Monday 9 June 2014

ڪوتا نگر (آسي زميني)

غزل
آسي زميني
ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!
هيءُ نه  پڇان ڇو نه آ..؟

جو به آ هينئر هتي،
ويل هيءَ آ، پو نه آ..!

پوئتي واپس ورڻ،
وقت جو شيوو نه آ..!

روح، شهزادو، ضدي،
ويو ته واپس ٿيو نه آ،

وقت، نڪتل تير آ،
جو ڇٽو، موٽيو نه آ..!

عرش تي سُڏڪو پڳو،
فرش تي ڄڻ ڪو نه آ..!

آدميت سان گڏ،
آدمي اهڙو نه آ...!

فاتحِ سنڌ جئن مئو،
ان طرح ڪو مئو نه آ.!

مرگِ بن قاسم مثل،
جڳ ڏٺو ڪو ٻيو نه آ.

وات تي شڪوا نه آ،
اک ۾ ڳوڙهو نه آ.!

“ذوالفقار آباد” چؤ،
نانگ بي پيرو نه آ.!

ڪوبه سياستدان ڄڻ،
سنڌ ڄائو ڪونه آ.!

اڄ به “آسي”قوم جو،
درست ٿيو قبلو نه آ.!


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو