Monday 9 June 2014

انسائيڪلوپيڊيا ۽ الجهاءَ (محمد هنڱورجو) حصو پهريون

بدر ڌامراهو جو ڪتاب ”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ وڏو عُنوان ڏسي ورتم. ”پيش لفظ“ پڻ پاڻ لکيو اٿائين. شروع وارا چند دلچسپ جملا ڪجهه هن طرح هئا/آهن.
”شاهه تي جيڪي به ڪم ٿيو آهي، اُهو اسان جي وس ۽ وت برابر آهي. پر حقيقت ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي اُهو نه جي برابر آهي. اسان هن وقت تائين فني ۽ فڪري لحاظ کان شاه تي ڪم پئي ڪيو آهي. سائنسي ۽ تاريخي نقطهءِ نگاه کان شاه تي ڪم ٿيو ئي ڪونهي هن ڪتاب ۾ اسان سائنسي ۽ تاريخي نقطءِ نگاه کان شاه جي شعر تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
سائنسي تحقيق واري دعويٰ کي ڌيان ۾ رکي اڳتي ورق ورايم سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه آئي رُڳو شاه جي شاعريءَ ۾ آيل مختلف شين وڻن ٻوٽن، جيت جڻين، ماڳن مڪانن، ڪمن ڪردارن ۽ رنگن روپن وغيره جا اڪثر نالا چونڊي 242 صفحن واري صفحن واري هن ڪتاب کي ٻارهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. اُهي ئي اڳ وارن شارحن جون (صحيح يا غلط) معنائون ۽ وضاحتون.! ڪٿي ڪي اضافي ٻه اکر ته ”اڳيون سوجهرو به چٽ“ واري ڪار! بهرحال 2007ع ۾ هي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. سائنسي تحقيق ته بجاءِ خود، منهنجي خيال ۾ شاهه کي سمجهڻ جو شوق رکندڙن لاءِ مزيد مونجهارا پيدا ڪيا ويا آهن. مناسب ٿو سمجهان ته انهن مان چند جو ذڪرمعزز پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي. بيت معنائون توڙي خاصيتون فاضل ليکڪ جيئن لکيون آهن بلڪل تيئن لکي بعد ۾ پنهنجي راءِ ڏبي.
باب 1 (وڻ، ٽڻ، ميوا ۽ اناج) ص 13   ”پپون“:
بدر :  پپون= ”هي جهنگلي وڻ جو ميوو آهي. ڪنڊيءَ جي سڱريءَ جيڏو سائي رنگ جو ٿئي ٿو. مگر منجهس سڱريءَ وانگر ٻج ڪونه ٿين. ذائقي ۾ کٽو ٿئي برسات ۾ ڪنڊيءَ جي پاڙن ۾ اڀڙندو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي:
ٿا جا ٿربرجهل ”پپون“ پائر وٽ ۾،
سيئي سارئو سومرا، اچي آءُ اڇل،
سانگين ڏنم سَل، ڏٺي جن ڏينهن ٿيا.
(سر مارئي 9–13)“
عجب آهي: موصوف جي هن مختصر تحرير ۽ تعريف ۾ هيڏو هي تضاد. هڪ طرف چوي ٿو ته ”هي جهنگلي وڻ جو ميوو آهي“ ۽ ٻئي پاسي وري اهو ته ”برسات ۾ هي ڪنڊيءَ جي پاڙن ۾ اُڀڙندو آهي“.
جڏهن ته پپن جو هڪ ننڍڙو ٻوٽو آهي (واحد:پِپَ، جمع: پپون). جيڪو مختلف وڻن ۽ ٻُٿن جي لڳ يا وچ ۾ اُڀڙندو آهي. هيٺ هڪڙي پاڙ هوندي اٿس. زمين مان نڪرندي تاڙين وانگر پپون ڪڍندو آهي. جيڪي واقع به ڪنڊيءَ جي سڱرين مشابهه هونديون آهن. جيستائين ڪچيون آهن ته ذائقي ۾ کٽيون، پچڻ سان ڪڙيون ٿيو وڃن. مٿي ڇيڙن تي منجهن ڌاڻن جهڙا مگر انهن کان ننڍڙا ڦر لڳن جن ۾ ڪاري رنگ جو سنهڙو ٻج ٿئي. هوڏانهن مٿي ڏنل بيت ۾ بدر صاحب لفظ ”آب“ بجاءِ ”آءُ“ آندو آهي جيڪو صحيح ناهي. دراصل بيت جي ٻِي سٽ هن طرح آهي.
سيئي ساريو سومرا، اچي ”آب“ اڇل.
يعني: اُهي (سانڀي/سانگي) ياد ڪريو، منهنجي اکين مان اُٿليو هيڪاندا لڙڪ لڙيو ٿا پون.
باب 1 ، ص 15    ”ڊامڻ“:
بدر :  ڊامڻ= “هي گاهه جو قسم آهي. سُر سارنگ ۾ هن گاهه جو نالو ملي ٿو. ڏوٿي هن گاهه جون پاڙون ڏُٿ طور استعمال ڪندا آهن (11) هن گاهه جي ٻوٽي جي تيليءَ ۾ رس ٿئي ٿي. تيلي پڪي کان پوءِ مٺي ٿئي ٿي. سنگ واڱڻائي ٿيندا اٿس. طاقتور چارو آهي (12) گهوڙو تمام گهڻو کائيندو اٿس. هن گاهه لاءِ ڪي پهاڪا مُروج آهن.
جهڙوڪ: 1.ڊامڻ گهوڙي لاءِ آمڻ، پر سُڪل نه سائو
2. ڪل جنهن جي ڪڙمين سي ڊامڻ ڪيئن چرن. (13)
شاهه صاحب هن ٻوٽي بابت فرمايو آهي:
سرها سرسبز ٿيا ”ڊامڻ“ ڊٻ ڪيا.
(سر سارنگ 2-2)“
فاضل مرتب 3 حوالا ”لغات قديمي قليچ 1924ع“ ۽ ”سنڌ جا گاهه شامنداس 1913ع“ ڏنا آهن. ظاهر آهي تحقيق ته بجاءِ خود، سندس ڪا ذاتي راءِ به ڪانهي. باقي مٿي (حوالي طور) ذڪر ڪيل نهايت ئي معتبر ۽ مانوارن عالمن کي ڀانئجي ٿو ته ٿر جي گاهن جي پوري پروڙ نه هئي سو ڪٿي انهن (گاهن) جي ساختن تي ته ڪٿي وري خاصيتن بابت پنهنجي اوٽ ۽ اندازي تي ئي لکي ڇڏيائون.
هن گاهه جو ٻُوٽو (پَنن ۽ سنگن سميت) ٻاجهر جي ٻوٽي جهڙو مگر ان کان ڪافي ننڍو ڏيڍ ٻه فوٽ جو ٿيندو آهي. تيليءَ ۾ ڪا خاص رس به ڪانهي البت عام سائي گاهه واري منجهس معمولي آلٺ/آلاڻ هوندي آهي. هن جو اَن/ٻج ڀُرٽ جهڙو هوندو آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٿري ماڻهو ڏُٿ طور استعمال ڪندا هئا. باقي هن گاه (ڊامڻ) جون پاڙون ٿري ماڻهن ڪڏهن به ڏُٿ طور استعمال ناهن ڪيون، نه وري اُهي ڪنهن اهڙي ڪم جون آهن.
باب 1 ، ص 17  ”سيارڇ“
بدر: سيارڇ= ”هي ول جو قسم آهي برسات ۾ ٿر ۽ پوٺي تي ڦٽي ٿي چوٽيءَ تي ڳاڙها گل جهليندي آهي (15) ٿري ماڻهو ڀاڄيءَ طور استعمال ڪندا آهن.
سائون ”سيارڇ“ مکڻي جيڏيون آڻن جال
(سر مارئي 9_5)“
فاضل ليکڪ هڪ حوالو ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف” پُڻ ڏنو آهي. پر هتي هن وقت اِن نالي واري ڪا وَل موجود ناهي. نه اُها ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿي. ٿر ۾ رائج مختلف ٻولين ۽ محاورن سان متعلق ڪافي سمجهدار ماڻهن کان سندن علائقن ۾ وڃي پڇا ڪئي وئي. مگر هيستائين هن نالي واري وَل جي ڪنهن به تصديق ناهي ڪئي. ممڪن آهي هن وَل جا ڪي ٻيا به نالا هجن. ڪو نالو (سيارڇ) متروڪ ٿي ويو هجي. ڪنهن ٻئي نالي سان اڄ به ان کي سڏيو ۽سڃاتو ويندو هجي. (؟)
باب  ، ص 18 ”ڦرهه“:
بدر:  ڦرهه=”هي مُرٽ نالي هڪ ٻوڙي جو ميوو آهي. برسات جي موسم ۾ ٿر ۾ ٿئي ٿو. قد ٽي چار فوٽ ٿيندو اٿس. ننڍڙا سنگ جهليندو آهي، جنهن کي ”ڦرهه“ چوندا آهن.(17) منجهس سائين جي داڻي جيڏو اَن ٿيندو آهي، جنهن کي “ڦرهه” چوندا آهن. سُر مارئي ۾ شاه صاحب ان جو ذڪر هن طرح آندو آهي؛
منهنجو تور تَلن ۾ آئون هت بندياڻي،
مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ ”ڦرهه“ ۽ لاڻي،
ڪنديس رهاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾.
(سر مارئي 3-20)“
هتي موصوف هڪ حوالو “سُر مارئيءَ ۾ ٿر جي جهلڪ، بشير احمد ميمڻ، نئين زندگي 1968ع” ڏنو آهي. جنهن  صاحب پڻ هٿ جي هڻي ڇڏي آهي. مُرٽ جو ٻٿ نما وڻ اڄ به ٿر ۾ موجود آهي. هي هر وسڪاري واري مُند ۾ ناهي ڦٽندو. پنهنجي طبعي ڄمار موجب ورهين تائين بيٺو هوندو آهي. هن جي سنگن يا اَن کي ڪڏهن ۽ ڪٿي نه “ڦرهه” ڪونه ٿو چيو وڃي. ڦرهه شايد ڪنهن وَل يا گاهه جو نالو آهي جيڪو پُڻ متروڪ محسوس ٿئي ٿو (؟) تاهم اهو اڃا به تحقيق طلب آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي مڪمل معلوم ٿي وڃي.
باب 1 ، ص 19،   ”ڦوڳ“:
بدر :   ڦوڳ= “هي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي. برسات جي مند ۾ وارياسي ۽ جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو. ٽاريون ڊگهيون ۽ ڳنڍن واريون ٿينديون اٿس. منجهس خوشبودار ٻُور ٿئي ٿو. سُر مارئي ۾ شاهه صاحب هن ٻوٽي جو ذڪر هن طرح آندو آهي.
چارن ات چاهه منهنجا، پاسي ”ڦوڳن“ ڦر.
(سر مارئي 8-16)“
بدر صاحب هتي ڪو حوالو ناهي ڏنو پر حقيقت ۾ هن وڻ بابت گربخشاڻي صاحب واري وضاحت ئي بيان ڪئي آهي. جيڪا سراسر غلط آهي.
شاهواڻي صاحب به ”ڦوڳ“ کي ”ٻوٽي جو قسم“ ڄاڻايو آهي. ڦوڳ کي ٻوٽو سڏڻ کل جهڙي ڳالهه چئبي. مون اڳ ۾ به پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن وڻ بابت قدري تفصيل سان لکيو آهي. ڦوڳ ٿر جو نهايت ئي ڪارائتو وڻ آهي. جيڪو پنهنجي طبعي عمر تائين بيٺو ٿو هُجي. هن ۾ پَن ڪونه ٿين. رڳو سايون لاسُون هونديون آهن. وڻ ڦوٽ واري مُند (بهار) ۾ انهن ۾ ٻُور ٿئي جنهن کي ڦوڳي چون. مال ان کي شوق سان کائي. هن وڻ جي ڪاٺي ٻرڻ ۾ تيز هجي ٿي ۽ ٻاٽوڪڙ پڻ. ٿورڙي ڇڪ ڏيڻ سان سايون ٽاريون به ٽٽي پونديون آهن. ايئن بي حس ماڻهو انهن کي وڍي/ٽوڙي پنهنجن گهرن ۾ ڍڳ ڪري رکي ڇڏيندا آهن. لوهه جو ڪم ڪرڻ وارا اڪثر لوهار به ڦوڳن جي آلين ڪاٺين مان ڪوئلا ٺاهي استعمال ڪن. ايئن هي نهايت ئي قيمتي وڻ ٿر جي وڏي حصي مان ختم ٿي ويو آهي. ڏاکڻيين وَٽ واري حصي ۽ ننگر تعلقي جي اتر اولهه واري ڪجهه حصي ۾ هي وڻ اڃان به موجود آهي. اُتان جي رهواسين کي جڳائي ته سيمن ۾ هن ناياب وڻ جي سونهن ۽ سرهاڻ جي تحفظ لاءِ جوڳا جتن ڪن. هي اڪثر ننڍي قد وارو وڻ آهي. پر ڪٿي ڪٿي (خاص ڪري وَٽ واري علائقي ۾) وڏو، وچولي قد واري ٻير جيڏو يعني 10_12 فوٽ جو به ٿئي.
باب 1 ، ص 23 ،    ”ڪنڊي“:
بدر: ڪنڊي= “هي هڪ وڻ آهي، هر قسم جي زمين تي ٿئي ٿو. هي قديم ۽ وڏيءَ عمر وارن وڻن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. پر هينئر هي وڻ ڪٿي ڪٿي بچيو/رهيو آهي شايد اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن فقط ڪتابن ۾ هن وڻ جو نالو باقي وڃي رهندو. ڇاڪاڻ ته هن جو ڪاٺ نهايت ڪارائتو ٿئي ٿو. فرنيچر ۾ تمام گهڻو استعمال ڪرڻ ڪري هن وڻ جي نسل ڪُشي ٿي رهي آهي. هن وڻ جون پاڙون نهايت پختيون ۽ زمين ۾ تمام گهڻو هيٺ وينديون آهن ٿڙ نهايت مضبوط ۽ ٿلهو هوندو اٿس، پن تمام ننڍڙا ۽ سنهڙا ٿيندا اٿس. شاه صاحب سُر ڏهر ۾ هن وڻ جو ذڪر آندو آهي، فرمائي ٿو:
ڪرڪي ڳالهڙيون، ”ڪنڊا“ ڍور ڌڻين جون،
ڪنءَ سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذاريئي.
(سر ڏهر 1_1)      
ڪر ڪا ويهي ڳال، ”ڪنڊا“ ڍور ڌڻين جي،
ههڙي اڄ حال، ڏکيا ڏينهن گذاريين.
(سر ڏهر 1_2)“
اسان جا هاڻوڪا ريسرچر خبر ناهي ته ڀٽائيءَ تي ڪهڙي تحقيق ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪنڊيءَ جهڙي عام وڻ جي به کين ڪا پوري طرح پروڙ ڪانهي. بدر صاحب جون مٿي ڄاڻايل ٻه اهم ڳالهيون 1. ڪنڊيءَ جي وڻ جو سگهو ئي ختم ٿي وڃڻ ۽ ان جو نالو ڪتابن ۾ رهڻ 2. ڪنڊيءَ جي ڪاٺ جو فرنيچر لاءِ نهايت ئي ڪارائتو هجڻ ۽ وڏي پيماني تي اُنهيءَ ۾ استعمال ٿيڻ، پڙهي پاٺڪن کي يقيناً حيرت ٿيندي. جو سنڌ جي هر حصي ۾ ٿوري ڦير ڦار سان ڪنڊين جا وڻ موجود آهن. جابلو علائقي ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ البت ننڍي قد واريون ڪنڊيون عام آهن. ٿر ۾ اڳي کان به وڌيڪ آهن. بلڪه تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. سيمن کان سواءِ ٻنين ۾ خودرو پيدا ٿيندڙ ڪنڊين کي ماڻهن سنڀاليو آهي جو ڏڪارن سڪارن ۾ ڪنڊين جا پن، ٻوُر ۽ سڱر سندن مال جي جياپي جا ضامن هوندا آهن. بئراج ايريا کان ٿر ۾ لهڻ سان ٻنين ۾ ڪنڊين جو نظارو ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪي پوکيل باغ هجن، حالانڪه ڪٿي ڪي ظالم هي وڻ وڍي وڪڻندا به رهيا آهن، هوڏانهن ڪاٺ کي ڏسبو ته اهو به سخت ۽ گهڙائيءَ ۾  اڪثر سال نه اچڻ وارو، هن مان فرنيچر ٺهڻ وارو ته سوال ئي اجايو آهي، البت کوهن ۾ هيٺ چرغ/چرڪ لڳائڻ لاءِ ڪنڊيءَ جو ڪاٺ بلڪل ڪارائتو آهي جو پاڻيءَ ۾ رهڻ سان سڙي خراب ڪونه ٿو ٿئي ۽ ڪن سالن تائين سلامت رهي ٿو، ان کان سواءِ کوهه ۾ ورت وارڻ لاءِ ”ڀوڻ“ پڻ ڪنڊيءَ جي ڪاٺ مان ٺاهيا ويندا آهن. باقي غريب ماڻهو پنهنجن ڪکائن گهرن لاءِ ڪڏهن ڪو هي ڪاٺ استعمال به ڪن، ته اڪثر ان کي ڪڪوهي ۽ اڏوهي کايو ختم ڪريو ڇڏين. واضح ٿيو ته ڪنڊيءَ جو وڻ نه ته ختم ٿي رهيو آهي، نه وري ان جي ڪاٺ مان ڪو فرنيچر ئي ٺهندو آهي. مٿي ڏنل پهرئين بيت ۾ آخري سٽ جي درست پڙهڻي هن طرح آهي:
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذاريين.
يعني: (ڍوري ڌڻين جي وڃڻ کان پوءِ) تون هتي ڪهڙيءَ ريت ڏينهن ۽ راتيون گذاري رهيو آهين.
باب 1 ، ص 27 ،   ”لنب“:
بدر: لنب=“گاهه جو قسم آهي، برسات پوڻ کان پوءِ ڦٽندو آهي. هن جو ٻوٽو اٽڪل ڏيڍ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ٿڙ وارن جهڙو سنهڙو. پَن سنها چوٽين وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جو ميوو سنهڙو ٿيندو آهي. ٿري ماڻهو کائيندا آهن. پاڙ جَوَ جيتري ٿيندي اٿس. هٿ لائڻ سان ڇڄي پوندو آهي (28)
شاه  صاحب هن ٻوٽي جو ذڪر هن طرح آندو آهي.
منجها ”لنب“ لطيف چئي چائر ڪئو چاڙهين
(سر مارئي 7_4)“
فاضل ليکڪ هتي هڪ حوالو ”(سنڌ جا گاهه)شامنداس لکاڻي، ٽه ماهي مهراڻ 1947ع“ ڏنو آهي. اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي آڳاٽن عالمن توڙي پوءِ وارن محققن کي ذاتي طور ڄاڻ خاص ڪري ٿر جي حوالي سان خير ڪا هئي، ظاهر آهي انهن ٿر سان متعلق ڪن ٻين ماڻهن کان پڇي ئي لکيو هوندو. گمان آهي ته اهي ماڻهو کين ٺيڪ طرح سمجهائي نه سگهيا هوندا يا وري موصوف پاڻ ڪا ڳالهه صحيح طرح ته ڪا ابتڙ سمجهي ويهي رهيا هوندا سو ان موجب ئي لکي ڇڏيائون، بعد وارا همراه به اڪثر انهن جي پپوئيواري ڪندا پئي آيا آهن. جيئن مٿئين وضاحت مان ظاهر آهي. دراصل، لنب جو ٻوٽو ڏيڍ فوٽ ڊگهو نه، پر هڪ فوٽ جو يا ان کان به ننڍو هوندو آهي، هن جو ٿڙ سنهو وارن جهڙو نه، پر هن جا پن سنهڙا وارن جهڙا ٿيندا آهن. لنب جو ٻوٽو رڳو هٿ لائڻ سان نه ڇڄندو آهي. هن جي ٻج کي ميوو سڏڻ هرگز مناسب ناهي، اهو ٻج انتهائي سنهڙو، بنهه باريڪ سفيد رنگ جو ٿئي ٿو. سو ان کي ايتري مقدار م صاف ۽ گڏ ڪري سگهجي جو ماڻهو رڌي کائين. اهو نه اڳ ڪڏهن ممڪن هو نه اڄ آهي ۽ نه وري آئينده به ٿي سگهندو. پر سراسر چيو ويو آهي ته ٿري ماڻهو (اهو ٻج/ڏُٿ) کائيندا آهن. لطيف سائين پنهنجي شهر جي حسن، نزاڪت جي مدِنظر ردم ۽ رواني توڙي تجسيس حرفي کي اوليت ڏيڻ سان گڏ جهنگل جي ڏٿ پيدا ڪندڙ گاهن جي نسبت سان هيءُ خوبصورت سِٽ سرچي ڇڏي.
”منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪئو چاڙهين.“
ان طرح ٻيا به ڪيترائي بيت ۽ سٽون جهڙوڪ:
”چونڊيو آڻيو چاڙهيون سندا ڏؤنرن ڏار“
يا
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.
لطيف جو اهو ڪمال ته هر سطح ۽ سوچ جو ماڻهو سندس شعر کي سمجهي دلي سرور ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو.
(بقايا ايندڙ شماري ۾)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو