صوفي صادق فقير جو تعلق سنڌ جي ساڍا 3 صديون کن حاڪم رهيل قوم سومرا قوم آهي.
سومرا قوم جو اصل نسل ڪٿان ۽ ڪيئن آيو؟ سومرا قوم جي اصل ۽ نسل جي لحاظ کان سنڌي
نسل آهي يا عربي نسل؟ ان متعلق سنڌي تاريخدانن خواه غير سنڌي تاريخدانن ۾ اختلاف
آهي. هڪڙن جي راءِ ۾ سومرا اصل ۾ هندو
راجپوت آهن. ۽ رسام جي رعايت سان چندر بسني آهن. سندن شمار پرمار راجپوتن جي بيان
۾ سومرا قوم جي نالي سان ڪيو وڃي ٿو. ڪن مورخن ۽ تاريخ نوسن جي راءِ ۾ سومرا اصل ۾
عربي نسل آهن. هن قوم جو ڏاڏو محمد بن قاسم القريشي حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ سنڌ
جي فتح وقت اسلامي فوج سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي رهيو.
جن
تاريخدانن جي خيال ۾ سومرا هندو راجپوت آهن انهن ۾ ٽاڊ صاحب (منصف راجستان) ڀيرو
مل مهرا چند آڏواڻي (سنڌي ٻولي جي تاريخ 227) مولانا سليمان ندوي (عرب هند تعلقات)
وغيره ۾ قابلِ ذڪر موصوفن سومرن کي هندو راجپوت لکيو آهي. ان کان علاوه سنڌ جي
گزيٽر صاحب (179 گجرات جي تاريخ اسلامي، انتخاب تاريخ طاهري ص 23،24) ۽ هسٽري آف
انڊيا جلد پهريون صفحه 84 تي به سومرن کي هندو راجپوت ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ان
متعلق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي صاحب تاريخ معصومي جي تحصيات ، تعلقات
سومرن جي نسل متعلق مشهور سياح ابن بطوطه جي حوالي سان هڪ روايت م لکيو آهي ته
سنڌو ندي کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري جنابي شهر ۾ پهتاسون هي سنڌو ندي جي ڪناري تي وڏو
خوبصورت شهر آهي، سندس وڻندڙ بازارون آهن. سندس رهاڪو هڪ جماعت آهي جن کي سامره
سڏجي ٿو، جن هن شهر کي آڳاٽي زماني کان وطن بنايو آهي، سندن وڏا ان شهر ۾ اُن
زماني کان رهن ٿا. جڏهن کان حجاج بن يوسف جي زماني ۾ هي شهر فتح ٿيو هو . سنڌ جي
تاريخ جي بيان ۾ تاريخ نويس لکيو آهي ته ابن بطوطه کي شيخ امام عالم قامل دائف
مجاهد رڪنِ دين شيخ فقير شمس الدين
ولد شيخ امام عابد زاهد بهاؤالدين ذڪريٰ القريشي ٻڌايو ته سندن وڏو ڏاڏو
محمد بن قاسم القريشي سنڌ جي فتح وقت انهي لشڪر ۾ موجود هو جيڪو انهن ڪم لاءِ حجاج
بن يوسف پنهنجي عراق واري حڪومت جي زماني ۾ موڪليو هو. ۽ هو اتي سنڌ ۾ ٽڪي پيو کيس گهڻو اولاد ٿيو. هن قصي مان اهو
نتيجو نڪري ٿو ته هي “سامره” قوم سومرا قوم سنڌ جي سرزمين ۾ پهرئين صدي هجري جي
پڇاڙيءَ کان رهندڙ آهي رفته رفته طاقت حاصل ڪري ٽئين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ منڌ
جو لاڙ وارو ڀاڱو سمورو پنهنجي قبضي هيٺ آندائون. سومرن 350 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي.
هي قوم بهادر حڪمران به رهي ۽ حڪومت کان پوءِ به هي قوم سکي ستابي مالدار خوشحال ۽
چڱين قومن ۾ شمار ٿيندي اچي. هن قوم جا سياڻا ۽ سنجيده درويش، داناء ، حاڪم بادشاهه
ٿي گذريا آهن. سومرن لاءِ مشهور آهي ته اُهي قول جا پختا سچا وعدي جا پڪا، ازن جا
پختا، پهلوان جوڌا جوان به پئدا ٿيا ته عاشق مزاج البيلا زورآور وطن دوست هوندا
هئا ۽ آهن. دودي، همير، عمر، ڏونگر ۽ ڀونگر جهڙا ناليوارا بادشاهه هن قوم ۾ ٿي
گذريا آهن.
هن قوم ۾ درويش ۽ فقير به پيدا ٿيا آهن ۽ اڌعلم وارا
عالم فاضل به ٿيا. جن مان صوفي صادق فقير به هڪ هو. صوفي صادق جي نسل جو شجرو
سومرا قوم سان ملي ٿو. فقير صادق سومرو همير سومرو جي اولاد مان هو. فقير صاحب جا
وڏا ڪڇ جا رهاڪو هئا، سندن والد بزرگوار دين محمد سومرو به گهڻو وقت ڪڇ ۾ رهيو ۽
پاڻ مالدار ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. مال جا سانگ سان اچ وڃ سڄي سنڌ سان هئي پر لاڙ طرف
گهڻو لاڙو هئس، بزرگ به همت ۽ مردانگي حق ڪمائڻ ۽ حق کارائڻ هو. آخر هڪ ڀيرو ڪڇ کي
الوداع چئي هميشه لاءِ مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڍوڍارو ۾ رهيو. صادق فقير جي ولادي ماهه
شوال 1170 هجري مطابق 1756ع ۾ سومر جي ڏينهن سج لهڻ وقت ٿي. سندن ولادت وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت
هئي. صوفي صادق جي درگاهه عمرڪوٽ ويجهو صوفي فقير شهر ۾ آهي. جتي سندس خاندان
اولاد جو وڏو قبيلو رهائش پزير آهي. سندس اولاد کي صوفي جو لقب مليل آهي ۽ اهي اڄ تائين صوفي فقير
سڏائيندا اچن
تمام سوٺو آھي.
ReplyDeleteسومرا قوم هندو ٺکراي ياني راجپوت هئي . اها بابت مان کو به شک نه ٿي سڳهي ٿو
توهان اهي قوم جا ماڻو آهيون جنهن جي ڏاڏي سڄي سنڌ تي حکومت کئ ..
اها ڳال جو توهان ڪي فکر هوڻو خپي
رام رام .