونگر ڊٺو،

تنهنجي قدمن ۾ هو تارن جو هجوم،
ڄڻ لڳو منهن کي ڪوئي امبر ڊٺو،

شور ڪو برپا نه ٿيو “عاطر حنيف”،
منهنجي سوچن جو محل اڪثر ڊٺو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو