Monday, 9 June 2014

سامروٽي ۾ ڪڏهن (ناشاد سمون)

22 هزار چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف ڀاڱن جي جاگرافيائي،سماجي ۽ ثقافتي سڃاڻپ به مختلف آهي، هر طبي حصي کي پنهنجي پنهنجي فطري حسناڪي ۽ ثقافتي رنگت جاگرافيائي جوڙجڪ ، زميني صورتحال ۽ زرعي اهميت حاصل آهي،

ساحلي پٽي جنهن کي رڻ ڪنڌي چئجي ته درست ٿيندو، ڇو ته رڻ ڪڇ سان هي علائقو ئي لڳي ٿو، هن علائقي کي“ سامروٽي” ۽ “وٽ” جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن م گهريل ڏور ڏور نظر ايندڙ ڀوريون ڀٽون ۽ ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ وري سنوت واريون مٽي هاڻيون زرخيزي رکندڙ ٻنيون جن کي مقامي لهجي ۾ تليون چيو وڃي ٿو. ائين ڏيک ڏين ٿيون جو لاڙ  ۽ ٿر جو سنگم محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. هن علائقي ۾ اهي تليون اهڙيون  زبردست زرعي زمينون آهن، جيڪي هر مند ۾ فصل اپائڻ جي صلاحت رکن ٿيون جڏهن سانوڻ رُت جا ڪارا بادل ڌرتي جي عاشق وجود مٿان محبوب جي وارن جيئن وکري ۽ برسي پون ٿا. تليون به پلر سان تار ٿي وڃن ٿون، ڪجهه ٻنين مان جلدي پاڻي سڪي وڃي ٿو پر ڪافي هنڌن تان دير کان پوءِ وٽ اچي ٿي، دير سان وٽ ايندڙ ٻنين ۾ موسم مطابق فصل پوکيا وڃن ٿا، جيڪي لهڻ کان پوءِ به ريج برقرار رهي ٿو، ۽ محنتي هاري ٻيهر ٻيو فصل پوکي ڇڏين ٿا، ائين تلين واري زمين به ٻي ٿر پارڪر کي ڇڏي ڪري هڪ ورهيه ۾ هڪ کان وڌيڪ فصل ڏئي ٿي، ڪجه تلين ۾ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽيوب ويل به لڳائي ڇڏيا آهن ۽ ٻاجهر، گوار سان گڏ بصر، گجر، واڱڻ ۽ ٻيون سبزيون پوکي گذر سفر ڪري رهيا آهن، ماحولياتي تبديلي ۽ انساني هٿ چراند سبب ٿر جي ٻين علائقن مان ڪافي مقامي قيمتي وڻ ناياب ٿي چڪا آهن اهي وڻ به سامروٽي ۽ وٽ ۾ ڏسي سگهجن ٿا . مون ڦوڳ جو وڻ رڳو وڏن کان ٻڌو هو پر وٽ جي وارياسي وڇاڻن تي بسنتي هوا جي گهميل جهونڪن تي جڏهن ڦوڳ جي ڦوهه جوڀن کي لڏندي ڏٺو هئم ته بي ڌڙڪ لفظن شاعري جو چولو پائي ورتو هو،
ڦلارجن ڦوڳ سڀ روح جا جانان،
اچين جي واهوندي هير تون بڻجي.
گهاٽن وڻن جي گهونگهٽ مان ليئا پائيندڙ منظر اکين جا ٿڪ لاهي ڇڏيندا آهن، انهن وڻن جي اوٽ ۾ جڏهن جهنگلي سهن ۽ مورن جي ٿاڪن کي ڏسجي ٿو ته هتان جي رهواسين جي فطرت دوستي سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي.
ڪونرل اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي صدين کان فطرتي سونهن ۽ چوپائي مال جي چاري جي شاهوڪار ڳوٺ طور سڃاتو وڃي ٿو، مشهور ڀاڳيئي سائي سنگهار ڪونرل جي سيم کي بهترين قرار ڏنو هو، اڄ به مختلف قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا هزارن جي تعداد ۾ هتي موجود آهن، ۽ مورن جا مڌر ٽهوڪا ڳوٺ جي ماٺيڪي ماحول ۾ موسيقي جي گونج پيدا ڪندا رهن ٿا.
رڻ ڪنڌيءَ جي ڳوٺن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ڪڻي ڪڻي ۾ ڪهاڻيون آهن، مونکي ته هنن ڳوٺن جي زندگي تي سو مسئلا هوندي رشڪ ٿي پوي ٿو ڪاش هنن سامونڊي هوائن جي هندوري ۾ رلندڙ ڪنهن ڀٽ تي منهنجو احساس _ آشيانو هجي ها ته زماني جي  جبر کان جڏهن آزاد ٿيڻ گهران ها ته ڪنهن ڪاٺين سان جوڙيل جهونپڙي ۽ واڻ واري کٽولي تي ويهي پرين  جي  چپن جهڙي شفق کي ڏسان ها نيري نڀ کي نيڻ ۾ اتاريان ها، ستارن منڊل سان ڌرتي واري چنڊ جون وارتائون ورجايان ها بس محبت ماڻهپي ۽ مڌ جون مهڪيل ڳالهيون ڪري ڱنڱاٽندو  رهان ها.
هنن ڳوٺن مان جتي تُرڪڻي، جهنگ، ٻتنگاري جي ڀرپور ٿري زندگي جي رنگن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي اتي ڳوٺ مهاڙيو جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي، اهو ڳوٺ جتي ٿرپارڪر جا ڪنڀار سنڌ سطح جو بهترين ۽ خوبصورت مٽي جو ڪم ڪن ٿا،هنن جا نور نچوئي جوڙيل مٽي جا برتن جنهن ۾ ڊگهين ڳچين وارين گهاگهرن جي ڇا ڳالهه ڪجي، سڀ کان سٺي ۽ محنتن کان پوِءِ ٺهندڙ ٿانون جو نمونو هجن ٿيون مهاڙيئي جا دلا  ۽گهاگهرون ۽ سخت محنت ۽خوبصورت نقش نگاري کانپوءِ حسين هٿن تي چٽيل ميندي پورن جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳندا آهن    ۽ هي زبردست آرٽ داد لائق بڻجي وڃي ٿو، مهاڙيئي جي ڪنڀارن جا دلا پاڻي کي وڌيڪ ٿڌي بڻائڻ ۾ به مشهور آهن، هتان جا ڪاريگر ٻڌائن ٿا ته اسان جا جوڙيل برتن ملڪي سطح تي وڏن وڏن ماڻهن کي تحفي ۾ موڪليا وڃن ٿا.    هن علائقي ۾ هڪ اهڙو به ڳوٺ آهي جنهن کي مون جڏهن به ڏٺو آ. ته مور پنکن  جهڙي نفيس ۽ دلڪش منظر سان اکين جي ڀليڪار ڪندي ۽ سونهن انڊلٺي ادائن جي خماريل پر نماڻين نهارن سان اڻ چيل پراسرار سوال پڇندي ڏٺو آهي، اهو ڳوٺ ڦاٽوڙ ميگهواڙ آهي، جنهن جي وڏي سڃاڻپ ڳوٺ جي اولهه طرف موجود اها وڏي ڀٽ آهي، جنهن جون نانءُ قديم دور جي فطرت شناسي جي ساک ڀري ٿو، انهي ڀٽ کي چانڊاڻ ڀٽ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، نالو ئي اهڙو آهي جيڪو پنهنجي وجود ۾ لازوال حسناڪي رکي ٿو، مون چانڊاڻ ڀٽ تي ويهي سهگڙ ۽ لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) جا انيڪ ورق ورائيندڙ ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪندي ٿورڙو پريان رڻ تي لهندڙ رات جي ريٻارڻ جي چنري جهڙي ٻاٽ ۽ پوءِ لڙي رات کان پوءِ اڀرندڙ چندرما جي ڌيمي چانڊوڪي کي ڏٺو ۽ سامونڊي هيرن جي هوڏ ۾ ڪنهن جي سندر ساروڻين جون مهڪارون رقص ۾ ڪندي ڏٺيون ان پل ئي عظيم ڪوي اياز جي وائي جي سٽن جو پسمنظر پروڙي ورتم اياز چيو آهي ته؛
ڪنهن جا نهٺا نيڻ ايئن جيئن
رڻ ۾ رات ٺري  .............!!!!
ياد ٿو اچي ته سرد رت جي ٺار ٺريل هئي ، اوتاري ۾ مچ ڪچهري هلي رهي هئي ملڻ ۽ حال احوال کان پوءِ فرمائش ڪندي چيو هئم  ته اڄ صوفياڻي محفل ٿيڻ کپي محبتي ڳوٺاڻن مرڪندي وراڻيو  سائين اصل دل وري ڳالهه ڪئي  اٿو، پوءِ ان رات باک جي ڪر موڙڻ تائين ڀڳت چهنو ۽ ڀڳت رگهو مل کان لطيف ، ڪبير، ميران ٻائي، تلسي ۽ روحل فقير ۽  ٻين صوفين جي شاعري ٻڌندي روح زماني جي سڀ زنگ ۽ رنج وساري ۽ ميساري ڇڏيا، ڳوٺاڻن ڀڳتن جڏهن تنبوري جي تارن تي مرشد کي ڇيڙيندي وڇوڙي جو نوحو ڳايو،
منهنجي آيل ماءِ مهنجي دل جو دوست
وٺيو پيا وڃن........!
محسوس ائين ٿي رهيو ته جيئن ڪنهن  اک کان روشني قدرتي نور ڪنهن سبب جي ڪري کسجي ٿو وڃي ته باقي ڪجهه نٿو بچي محبتن جو زندگي ۾ کسجن نيڻن جي نور کسجڻ جيئن هوندو آهي جيڪو احساساتي طور تي بي نور بڻائي ڇڏيندو آهي !
سادگي ۽ سچائي جي پيڪر ڳوٺاڻن کان صوفياڻو ڪلام ٻڌندي حيرت ۽ خوشي جو گڏيل احساس ٿي رهيو هو، حيرت انهي ڳالهه ته هيڙي پٺتي پيل علائقي ۾ به ماڻهو پنهنجي قديم سنڌيت واري روايت کي اڃا نڀايو اچن ۽ صدين جي صوفياڻي مزاج جو معراج ماڻيندا اچن.
خوشي ان ڪري محسوس ٿي رهي هئي ته سوچيم ته انتها پسند ۽ رجعت پرست ڌرين جا مختلف مدارين وارا کيل اڃا ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهن. ڪو هڪ پڙ به سجايو ناهي ويو سنڌي ماڻهو جو مزاج ڪشمور کان ڪارونجهر تائين محبتن جي مورتي آڏو جهڪڻ ۽ ڏاڍ ۽ وحشت جي ديو کي ڌڪارڻ  جو قائل آهي، اصل ۾ انسان جو پاڻ کي انسان سمجهڻ ۽ ٻئي کي انسان تسليم ڪرڻ دنيا جو وڏو مذهب آهي، خير جڏهن ڪتيون الهي ويو هيون ٽيڙو ٽڙي رهيا هئا آڪاش سرد  رات ۾ گهرن چمڪندڙ تارن ۾ ٿاريلي وينگس جي گج جيئن نظر اچي رهيو هو  چانهه  جي گرم ڍُڪن تي هنن انسان جي پورنتا جي ازلي پڪار جهڙي لفظن کي درد آلاپ سان جهونگاريو هو،
من ڀولا ڀولا ڦري جگت ۾ کيسا ناتا  ري!.
ٻڌندي ٻڌندي کيپ چڙهي ويا هئا، تصوراتي جهان ۾ دل درازن کان ڪاشيءَ جا  پنڌ ڪري رهي هئي.
هن علائقي م تصوف جي تصوير ان ڪري به ڌنڌلي نه ٿي آهي، جو هتي ويڙهيجهپ واري سنت صوفي پاربرهم جي رواداري واري ڏنل درس ۾ هتان جي رهواسي پختو ويساهه رکيو اچن، جنهن جي جهلڪ  هر سال لڳندڙ ميلي تي هندو مسلم محبت ميڙاڪي مان پسي سهگجي ٿو، فقير پاربرهم جنهن جي لطيف سان دوستي ٻڌائي وڃي ٿو، لطيف سندس وڇوڙي ۾ هيئن چيو ته:
کاروڙيان کڻي، منهنجا ويڙهيجهپ  ويا.
فطرت پرست اکين کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ محبوب منظرن، گهاٽن  وڻن، زرخيز کيتن، مور ٽهوڪن سان مهڪندڙ ڳوٺن، پيار پنهنجائپ، ايمانداري ۽ رواداري اڻ ميون محبتون ارپيندڙ ماروئڙن جو هي علائقو اڄ به بنيادي سهولتين کان وانجهيل آهي، تمام گهٽ ڳوٺن ۾ روڊ، بجلي نظر اچن ٿا، الاءِ ڪيترا ڳوٺ اسپتالن جي سهوليت کان محروم آهن، اڪثر ڳوٺ ۾ اسڪول بند پيل آهن، ٽيپاري جي رڻ ۾ قائم ٿيل سالٽ فيڪٽري رڳو ڪروڙپتي مالڪن جي  ٻيڻي ٽيڻي ڪمائي  جو جو ذريعو بڻيل آهن، غريب ڳوٺاڻن کي لوڻ ڍوئڻ  جهڙي سخت پورهئي عيوض ملندڙ نامناسب اجورو گهرن جون چلهو ٻارڻ بدران اکين ۽ چمڙي جي پيدا ٿيندڙ بيماري تي خرچ ٿي وڃي ٿو، لوڻ فيڪٽري علائقي ۾ معاشي بهتري ياروزگار جو وسيلو بڻجن بدران ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي،
ڳوٺاڻا  ٻڌائن ٿا ته لوڻ جي ڍنڍن کان فيڪٽري تائين  جيڪو لوڻ ڇڪڙن ذريعي نيو وڃي ٿو ان سان زرعي زمينن کي وڏو نقصان پهچي ٿو، زمينو کاريون ۽ ڪلر ٿي وڃن ٿيون ۽ جر جو پاڻي زهريلو ٿي وڃي ٿو، اڳ ۾ جڏهن سانوڻي جي مينهن پوندا هئا ۽ رڻن ۾ به پاڻي گڏ ٿي ويندو هو ته سياري جي موسم ۾ پرديسي پکين جا وڏا وڏا ولر رڻ تي به اچي بسيرو ڪندا هئا،
پر فيڪٽرين جي شور، هيوي گاڏين جي اچ وڃ ۽ ڍنڍن مان لوڻ ڪڍڻ لاءِ  مشينن  ذريعي جلدي  برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سبب پرديسي پکين به اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.
اڇو پاڻي لڙ ٿوي ڪلوريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن تنهن سر مٿي هنجڙا.
ايترن سارن مسئلن ۽ مشڪلاتن هوندي هي علائقو انساني قدرن محبتن ۽ ڀائيچاري ۽ امن، ڪلچر ۽ فطري خوبصورتي جو هڪ املهه مسڪن محسوس ٿئي ٿو، جنهن لاءِ اياز چيو آهي ته
اوچتو ويندين ملي،
                                  سامروٽي ۾ ڪڏهن،
          چنڊ هيٺيان پائبي
          رات ڀرساڳي رلي،

                                  سامروٽي ۾ ڪڏهن !!!! 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو