Monday, 9 June 2014

سونو نڪ لوسڻ جو نڪ (ڊاڪٽر عزيز ٽالپر)

اکيون، چپ، ڪن، دل، دماغ اهي عضوا ته سڀ ڪم جا آهن. باقي نڪ آدم جي اولاد کي ايترو ته خوار ڪيو آهي، جو ڳالهه ئي نه پڇو. ڳالهه ڳالهه تي نڪ ئي ڪو نه اٿئي!، ڏاڍو نڪ جو پڪو آهين، لوسڻ جو نڪ اٿئي!، تو ته نڪ ئي وڍائي ڇڏيو. وغيره وغيره. اهڙي خواري واري عضوي جي ضرورت ئي ڪانه هئي. هي ته زوري مُنهن جي وچ تي اچي قبضو ڪري ويٺو آهي. ساهه کڻڻ لاءِ نراڙ تي يا ڳلن تي ٻه سوراخ هجن ها. الله الله خير صلا. سوراخ نه هجن ها ته به سر جون ٻه پوريون تيليون ماڻهو واڇن ۾ وجهيو پيو ساهه کڻي ها نڪ واري ايڏي خواري کان ته بچي وڃي ها، جيت جڙا، پکي، مڇيون ۽ پاڻ وارا حڪمران به بنا نڪ جي هلن پيا نه! اٿن ڪا پرواهه! نڪ جو ته ڪم فقط آهي سونگهڻ! سو اسان جي سماج ۾ ڪٿان آئي خوشبوءِ! رڳو آهن ڌپون، سي اسان کي سونگهائي سونگهائي ماڳهين اڌ مئو ڪري وڌو اٿن. آئون نلڪي تان پاڻي ڀرڻ ويس ته اتي کتوڙيءَ ڏٺم، کتوڙيءَ مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. عشق جي ڀئونتري دماغ تي چڙهي ويئي، سو ڪنڌ ۾ ور وجهي، منهن چٻو ڪري چپ لڙڪائي ٺوڪي ٿو ڪلام ٻڌايانس، ”سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار پر منهنجي کتوڙيءَ پڌري لکن ۾“ کتوڙيءَ ڀونڊو گهروڙي چيو، ”لُوسي ماڻهو ٻيا به هزار پر تو جهڙو ماڻهو پڌرو لکن ۾“ اهڙو ڇٽيهه لکڻو جواب ٻڌي منهنجو ته پِتو ئي سڙي ويو. کتوڙيءَ وڃي بابي کي دانهن ڏني، بابي سائين جُٺ ڪندي چيو، ”ڇورا! نڪ ئي ڪونه اٿئي!“ مون منهن تي هٿ لائي ڏٺو، ڇهه باءِ اڍائي انچن جو نڪ برابر موجود هو. تصديق لاءِ اول پاٽ ۾ پاڻي وجهي ڏٺم پوءِ حجام واري وڏي آرسيءَ ۾ وڃي ڏٺم نڪ ڪر کنيو بيٺو هو. سوچيم بابا جي نظر ڪمزور ٿي ويئي آهي ڪا فري ڪيمپ لڳي ته اهي تارا ڪڍرائي پلاسٽڪ وارا هڻايانس ته من نڪ ڏسڻ ۾ اچيس. مٿان ڳوٺ ڀرسان ميلو ڀريو بيٺو هو. سوچيم، ”آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ سو مون هلڪي ڦلڪي چوري لاءِ هٿوراڙيون هيون، ڪٿان رلي، ڪٿان وٽو، ڪٿان ڪڪڙ چورايم، هڪڙي گهر ۾ ته ڪي ڪونه هو پر هڪ مست گڏهه بيٺو هو، سو ڪاهي اچي گهر جي پويان ٻڌم، ابا ڪڪڙ ڪا آنن تي هئي، سو آنو لاهي اچي ٿي ڳوٺ مٿي تي کڻي ڪ ڪ ڪ ڪڪان ڪان. چيومانس ”ماسي! خوار ٿي ڪرين، دل ۾ خوشي جو اظهار ڪر. آنو لاٿو اٿئي ڪو  سي ايس ايس جو امتحان ڪونه پاس ڪيو اٿئي جو توکي ڊي سي ڪندا.“ جيئن منٿ ڪريانس تيئن کنڀ کولي واليوم وڌايو ڇڏي! هوڏانهن گڏهه ته هو ئي گڏهه سو به هنگڻ شروع ٿي ويو جهڙو مڙس هائيڊ پارڪ ۾ پيو تقرير ڪري. هٿ ٻڌي عرض ڪيومانس ته ”سئوٽ! انسان ٿي خوار نه ڪر!“ جيئن منٿ ڪريانس تيئن وڏا رانڀاٽ ڪري، هوڏانهن ڪڪڙ به سُر ملايو بيٺي هجيس. ايئن پئي لڳو جهڙو فلم ۾ بابرا شريف ۽ وحيد مراد دوگانو پيا ڳائين. چوندا آهن ته گڏهه ۾ ڪم پئي ته ان جي به پيرين پئجي. سو گڏهه کي ماٺ ڪرڻ جو عرض کڻي آئون وڃي پيرين پيس، ابا ٺڪا ٿو پُستي ڪرائي ته کُر سان مون وارو نڪ اڏامي وڃي ڇت جي ناري ۾ اٽڪيو، ايترو مٿي هاڻي لاهيان ڪيئن؟ صفا بي نڪو ٿي پيس، سو هڪ جت کان عارضي بنيادن تي ڏاچي ڪاهي آيس ان تي چڙهي، مون وڇڙي ويل نڪ کي لاهي، ڇاتيءَ سان لاتو ۽ ڀڳس ڊاڪٽر ڏانهن ٽانڪا هڻائي فڪس ڪرائڻ لاءِ، ڊاڪٽر به ڪو کر مغز پٺاڻ هجي، نسوار جي نشي ۾ ڌُت تنهن منهنجو نڪ ابتو هڻي ڇڏيو يعني ناسون مٿي ۽ پاڙ هيٺ چپ مٿان، مون به ناسن ۾ نازبو، موتئي ۽ گلاب جون ٽاريون هڻي گلدستو ٺاهي، منهن کي ڏاڍو شو ڪرايو. ڪيڏي مهل وري ناسن ۾ اگر بتيون هڻيو پيو درگاهن تي باسون باسيان ۽ چلا ڪڍان، تنهن کانسواءِ ناسن ۾ اڳٺ وجهڻي، ڏندڻ، پينسل ۽ بال پين وجهيو الڳ لئي ڪريو پيو هلان. هڪ همراهه ته مونکي ميلي جي سرڪس ۾ شو ڪرڻ جي آفر ڏني. هڪ ڀنڍ فقير ته ماڳهين مونکي بودلو ڪري ٿي گهمايو، عجيب خلقت جي عنوان سان ٽي وين ۽ سنڊي مئگزينن ۾ منهنجا فيچر هليا، پر قسمت خراب! سنگت مونکي زوري گهلي وڃي هڪ ٻروچ ڊاڪٽر کان نڪ سڌو ڪرايو. نڪ ته ڊاڪٽر ڏهن منٽن ۾ سڌو ڪري ورتو باقي ”گڏهن سان صحبت“ جي نقصانن تي مونکي ڏيڍ ڪلاڪ ليڪچر ڏيئي سرائڪي ۾ جُٺ ڪيائين. آئون انهي نڪ واري افراتفري ۾ هئس ته پٺيان ڪڪڙ ۽ گڏهه جي ڦاٽ ڦاٽان تي ڌڻين ٻوليون سڃاڻي اچي بابا کان امانتون ورتيون. آئون جو گهر آيس ته بابا پنج ڏيندي چيو ”ڇورا! تو ته منهنجو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو آهي.“ مونکي پنهنجي پياري ۽ نيڪ نمازي بابا جي نڪ وڍجڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. سو پنهنجي عاقبت سنوارڻ لاءِ آئون شهر مان ڊيٽول، ملم، پٽي ۽ پلستر وٺي آيس، بابا ستو پيو هو. نڪ جو معائنو ڪيم حرام جو ڪا رهڙ آيل هجيس، وري آمون انڌي کان اٺين نمبر جو چشمو وٺي باريڪ بينيءَ سان معائنو ڪيم نڪ سورهن آنا سلامت تاقيامت هو. باقاعدي آڪسيجن کڻي رهيو هو  ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪڍي رهيو هو. سائنس جي ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته آڪسيجن باهه کي تيز ڪندي آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وسائيندي آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ تجربو ڪندي بابا جي ناسن اڳيان تيلي ٻاري چيڪ ٿي ڪيم ته اوچتو بابا جي مُڇن کي ٿي باهه لڳي، جهڙو پراڻا ڊڀ دُکي پيا هجن، باه مان آنڀُن جي خوشبو پئي اچي، منهنجو وات پاڻي پاڻي! تيسين بابا جهڙپ ڏيئي اُٿيو. ناد ۾ منهن هڻي باه وسائي مون کي ڏاڍا جوتا ٺوڪي چيائين، ”ڇورا تون ته ماڳهين اچي منهنجي نڪ جي پويان لڳو آهين“ پوءِ مونکي سڌارڻ لاءِ منهنجي کتوڙيءَ سان شادي ڪرائي ڇڏيائين آئون وري اچي کتوڙي جي نڪ مان ڦاٿس، نڪ جي ڊيڪوريشن لاءِ فرمائشون شروع ٿي ويون. لؤنگ، هيرو، ڪِليءَ، ڪوڪو، ڦلڙي، بُولو ۽ نٿ، نٿ نڪ پٽي نه وڃي، ان لاءِ وري ڏانوڻي کپي سا به سون جي. سون جو اگهه ستين آسمان تي پهتل، اچي ڦاٿس، انڪار ڪريان ته مائي ٻنجرو اورانگهيو اها پئي مائٽن ڏانهن وڃي. نيٺ عقل تي زور ڏنم هڪ ريٻاري دوست هو ان کان ڏاچيءَ جي نڪ واري مهار وٺي، ڪِلي کي سون جهڙو رنگ ڏياري اچي مائي کي وڌم، مائي سوني ڪلي ڏسي ٺري پئي، نڪ چپٽيءَ ۾ جهلي ويجهو ڪري ڏنائين مون به ڪِلي سندس نڪ ۾ وجهي، ٺوڪي مهار کي کڻي کٽ جي پاڳي سان ٻڌو، زيور جو زيور! پابندي جي پابندي! پوءِ ڪلام ٻڌايومانس ”ڏاچيءَ واليان موڙ مُهار وي... ڏاچي واليان...“ پوءِ بابي اچي مهار مان ڪڍيس، پر کتوڙيءَ اهڙي ته سڌري ويئي جهڙو مدرسي مان علماء جو ڪورس ڪري آئي هجي. نڪ جا ايڏا تجربا ڪري، سور سهي مون سوچيو ته ڇو نه نڪ تي تحقيق ۽ اڀياسي ويهڪ ڪجي. پوءِ هڪ عدد عاليشان ٿيسز لکي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي نڪڙالاجي ڊپارٽمينٽ کان ڊگري وٺي نوبل پرائيز ماڻجي. انهي نيڪ ۽ عظيم مقصد لاءِ مون جاگرافي چينل وارن کان هڪ عدد انگريز فوٽو گرافر مسٽر وِليم هڙڇٽ آندرو ٺيڪي تي ورتو. کيس ڏيڏرن جي رانن جا تِڪا، تِڏ، سانڊي، ککر ائنڊ اڪ مڪڙ جي مڪس ڪڙهائي، ڪاري نانگ ۽ لُنديءَ بلا جا شيخ ڪباب کارائي، نڙ ڪري، ٻوڏ متاثرن کان هڪ هڪ تمبو ۽ هڪ هڪ مڇردانيءَ وٺي پُٺن تي ٻڌي، نڪ جي ريسرچ لاءِ اسين ٻئي لاهوتي لامڪان بنجي ٿرن برن ۾ ڪاهي پياسين، وليم هڙچٽ آندرو اهڙو لوُسيءَ هجي جو رڳو پيو ماين جا فوٽو ڪڍي، سندس ٽوپلو لاهي، ڳچي واري ٽائي ۾ واري ٻڌيمانس تڏهن وڃي سڌو ٿيو. پهرين هڪ بِني نڪ وارو ٻار ڏٺوسين، چيم ”ابا تنهنجو نڪ بِنو ڇو آهي؟“ چيائين، ”امان کي منهنجي نڪ آڍڻ کان وڌيڪ ٻيا تمام گهڻا ضروري ڪم هئا ان ڪري آئون بِنو رهجي ويس.“ ڊينبي نڪ واري ٻار جو به بيان ساڳيو هو، ان جي ماءُ به ڪا وڏي ترڙ هئي. نڪ اهڙو ڪري ڇڏيائينس اهو شهل، ڏوريءَ ۽ ڪارب کانسواءِ ٺهيل هو. پنهنجا اوزار ٿيلهي مان ڪڍي ماپ ڪئسين، ماپ نه ٿي سگهي ان ڪري جو اهو نڪ جاميٽري ۽ جاگرافي جي اصولن مان ئي آئوٽ هو. چپڙي نڪ واري همراه جي ماءُ ان جي نڪ کي رڳو پاسن کان آڍي برلن واري ديوار ڪري ڇڏيو هو. مُنهن جي وچ تي جهڙو هارڊ بورڊ جي پارٽيشن لڳي پئي هجي، مون ساڄي پاسي چُهنڊي هنئي، کاٻي پاسي کي خبر ڪانه پئي. وري کاٻي پاسي تي لپاٽ هنيم ته ساڄي پاسي کي خبر ڪانه پئي. همراه جهڙو منهن تي پاسيري سليٽ کڻيو پئي هليو. پوءِ ڪاٺ ڪُٽو ڏٺوسينن، ان کي وري بچي شل ناني آڍيو هجي. سو ناني اوور ٿيندي نڪ جي چنهنب گهڙي چپن کان به هيٺ لاهي صفا لئنسڊائون پل ڪري ڇڏي هئي. همراه ڳالهائي ته ائين پيو لڳي جهڙو ڪاٺ ڪُٽو وڻ جي ٿڙ ۾ پيو سوراخ ڪري. وري هڪ نوساٽيو نڪ ڏٺوسين اهو بنا دعوت واري ڪاڄ ۾ چر تي پيو نوس نوس ڪري ته من ڪا ٻوٽي ملي وڃيس، کيس لابارو ڪندڙ ماين، سرڪاري استپال جي زناني، او پي ڊي ۽ گرلس اسڪول جي ٻاهران نوس نوس ڪندي ڏٺو ويو. سنگهارو نڪ وارو ٻار ڄڻ گهميل جهڙو سم نالي جي ڀر وارو جهڪو ٻارو هجي، سڄو ڏينهن سڻڪ سُڻڪان، مال هيٺ لهي ته مٿي سُڻڪيو وٺي جهڙو ڪارچوپ تي اڳٺ پيو ٺهي. نڪ مان مال ڪڍيو هٿ ڪانچ سان اُگهيو ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڀرسان ويٺل همراه جي ڪانچ سان به اُگهيو وٺي. وري هڪ فريادي نڪ وارو همراهه ڏٺوسين اهو هڪ منٽ به نڪ کي سک سان رهڻ نه ڏي، ڪا سوچ ڪري ته آڱر نڪ ۾ کوٽ کوٽان، جهڙو آثار قديمه جي کوٽائي پئي هلي. وري ڏس ته چپٽيءَ اندر وجهيو نڪ جا وار پٽيو قدرتي فلٽر سسٽم پيو تباهه ڪري، وري ڏس ته نڪ ۾ تيليءَ وجهيو زور سان هٿرادو ٺپو ڏيو  هانءُ پيو ڦاڙي. اهڙي همراه جي نڪ اسان کي دانهن ڏني، چئي ”هي باه لڳو! پنهنجي نڪاح ٻڌي زال سان به اهڙي ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ٿو ڪري جهڙي مون مسڪين سان ٿو ڪري، مهرباني ڪري هِن تي فحش حرڪتن جي ايف آءِ آر ڪاٽي منهنجي جند ڇڏرايو يا مون کي آپريشن سان هن جي منهن تان هٽائي ڪنهن شريف ماڻهو جي منهن تي فِٽ ڪرايو، چيومانس ”ادا نڪ دعا ڪر ته هن کي ڪو چار کنڀو فالج ٿئي ته تون سک جو ساه کڻندين نه ته جيسين هي نڀايو نٿو پئي. تيسين ايئن قابو هوندين جيئن سنڌ گورنر مان اچي ڦاٿي آهي؟ پوءِ اسان هڪ ناسراٽيو نڪ ڏٺو. اهڙو نڪ هجي جهڙو چپن مٿان دونالي بندوق رکي هجي. ناسون به ايتريون ڪشاديون، هوادار ۽ ويسٽ اوپن جو مون وارو فوٽو گرافر وليم هڙچٽ آندرو ته ڪپڙا لاهي گوڏ ٻڌي اندر لهي ويو ۽ همراه جي ميڄالي جا فوٽو به ڪڍي آيو، ٻاهر نڪتو ته اهڙو پئي لڳو جهڙو گپ ۾ گانٺيو ڪري پيو هجي. هڪ حجام سروي دوران ٻڌايو ته اهڙي هڪ ناسراٽيي همراه جي نڪ جا وار ئي لاٿم ته همراه وڏو ساه کنيو آئون قينچي سميت اندر کڄي ويس، پاڙي جي دُڪاندارن منهنجي پيرن ۾ واجهه ٻڌو پوءِ ويهن مڙسن ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. هاڻي جڏهن به ناسراٽيي نڪ مان وار ڪتريندو آهيان ته گهوڙيءَ وانگر پير ۾ پوياڙي ٻڌي پوءِ اهو ڪم ڪندو آهيان. پوءِ اسان کي هڪ ڪنگ سائيز نڪ وارو همراهه مليو، تنهن ٻڌايو ته ننڍي هوندي ماڻس سندس نڪ آڍڻ لاءِ آبٿ ڪندي هئي، سڄي ڳوٺ جون مايون اچي نڪ آڍڻ جي پريڪٽس ڪنديون هيون ڪي پاپڙين تائين کلين جو ماس، ڪي لؤڻن تائين نراڙ جو ماس روڙي نڪ ۾ هڻنديون هيون ته ڪي وري هيٺ ”مُڇن وارو پلاٽ ۽ مٿئين چپ جو اڌ به نڪ ۾ هڻي ڇڏينديون هيون ۽ ايستائين هٿ ڪونه ڪڍنديون هيون جيسين نڪ وڃي ڪدو جهڙو ٿئي. هن پنهنجي نڪ متعلق زندگي جا ڪجهه يادگار واقعا ٻڌايا، چئي هڪ دفعي ناد مان پاڻي جو گلاس ڪڍندي نڪ ڦاسي پيو، پوءِ ناد ڀڃي نڪ آزاد ڪيائون، هڪ دفعي بس جي دري مان منهن ڪڍي کاچا ٿي ورتم ته نڪ دري ۾ ڦاسي پيو پوءِ ڊرائيور جيڪ تي کڻي نڪ اندر ڪيو. هڪ دفعي والي بال راند پئي ڏٺم ته رانديگر زور سان ڏيڍي والي هنئي ته بال منهنجي ڏائي ناس ۾ گهڙي ويو. مئچ لڳي پئي هجي ٽورنامينٽ پوءِ ته مونکي سمهاري هڪ ٻار اندر موڪليائون اهو بانبڙا پائي اندر ويو بال ته ڪڍي آيو پر اندران ڪوپ، ساسرون، گلاس، چمچا پليٽون، سالن کان اندر ڦاٿل سڄي گهر جي ڪراڪري ٻاهر ڪڍي آيو. وڌيڪ ٻڌايائين ته شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ جڏهن نادرا آفيس ويو ته انهن جي ڪئميرا مان نڪ آئوٽ هو. وري اسٽوڊيو ۾ فوٽو ڪڍائڻ ويو ته اسٽوڊيو جي در جي ڪُنڍي ۾ نڪ ڦاسي پيو پوءِ ويلڊنگ واري اچي، اليڪٽرڪ ويلڊنگ تي نڪ آجو ڪيو. پوءِ آرٽسٽ کان فوٽو ٺهرايائين، تنهن رڳو نڪ لاءِ ٽين رنگ جو گهرايو ۽ ٽي شيٽون پني جون اضافي لڳايون پوءِ اهو فوٽو نئون دفعا ننڍو ڪرايائين ته شناختي ڪارڊ ٺهيو. ان ۾ به هڪ پاسي رڳو نڪ جو فوٽو هو ۽ ٻئي پاسي نمبر، عمر ۽ پتو وغيره لکيل هو. وڌيڪ رپورٽ ۾ هن اهو به ڄاڻايو ته سندس مرحيات پيءُ جو به ايڏو نڪ هو. جنهن لاءِ ڇهه وال ڪفن وڌيڪ وٺڻو پيو ۽ ڏوليءَ سان گڏ کڻڻ لاءِ هڪ عدد ٽپائي به ٻڌڻي پئي. پوءِ اسان کي هڪ عجيب و غريب نڪ ڏسڻ ۾ آيو جنهن لاءِ چيائون پئي ته انهي نڪ کي جيترو وڍيو اوترو وري ڦٽي ايندو. اهي لوسڻ جا نڪ اسان سنڌ ۾ ڪثيرالتعداد ۾ ڏٺا، گوسڙو ماسترن، عطائي ڊاڪٽرن، ڪرپٽ ڪامورن، غدار وڏيرن ڀتاخورن، قبضا مافين، ڀنڊيءَ باز لکڻينداسن سڀني کي لوسڻ جا نڪ هئا. ايتريقدر جو سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مان به وڏي اڪثريت کي لوسڻ جا نڪ هئا. گلي، گلي ۽ شهرشهر ۾ ايترا لوسڻ جا نڪ ڏسي، سندن فوٽو ڪڍي ڪڍي، مون واري فوٽو گرافر مسٽر وليم هڙچٽ آندرو کي صدمي ۾ دل جو دؤرو پيو ۽ هو گذاري ويو. کيس پاڻ جي ڪتن جي ڪفن ۾ ويڙهي، تابوت ۾ وجهي، مٿان ڪوڪا ٺوڪي، باءِ ايئر برطانيه موڪليم ۽ سندس انتقال پُر مَلال جي خبر ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب پهتس ڏسان ته پاڻوارو وزير تعليم صاحب انتهائي نڪ جي پڪائي سان پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي فرمائي رهيو هو. ته سنڌ ۾ فقط يارهن هزار اسڪول بند آهن، فقط سٺ هزار ماستر گوسڙو آهن ۽ هڪ به نالي چڙهيل خانگيءَ اسڪول ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪونه ٿو پڙهايو وڃي، چيومانس ”جيئند اقبال! پوءِ اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو؟ توهان اسپيڪري ڇڏي، تعليم جي وزارت، مال ڪمائڻ لاءِ ورتي آهي ڇا؟ توهان جي سچا ٿيو ۽ مڙسي ڪريو ته تعليم کاتي مان مڪمل ڪرپشن ختم ڪرائي، گوسڙو ماسترن جي ويزا ۽ پگهار بند ڪري، کين سڌو ڪري سگهو ٿا. خانگي اسڪولن جا لائسنس رد ڪري کين سنڌي پڙهائڻ جو پابند بنائي سگهو ٿا جيئن انهن جي بلڊنگن مان به الف انب ۽ بي بلا جون صدائون گونجي پوڻ تي سنڌ جي ڪروڙها ٻارن جو مستقبل ۽ مادري ٻولي بچي پوي ته يقين ڪريو ته سنڌ جا عوام اوهان کي به مير غلام محمد ٽالپر، حسن علي آفنديءَ، نور محمد وڪيل، الهندو شاهه، قاضي محمد ابراهيم ٿيٻو ۽ محمد اشرف ٿيٻو وانگر سونو نڪ پارائيندا. ٻي صورت ۾ اڄ اها وزارت آهي سڀاڻي ڪانه هوندي پوءِ ايئن ئي اوهين اهو لؤسڻ جو نڪ کڻيو پيا هلندا جنهن کي جيترا دفعا لڻبو، لوُسڻ وانگر اوترا دفعا وري ڦُٽي ايندو. ”منهنجي ڳالهه تي وزير صاحب ڪاوڙجي هڪ نادري حڪم سان مونکي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو. اڄ 21 فيبروري دنيا جي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن آهي ۽ آئون لاڪپ ۾ جيجل جي جهوليءَ واري مادري ٻولي جو مؤت ڏسي زاروقطار روئندي نارائڻ شيام جو هي بيت پيو چوان. ”الا ايئن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“.
(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو