Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (حاجي ساند)

نظم
حاجي ساند
”مون ته سوچيوھو پرين
تون ساھ کي پويان ڇڏي
چاھ ڏي ايندي لنگھي
مون ته سوچيو ھو پرين “
مون کي ھاريندين به ڪيئن
ھي گلن جي ديس جھڙو
پيار ٻاريندين به ڪيئن
وحشتن جو ديو ڪوجھو
زندگي ڀر پيو ٽڏي
مون ته سوچيو ھو پرين
زلف ڇائن ۾ رکنداسين
ٿڪ لاھيان پئي اکين سان
ساھ ٻانھن ۾ رکي
آءُ توکي محبتن سان
عمر ڀر ڇڏيان اڏي ۾
مون ته سوچيو ھو پرين“
ھي دور مرڪن پيا سدا
ساڻ تنھنجي جا چني تي
پور مرڪن پيا سدا
منھنجي چوڙين جي جھنڪ
پئي سدا تو کي سڏي
مون ته سوچيو ئي نه ھو،
ھيئن ھاريندين پرين“
ساھ وارڻ جي بجاءَ
ساھ وارڻ جي بجاءِ
مون کي واريندين پرين،
عشق جون ھي نعمتون
تو منجھان وينديون لڏي
مون ته سوچيو ئي نه ھو

مون ته سوچيو ئي نه ھو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو