غزل
گل گوماڻي
تومان اهڙو نينهن هليو ويو،
ٿر مان جهڙو مينهن هليو ويو،
هيل به تنهنجي اوسيئڙي ۾،
ڏياري وارو ڏينهن هليو ويو،
ڪالهه مليو هو رستي ويندي،
ڌاريو هو ڄڻ ايئن هليو ويو،
دل جي ڌرتي پياسو ٿوهر،
کلندي بادل ڪيئن هليو ويو.
سوڳ ۾ آهي سنڌ سموري،
وڇڙي ماڻهو شينهن هليو ويو،
هوش اڏامي ويا گل منهنجا،
جاني پرتي جيئن هليو ويو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو