Monday, 9 June 2014

ايڊيٽوريل شمارو پهريون (اپريل 2014)

وِيا جي عميق ڏي مُنه ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پَسندا سيئي، اَمُل اکڙين سين.
 (شاهه)
اوجاڳن ۾ اوتجي ويل ۽ ننڊ کان آجيون اکيون سوچينديون آهن ته سپنن جي ساڀيان ڪجي! پر ڪيئن؟ انهي سوال جو جواب ڏيڻ اسان جي معاشري ۾ هن وقت ڏاڍو مشڪل آهي. اسين اڃا تائين هندورن ۾ لڏڻ سکيا ناهيون ۽ نه ئي وري هندورا اسان کي پاڻ ۾ لوڏڻ جي خواهش رکن ٿا يا نه ئي وري وقت جا محسن اهڙي ڪا ضرورت محسوس ڪن ٿا. اسين جيڪي وقت جي ورن ۾ ويڙهيل ۽ بيروزگاري جي ڀاڪرن ۾ ڀريل اها واويلا آهيون جنهن واويلا جو مقصد آهي ته عشق يا ادب جي عميق مان ڪجهه اهڙيون سپون سوجهي آڻجن جن جو ملهه ڪي املهه اکيون ئي سمجهي سگهن. بي روزگاري ۽ ”ڀلي بُک ڀرم جي“ ۾ گهرن ۾ ويهي ڳرياسين ته هونئن پي! پر پوءِ ڪجهه ادب جو ذوق و شوق رکندڙ دوستن سان ٿيندڙ ملاقاتن ۽ گڏيل صلاحن سان سوچيو سين ته ڪجهه ڪجي جڏهن ڪجهه ڪجي تائين پهتاسين تڏهن هي مسئلو سامهون آيو ته وسيلن بنا ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
وسيلن واري سوال ٿورو مايوس ته ضرور ڪيو پر دوستن جي ارڏن ارادن جهڪڻ سکيو ئي نه هو ۽ ان نه جهڪڻ واري ريت اسان کي ڪارونجهر ادبي فورم ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ڏني ۽ اسين پنهنجي بي روزگاري وساري سنڌي ادب جي دنيا ۾ رنڊا روڙڻ ۾ لڳي وياسين ڳچ عرصو ايئن هڪٻئي جي سهاري اڪرڻ ۽ اڪارڻ سکيوسين پوءِ وري دوستن صلاحون ڏنيون ته پنهنجي هن پاڻ تائين محدود آواز کي لامحدودي جي عالم ۾ آزاد ڪري ضم ڪجي. آزادي واري مسئلي وري به وسيلن جي گُهر ڪئي پر حوصلن جي سلامتي ۽ هڪٻئي کي هڪٻئي جي همٿ افزائي اسان کي سنڌي ادب ۾ هي هڪ ننڍڙي سوکڙي آڻڻ ۾ ڪامياب ڪيو آهي جنهن جي ڪاميابي ۾ ڪارونجهر ادبي فورم جي سڀني دوستن جو ڀرپور سهڪار شامل آهي. انهي کان علاوه ڪيسوٻاءِ جي انهي ننڍڙي ڪڙيءَ ۾ انهن سڀني دوست جو رت ۽ ست به سمايل آهي جن دوستن پنهنجا خيال ستم ظريفي جي انهي عالم ۾ هارڻ بجاءِ حوصلن جي سلامتي ۽ قلم جي سهڪار سان پنن تي اوتيا آهن جيڪي توهان جي دل جي در تي اگهائجڻ لاءِ آتا آهن ۽ ڪجهه پراڻا ادب جي دنيا ۾ متعارف دوست به انهي جٿي کي پار اڪارڻ لاءِ معاون طور گڏ آهن جن جون مهربانيون اسان لاءِ اکين جو نور آهن ۽ اسين جيڪي اڃا ادبي دنيا کان اڻواقف ۽ نوان آهيون ان ڪري اسان جي شاعري توڙي نثر ۾ ڪافي اوڻايون ۽ خاميون به هونديون جن اوڻاين تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ سنڌي ادب جي نقادن توڙي ڄاڻُو ۽ محقق دوستن کي ٻي پرچي ۾ لکڻ جي خاص طور تي ڪوٺ ڏجي ٿي ڇو ته هي قافلو لکڻ سان گڏ ڪجهه سکڻ به چاهي ٿو جنهن سکڻ لاءِ علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب چيو آهي ته ادب تاديب (گهڙڻ) بنيا اڌهورو آهي انهي ڪري اُميد ته اسان جي عرض ۾ ڏنل ڪوٺ قبول پوندي.
ڪجهه لفظ ڪيسوٻاءِ لاءِ:
جيئن ته اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هي رسالو “ڪارونجهر ادبي فورم” طرفان آندو ويو آهي اُن ڪري سوچيو هو ته نالو ڪارونجهر ئي رکبو پر ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٻين دوستن جو ڪارونجهر نالي سان رسالو مارڪيٽ ۾ اچي ويو هو اُن کان پوءِ سوچ کي تبديل ڪندي ڪارونجهر سان منصوب ڪردار ”ڪيسوٻاءِ“ جو نالو ڏنو ويو آهي ڀوڏيسر ۾ جنم وٺندڙ ۽ پوءِ پورڻ واهه نالي ڳوٺ آباد ڪندڙ ڪيسوٻاءِ هڪ جاگيردار هو جنهن جي تصوير مون فقير مقيم ڪنڀار جي دڪان ۾ لڳل ڏٺي هئي فقير صاحب تڏهن حياتي هو مون پڇيو هو ته هي تصوير ڪنهن جي آهي؟ جواب ۾ ٻڌايو هئائين ته ”هي تصوير پورڻ واهه جي سوڍي ڪيسو ٻاءِ“ جي آهي جنهن کي ورهاڱي کانپوءِ ٿيندڙ لڏ پلاڻ وقت اُن جي سالي ٻلونت سنگهه هند لڏي هلڻ لاءِ زور ڀريو هو جواب ۾ ڪيسوٻاءِ ٻلونت سنگهه کي اهو جواب ڏنو هو ته آئون تو سان گڏ هند تڏهن ئي هلندس جڏهن تون ڪارونجهر (جبل) کي به ڪوري کڻي هلندين! ڪيسو ٻاءِ جي محب وطني هڪ مثال آهي ۽ اڃا تائين هي ڪردار تحقيق کان محروم پڻ آهي ڪجهه ادب دوست دوستن کي اُنهي ڪردار تي اعتراض پڻ سامهون آيا آهن جيڪي اعتراض اڃا ڪچهرين تائين محدود آهن اُنهي ڪردار متعلق ڄاڻ رکندڙ دوستن کي اڳيين شماري ۾ لکڻ جي دعوت پڻ ڏجي ٿي ڇو ته اسان جو مقصد آهي حقيقت تائين پهچڻ، هونئن به سنڌ جي پوري تاريخ اڃا تائين مطمئن ڪندڙ ناهي هڪ ئي سوال جو جواب ٻن مختلف مطلبن سان ملي ٿو جنهن کي به حقيقت تي ميڙي سهڙڻ جي ضرورت آهي.
آخر ۾:
اسين نهايت ئي شڪر گذار آهيون سائين عبدالواحد آريسر صاحب جن جا جنهن پنهنجي قيمتي ٽائيم جا ڪجهه پل اسان جي نانءُ ڪندي ڪيسوٻاءِ جي انهي پرچي لاءِ انٽرويو ڏنو جيڪا انٽرويو انهي پرچي جي سونهن هئڻ سان گڏ اسان لاءِ هڪ اعزاز آهي سائين لاءِ ڪارونجهر ادبي فورم دعاڳو آهي ته آريسر صاحب صحتيابي سان گڏ ڊگهي عمر ماڻي ڇو ته سائين جو سنڌي ادب سان ساٿ ڪنهن مشعل راهه کان گهٽ ناهي.

آئون اوهان جو پنهنجو
عاجز اقبال ڪنڀر

0341-3166402

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو