Monday 9 June 2014

راه هدايت حضرت ابودرداءِ رضه (عاجز عبدالقيوم لنجو)

جڏهن عرب جي سرزمين تي رهندڙ عوام بت پرستيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي چڪي هئي. ظلم ۽ زيادتين سان عرب ۾ انڌيرو ڇائنجي چڪو هو. ان وقت رحمتِ ڪائنات حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن توحيد جي پرچار سان عرب جي ڌرتي چنڊ جي روشني جيان روشن ٿيڻ شروع ڪيو ته اصحاب سڳورن اسلام جي دولت سان مالامال ٿي اسلام مٿان جان نڇاور ڪرڻ جا عزم ڪيا انهن مان حضرت ابودردآء رضه به هڪ هو سندن نالو عويمر بن مالڪ خزر جو انصاري هو . ابودردآء  سندس ڪنيت هئي (1). ابودردآءرضه عام مشرڪن جيان بتن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ بتن کي سينگاري رکندا هئا.۽ سندس پيشو تجارت ڪرڻ هو. جڏهن صحابه ڪرام جنگ بدر مان فتحياب ٿي موٽيا هئا، ان وقت عبدالله بن رواحه رضه جيڪو جاهليت ۾ ابودردآء رضه جو دوست هو (عبدالله بن رواحه رضه اسلام قبول ڪري ورتو هو، پر اها لذت اڃان ابودردآء کي نصيب نه ٿي هئي) ان وقت عبدالله بن رواحه رضه جن ابودردآء جي گهر پهتا ته ڇا ڏسن گهر جو دروازو کليل آهي ۽ سندس گهر واري موجود آهي پاڻ سلام ڪري ابودردآء رضه جي پڇا ڪيائون جواب مليو ته اهي دڪان تي ويل آهن پاڻ اندر اچڻ جي اجازت طلب ڪئي. اُم دردآء رضه وڏيءَ خوشي سان اجازت ڏيئي پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي. عبدالله بن رواحه رضه سڌو ان ڪمري اندر داخل ٿيا جتي پوڄا لاءِ بت رکيل هئا. پاڻ ڪهاڙي ڪڍي زوردار وار ڪيائون ۽ هي جملو چوندا رهيا “جنهن کي به الله جو شريڪ بڻايو وڃي اهو باطل آهي“
بتن جا ذرا ذرا ڪرڻ کان پوءِ پاڻ نڪري هليا ويا. جڏهن ابودردآء گهر موٽيا ته گهرواريءَ کي روئندو ڏسي سبب معلوم ڪيائون ته سندس گهرواريءَ کين سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. ابودردآء جڏهن پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا ذرڙا ڏٺا ته تپي باهه جو شعلو بنجي ويو پنهنجي دوست کان بدلو وٺڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. ليڪن سوچون دماغ کي گهيري ويون ته هنن بتن ۾ ڪا  خوبي هجي ها ته اڄ پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪن ها. دل جا ارادا تبديل ٿي ويا. پاڻ سڌو عبدالله بن رواحه رضه وٽ پهتا ۽ کيس ساڻ ڪري حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيا ۽ ڪلمو پاڪ پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا (2). اها ڪيڏي عظيم حڪمت هئي  جو پاڻ ڪوڙن بتن کي ٺڪرائڻ کانپوءِ اڪيلي الله جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. ان ڪري حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو هو ته ”عويمر منهنجي امت جا حڪيم آهن“ (3). اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ابودردآء گذريل زندگيءَ تي سوچيندي پريشان ٿي ويندا هئا. پاڻ اهو عزم ڪري ورتو ته جن اصحابين اڳ ۾ اسلام قبول ڪري نيڪين جو خزانو جمع ڪري ورتو آهي انهن کي وڃي رسان ۽ ان ڪميءَ کي پورو ڪريا وٺان. ۽ اهڙي طرح پاڻ عبادت ۾ مشا. پاڻ اهو عزم ڪري ورتو ته جن اصحابين اڳ ۾ اسلام قبول ڪري نيڪين جو خزانو جمع ڪري ورتو آهي انهن کي وڃي رسان ۽ انڪميءَ کي پورو ڪري وٺان. ۽ اهڙي طرح پاڻ عبادت ۾ مشغول ٿي ويا.
پاڻ علم جي حصول لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ شروع ڪئي قرآني آيات حفظ ڪري انهن تي غور فڪر ڪرڻ لڳا، پاڻ کي ايتري ته عولم جي تڙپ هئي ۽ عمل جي جستجو هئي جو اصحابه ڪرام فرمائن ٿا ته ”اسان جي علم ۽ عمل ۾ ابودردآء جي اتباع ڪريون ٿا“ (4). جڏهن پاڻ کي هي احساس ٿيو ته تجارت عبادت جي لذت م خلل بڻجي رهي آهي ته پاڻ واپار کي الوداع چئي ڇڏيو صرف ايترو نه بلڪه پاڻ زيب و زينت کان به منهن موڙي ورتو.۽ ٿوري کاڌي ۽ ٿوري ڪپڙي تي گذارو ڪرڻ لڳا. سخت سردي واري رات ۾ ڪجهه ساٿي پاڻ وٽ مهمان ٿي آيا. پاڻ ان جي خدمت ۾ گرم کاڌو پيش ڪيو ليڪن ڪو بسترو نه ڏنو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ميزبان سان ڳالهه ڪجي ته آخر هڪڙو ساٿي ابودردآء جي ڪمري جي دروازي تي آيو ته اکين جي سامجهون عجيب منظر هيو ابودردآء ليٽيل هئا سندس گهرواري ڀرسان ويٺل هئي مگر ان جي مٿي تي هڪ سنهڙي چادر هئي جيڪا سيءُ جهلي نه ٿي سگهي ان ساٿيءَ سوال ڪيوڇا اوهان وٽ ڪو ڪمبل ناهي؟ اوهان جي گهر جو سامان ڪٿي آهي؟ ابودردآء فرمائڻ لڳا “اسان جو اصل گهر ٻي جاءِ تي آهي. ان گهر ۽ اسان جي گهر جي وچ ۾ هڪ دردناڪ جهنگل آهي اسان کي جيڪو به سامان ملي ٿو، اسان اوڏانهن اماڻي ٿا ڇڏيون. جيئن اسان اهو ڏکيو سفر آسانيءَ سان طئي ڪري سگهون.”
 حضرت ابودردآء جون  نظرون هميشه آخرت جي ڏينهن تي هونديون هيون. دنيا سان بي رغبتي هئي ان ڪري ته عبدالرحمٰن بن عوف رضه فرمايو آهي ته ابودردآء ٻنهي هٿن سان دنيا کي ڌڪيندا رهيا.(5)
حضرت عمر بن خطاب رضه پنهنجي دؤر خلافت ۾ ابودردآء کي شام جو گورنر ٿيڻ لاءِ آڇ ڪئي ليڪن ابودردآءِ انڪار ڪري ڇڏيو عمر بن خطاب رضه جي گهڻي اسرار تي پاڻ اهاپيشڪش قبول ڪئي جڏهن پاڻ شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق پهتا ته اتيجا ماڻهو ناز ۽ نخرن واري زندگي گذاري رهيا هئا. پاڻ انهن کي مسجد ۾ گڏ ڪري هڪ تقرير ڪيائون جيڪا تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. فرمايائون ته:
”اي دمشق جا رهواسيو...! اوهان منهنجا ديني ڀائر آهيو، منهنجي محبت ۽ دعوت قبول ڪرڻ کان اوهان کي ڪهڙي شيء روڪي سگهي ٿي. آئون ڪجهه به ڪونه ٿو گهران هيءَ نصيحت صرف اوهان جي ڀلائي لاءِ آهي. آئون ڏسان پيو علماء دنيا مان کڄندا پيا وڃن. انهن جو خال ڀرڻ لاء ڪو پيدا نه پيو ٿئي. توهان پنهنجي ذميواري قبول نه پيا ڪريو. توهان ايترو مال جمع ڪري رهيا آهيو جنهن کي توهان کائي نه سگهندا. توهان کان اڳ ۾ به ڪيترن مال گڏ ڪيوسڀ تباه ۽ برباد ٿي ويو. اميدن تي پاڻي ڦري ويو. وسنديون ويران ٿي ويون. آباديون قبرستانن ۾ بدلجي ويون.
اي دمشق جا رهواسيو...!
ٿورو سوچ کي قومِ عاد جي طرف موڙيو جنهن جا رعب ۽ دٻدٻا هوائن حوالي ٿي چڪا. پنهنجو پاڻ تي ناز ڪرڻ وارن جو نالو نشان ناهي رهيو.” ايتري ۾ مجلس ۾ ويٺل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا. دل ڏاريندڙ پڪارون ۽ آهون مسجد کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ ٿي آيون. (6). ان ڪري ته ابن ابي الحسين فرمايو آهي ته ابودردآء رضه انهن عالمن ۽ حاڪمن مان آهي جن جي تاثير ماڻهن جون زندگيون بدلائي ٿي ڇڏي. (7). هڪ دفعي امير المومنين حضرت عمر فاروق رضه جن حضرت ابودردآء سان ملاقات لاء تشريف کڻي ويا. دروازي کي هٿ لڳايائون ته کليل هو اندر داخل ٿيا ته روشني جو انتظام نه هئڻ سبب انڌيرو ڇانيل هو. ابودردآء کين ڀليڪار چئي ويهڻ لاءِ چيو اميرالمومنين رضه وهاڻو کنيو ته اهو سواري جو پلاڻ هو. بستري تي هٿ گهمايائون ته سنهي ڪڪري وڇايل هئي اوڍڻ لاءِ تمام سنهي چادر هئي.

غزل
آسي زميني
ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!
هيءُ نه  پڇان ڇو نه آ..؟

جو به آ هينئر هتي،
ويل هيءَ آ، پو نه آ..!

پوئتي واپس ورڻ،
وقت جو شيوو نه آ..!

روح، شهزادو، ضدي،
ويو ته واپس ٿيو نه آ،

وقت، نڪتل تير آ،
جو ڇٽو، موٽيو نه آ..!

عرش تي سُڏڪو پڳو،
فرش تي ڄڻ ڪو نه آ..!

آدميت سان گڏ،
آدمي اهڙو نه آ...!

فاتحِ سنڌ جئن مئو،
ان طرح ڪو مئو نه آ.!

مرگِ بن قاسم مثل،
جڳ ڏٺو ڪو ٻيو نه آ.

وات تي شڪوا نه آ،
اک ۾ ڳوڙهو نه آ.!

“ذوالفقار آباد” چؤ،
نانگ بي پيرو نه آ.!

ڪوبه سياستدان ڄڻ،
سنڌ ڄائو ڪونه آ.!

اڄ به “آسي”قوم جو،
درست ٿيو قبلو نه آ.!

 

اميرالمومنين سوال ڪيو ته مون اوهان لاءِ بهتر انتظام ڪيا هئا، اوهان هي حال ڇو ڪري رکيو آهي؟ ابودردآء جواب ۾ حديثرسول صه ٻڌائي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته “دنيا ۾ ايئن رهه جيئن هڪ مسافر” اهو حڪمتن ڀريو جواب ٻڌي اميرالمومنين زاروقطار روئڻ لڳا. ۽ ابودردآء جون اکيون ڳوڙها روڪي نه سگهيون. ٻئي عظيم الشان شان جا مالڪ صحابي صبح جي باک ڦٽڻ تائين روئندا رهيا.
دمشق ۾ قيام دوران حضرت عثمان غني جي دورِ خلافت ۾ پاڻ بيمار ٿي پيا ۽ ڀرسان ويٺل ساٿين کي چيائون ته مون وٽ “لااله الاالله” جو ورد ڪريو. سڀ ساٿي اهو ڪلمو پڙهندا رهيا ۽ پاڻ به زبان مبارڪ سان ساڳي ڪلمو پڙهندا رهيا ايستائين جو عزرائيل کي حڪم ٿيو ۽ سندن جسم مان روح پاڪ پرواز ڪري ويو.
انا لله و انا اليه راجعون.
ابودردآء فرمائيندا هئا ته مون کي ٽي شيون پسند آهن جيڪي ٻين کي پسند ناهن. غريبي، بيماري ۽ موت. غريبي ان ڪري جو رب جي اڳيان عاجزي هجي. بيماري ان ڪري جو گناهن جو ڪفارو بنجي وڃي. موت ان ڪري جو رب پاڪ سان ملاقات جي سڪ آهي.
پاڻ جڏهن به جنازو ڏسندا هئا ته چوندا هئا نصيحت لاءِ موت جو منظر ڪافي آهي. ۽ پاڻ فرمائيندا هئا ته ٽي ڪم اهڙا آهن جن کي ڪرڻ سان سڀ ڪم ٿي ويندا پنهنجي مصيبت جي ڪنهن سان به شڪايت نه ڪريو، بيماري جو ڪنهن کي به نه ٻڌايو، پنهنجي زبان سان پنهنجون خوبيون بيان نه ڪريو پنهنجو پاڻ کي پاڪ ۽ مقدس نه سمجهو.
الله پاڪ اسان کي صحابه ڪرام جي ڪردار ۽ گفتار اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين ثم آمين.
حوالا:
1.الاصحابه في تميز صحابه مترجم
2. الاصحابه مترجم
3. جامعالسانيد والسنن ابن کثير
4.تاريخ الکبير امام بخاري
5.اسد الغابه ج-4 ص-159
6.ذکر ابن ابي حاتم
7.تاريخ الکبير امام بخاري
8.ذکر ابو نعيم في الحلبته﷦﷦ 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو