Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (راجا سومرو)

نظم
راجا سومرو
تنهنجا زلف پريشان آهن،
بي راهه ڄڻ ته مسافر بادل،
درد به تنهنجو دانهن صدين جي،
لمحو لمحو تنهنجو گهايل،
پوڄارڻ ڪو گهنڊ وڄائي،
مک تي ڪائي مرج سجائي،
روشن سڀ نظارا ٿيندا،
ساکي سڀ ستارا ٿيندا،
تون منهنجو سنسار آن جانان،
تون ئي مند بهار آن جانان،
جوڀن هڪڙو پل به ناهي،
توسان ڌار گذاريل گهڙيون،

دل تي پٿر جهڙيون آهن،
تنهنجي ياد بنا او ڍوليا،
هر لمحو احساس بنا آ،
پيار به ڄڻ وشواس بنا آ،
تنهنجي سار صدين سان گڏ آ،
چنڊ به جيئن ندين سان گڏ آ،

چنڊ به جيئن ندين سان گڏ آ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو