Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (اسلم ڪنڀر)

غزل
اسلم ڪنڀر
توسوا جا مون گذاري زندگي،
ايئن لڳو آ ڄڻ آ اُڌاري زندگي،
تو مٿان جو وقت جوڀن جو هٽيو،
سونهن تنهنجي پئي پڪاري زندگي،
تون ته مون کان ڌار ٿيندو پيو وڃين،
غور سان جو مون نهاري زندگي،
موسمن جا ڪيترائي ڪرم هئا،
تو پڄاڻان جن ڌتاري زندگي،
هن مون ڏي ڇڪ کاڌي ٿي جڏهن،
ضد تان پئي تو اُتاري زندگي،
موڪلائڻ جي گهڙي ايئن پئي لڳو،
ٻير جي ڪا آهي ٽاري زندگي،
شاعري هئي ۽ ڏيئي جي روشني،
تون نه هئين پر پاڻ گهاري زندگي،
مان ته هيڻو ٿي پيس ڏسندي پرين،

پنهنجي سامهون هيڏي ساري زندگي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو