Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (ساگر خاصخيلي)

غزل
ساگر خاصخيلي
اکين مان پيئڻ کي زمانا لنگهي ويا،
اسانجي ٿڙڻ کي زمانا لنگهي ويا،
برف ئي بڻياسين نه ڀڙڪي سگهياسين،
ٻرڻ ۽ ٺرڻ کي زمانا لنگهي ويا،
يادن جي عدت مان هوءَ به اُٿي وئي،
منهنجي ڀي مرڻ کي زمانا لنگهي ويا !
ڊڀن جيئن اوسيئڙا اسان ۾ اُڳي ويا،
اوهانجي ورڻ کي زمانا لنگهي ويا،
رُسي ڪو رنجائي روئي ڍئو ڪريون،
روح سان روئڻ کي زمانا لنگهي ويا،
ڪوهه ڪاف دل جو ويران پيو آ،
پَرين جي لهڻ کي زمانا لنگهي ويا،
نڪي تو اڏيا نه اجڙي سگهياسين،

ڊهڻ ۽ ٺهڻ کي زمانا لنگهي ويا!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو