Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (عائشه ميمڻ)

غزل
عائشه ميمڻ
پل پل سڏڪي ساريو سائين،
توکي ڪونه وساريو سائين،
دير سويري مون ڏي ايندين،
توڏي روز نهاريو سائين.!
ويل وڇوڙن جي آ اوکي،
سورن پورن ماريو سائين،
ناؤ ٻڏي پئي جن جي تن کي،
توڪل آهي تاريو سائين.!
ديس ۾ چوڏس آهي انڌيرو،
ديپ فڪر جو ٻاريو سائين،
تنهنجي وائي دردن ڌارون،
توئي منڙو ٺاريو سائين،
ڪجهه ته لڇو ها ڪجهه ته ڪڇو ها،
لڙڪ چپ ۾ ته هاريو سائين،
نانگ زهر کان آجو ناهي،
ڌاريو آهي ڌاريو سائين،
نفرت ناهي شاد ڪيو ڪو،
محبت ۾ پيا گهاريو سائين،
جهٽ پل جو آ جيون ”عائشه“،
وڇڙي سو نه گذاريو سائين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو