Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (خيال سنڌي)

غزل
خيال سنڌي
هئس ٻار مان، هوءَ ڀنڀوري هئي،
ننڍي هوندي جي عمر ٿوري هئي،

سڄو پاڻ ورڇي جهان ۾ ڇڏيائين،
حصي منهنجي ۾ آئي ٿوري هئي،

قسم سان اسان لئه ته سڀ ڪجهه هئي،
زماني لاءِ مڙئي هوءَ ڇوري هئي،

اسان هڪ چڻنگ جي ڪري دوست،
ٺلهي ڇار ڪيڏي ڦلهوري هئي،

همالي پساهن جو ٿڪجي پيو،
حياتيءَ جي ٻوري هي ڳوري هئي،

سهارو وتو ”خيال“ جنهن لٺ جو،

اها وچ مان افسوس پوري هئي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو